اتحادي حڪومت جو اڄ آخري ڏينهن، نگران وزيراعظم جو اعلان نه ٿيو

0
287
شهباز شريف کي ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي
شهباز شريف کي ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

اتحادي حڪومت جو اڄ آخري ڏينهن آهي، وزيراعظم شام تائين قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري صدر کي اماڻي ڇڏيندو، نگران وزيراعظم لاءِ نالو سامهون نه آيو

 نواز ليگ جي اتحادي حڪومت جو اڄ آخري ڏينهن آهي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم شهباز شريف چئي چڪو آهي ته 9 آگسٽ تي حڪومت گهر هلي ويندي

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اڄ شام تائين  صدر ڏانهن اُماڻي ڇڏيندو، نگران وزيراعظم لاءِ نالي جو به ڦم اڄ اعلان ٿيڻ جا امڪان آهي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي سمري ملڻ جي ٻئي ڏينهن صدر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ صدر کي ايڊوائيس اُماڻيندس ته قومي اسيمبلي ٽوڙي وڃي، آئيني گهرجون پوريون ڪندي اقتدار نگران حڪومت حوالي ڪيو ويندو

ٻئي طرف اپوزيشن ليڊر پاران به اڄ وزيراعظم سان ملاقات دوران 3 نالا تجويز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،  اپوزيشن ليڊر راجا رياض چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي هيل تائين مشاورت نه ٿي آهي

سندس چوڻ آهي ته  اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪري 3 نالا تجويز ڪندس، اُميد ته معاملو اڄ ئي حل ٿي ويندو

هي به پڙهندا

سڀاڻي صدر ڏانهن ايڊوائيس اُماڻيندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف