سانگهڙ ويجهو ڇتي ڪتي ٻن معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيو

0
200

سانگهڙ (رپورٽر) سانگھڙ ويجھو ڳوٺ رحيم خان مري ۾ ڇتي ڪتي گھر ۾ گھڙي ٻن ٻارڙن کي ڏاڙھي وڌو، ڇتي ڪتي اڍائي سالن جي محمد عديل ۽ محمد شريف مري جا منھن پَٽي ڇڏيا

ٻنهي ٻارڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سول اسپتال سانگھڙ ۾ وئڪسين نه ھئڻ سبب زخمي ٿيل ٻنھي ٻارڙن جون مائرون دانھون ڪنديون رھيون

 ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال ۾ بھ وئڪسين نھ ھئڻ سبب  ٻنھي ٻارن کي نوابشاھھ ريفر ڪيو ويو، غريب والدين وٽ پئسا نھ ھئڻ سبب ٽائيم نيوز جي ٽيم ٻنھي ٻارن کي نوابشاھه اسپتال منتقل ڪرايو