مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو ) ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل 64 يوسيز، 7 ٽائون ڪاميٽيز ۽ هڪ مٺي ميونسپل ڪاميٽي تي پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊ جي سلسلي ۾ جتي پ پ  پ، پي ٽي آءِ، قومي عوامي تحريڪ،ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، ، جي يو آءِ، سميت مختلف پارٽين جا حمايت يافته آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آھن ۽ سندن وچم چونڊ مقابلن جون تياريون زور شور سان شروع ٿي ويون آھن، اتي مک سياسي پارٽي پ پ پ ٽڪيٽ ورهائڻ واري معاملي تان شديد اختلافن جو شڪار ٿي وئي آھي ۽ ڪيترائي عهديدار ۽ اهم اڳواڻ ٽڪيٽ نه ملڻ تي سخت ناراضگي بعد الڳ آزاد پئنل ٺاهي پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊرس اميدوارن جي مقابلي لاءِ سندن سامهون ميدان تي اچي ويا آھن، جنهن ڪري ڪيترن ئي يوسيز ۽ وارڊن تي پ پ پ سان لاڳاپيل اميدوارن وچم چونڊ مقابلن واري صورتحال سامهون اچي وئي آھي، اهڙن ناراض پ پ پ جي آزاد چونڊ وڙھندڙ اميدوارن ۽ اڳواڻن ۾ پ پ پ ڏيپلو جو تعلقي صدر محمد عيسيٰ راهمون، ننگرپارڪر جو اڳوڻو تعلقي ناظم عبدالغني کوسو،  مٺي جو اڳوڻو نائب ناظم تلوڪچند عرف امر اوڏاڻي، ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو ڪائونسلر ۽ ضلعي عهديدار محمد خان لنڊ، نئون ڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري حنيف ڪنڀار، سميت ڪيترائي اميدوار شامل آھن، جڏهن ته پ پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيان چند جي وڏي ڀاءُ ۽ ڏيپلو جي اڳوڻي چيئرمين موهن لال ميگهواڙ خواهش جي ابتڙ وارڊ تان چونڊ وڙھڻ جو مليل ٽڪيٽ احتجاجن واپس ڪري ڇڏيو آھي ۽ نامزدگي فارم تان چونڊ نه وڙھڻ لاءِ دستبردار ٿيڻ جي لاڳاپيل آر او کي درخواست پڻ ڏئي ڇڏي آھي، سندس چوڻ آھي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ 12 سئو اميدوارن پارٽي جي جوڙيل بورڊ وٽ ٽڪيٽ لاءِ ڏنيون هيون، انهن مان ڪنهن به اميدوار کي ٽڪيٽ نه ملي آھي ۽ جن درخواست ڏيڻ گوارهه نه سمجهي انهن کي ٽڪيٽ ڏئي پارٽي جي سينئر، قربانيون ڏيندڙ ۽ علائقي ۾ وڏو سياسي اثر رکندڙ پارٽي ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري ديوار سان لڳايو ويو آھي، باقي نظرانداز ٿيل اڳواڻ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھن ٿا ته اهو انهن جو فيصلو آھي، هن تصديق ڪئي ته مون ٽڪيٽ پارٽي کي واپس ڪري ڇڏي آھي ۽ چونڊ تان دستبردار ٿيڻ جي درخواست پڻ جمع ڪرائي آھي، ٻئي طرف اڳوڻي تعلقي ناظم عبدالغني کوسو ٽائون ڪاميٽي ننگرپارڪر سميت يوسي هاڙهو ۽ ٻين يوسيز تي پ پ پ اميدوارن جي مقابلي لاءِ آزاد پئنل جوڙي ورتا آھن ۽ سيٽ ايڊجيسميٽ لاءِ سندن پي ٽي آءِ اڳواڻن سان پڻ ڳالهيون هلندڙ ٻڌايون وڃن ٿيون، ھوڏانهن ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر ۽ اڳوڻي ضلعي عهديدار محمد خان لنڊ پڻ ٻن يوسيز ڪلوئي ۽ سارهوڙ تي مڪمل آزاد پئنل پ پ پ اميدوارن جي مقابلي لاءِ ميدان تي آندو آھي، جتي سندس پئنل جي سيٽ ايڊجسمينٽ تحت پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ارباب گروپ حمايت ڪئي آھي، اهڙي طرح پ پ پ تعلقي ڏيپلو جي موجوده صدر محمد عيسي راهمون پڻ ناراض ٿي مڪمل پئنل سميت آزاد چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ مٺي جي اڳوڻي نائب ناظم ۽ عهديدار تلوڪچند عرف امر اوڏاڻي به ميونسپل ڪميٽي مٺي جي وارڊ 5 تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو آھي. ساڳي طرح ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي ڪل 15 مان 12 وارڊن تي پ پ پ سان لاڳاپيل اميدوارن آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھڻ لاءِ ميدان تي لٿل هجڻ سان گڏ ضلعي جي سمورين يوسيز ۽ ٽائون ڪاميٽيز تي پڻ پ پ پ جا اميدوار آمهون سامهون آھي.