ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ قائم پاڪستان جي سڀ کان وڏي ويڪسينيشن سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ ڪانٽريڪٽي ملازمن ٽن مهينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف ويڪسين لاءِ رجسٽريشن جو عمل روڪي ڇڏيو، چئن ڪلاڪن تائين رجسٽريشن جو عمل بند رهڻ بعد صحت کاتي جي اختيارين ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، ان حوالي سان ڪالهه ايڪسپو سينٽر ۾ قائم ٿيل ويڪسينيشن سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ 300 جي لڳ ڀڳ ورڪرز ٽن مهينن کان پگھارون نه ملڻ تان ويڪسينيشن جي رجسٽريشن وارو ڪم روڪي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڪانٽريڪٽي ملازمن جو چوڻ آهي ته کين پنهنجو حق نه پيو ڏنو وڃي، ملازمن چيو ته اسان کان سخت ڊيوٽي وٺڻ باوجود ٽن مهينن کان پگھارن جي ادائگي ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري احتجاج تي مجبور ٿيا آهيون، ملازمن جي احتجاج کانپوءِ ڊي ايڇ او ايسٽ جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي وفد ملازمن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.