ڪراچي پوليس احتجاج لاءِ پريس ڪلب پهتل استادن تي ڪڙڪي پئي، لٺبازي، گرفتاريون

0
480

ڪراچي: ڪراچي پوليس احتجاج لاءِ پريس ڪلب پهتل استادن تي ڪڙڪي پئي، پوليس پُرامن استادن کي جائز مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج نه ڪرڻ ڏنو، پوليس طرفان استادن تي لٺبازي ڪئي وئي

پوليس 20 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ورتو، سنڌ جي مختلف علائقن مان پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي استاد احتجاج لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتا هئا

 استادن جو چوڻ آهي ته 2018ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي اڃا تائين پڪو نه ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي سالياني انڪريمينٽ به بند ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ جائز مطالبن لاءِ آواز اُٿارڻ تي به اڻ اعلانيل پابندي لڳائي وئي آهي، ڇا اسان دهشتگرد هئاسين جو احتجاج کان روڪيو ويو، حڪومت کي جائز حق ڏيڻا پوندا

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ 21 هزار ڀرتين خلاف متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي