پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪنھن ڪيو؟ وفاقي سرڪار کان جواب طلب

0
230
پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪنھن ڪيو؟ وفاقي سرڪار کان جواب طلب
پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪنھن ڪيو؟ وفاقي سرڪار کان جواب طلب

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪنھن ڪيو؟ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو، پنجاب حڪومت جي نمائندن کان بھ جواب طلب ڪيو ويو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقليءَ واري درخواست تي ٻڌڻي ھلائي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت دليل ڏيندي چيو ته ھن عدالت گذريل ڏينھن وڪيلن کي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات جي اجازت ڏني ھئي، پر اسان اٽڪ جيل وياسين تھ پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملڻ نھ ڏنو ويو

 چيف جسٽس چيو ته مون آرڊر ۾ دير ڪئي ھئي ان ڪري توھان کي ملاقات جي اجازت نھ ملي ھوندي، وڪيل شير افضل مروت چيو تھ پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس خاندان ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي

 چيف جسٽس چيو تھ پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات بابت آرڊر پاس ڪندس، جيڪو قانون ۾ آھي اھو توھان کي ضرور ڏينداسين، ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

تنقيد ڪندڙ اسان جيترو ڪم ڪري ڏيکارين: بلاول ڀٽو زرداري