پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ پنهجن ۽ پراون جا چئلينج

0
391

13 آگسٽ 2021ع تي موجوده قومي اسيمبلي سان گڏ وفاقي سرڪار به پنھنجا ٽي سال مڪمل ڪري وٺندي، مطلب ته ڪجھه ڏينھن بعد قومي اسيمبليءَ ۾ جون مھيني ۾ جيڪا وفاقي بجيٽ پيش ٿيندي اُھا تبديلي سرڪار جي ٽئين بجيٽ ھوندي ايندڙ مالي سال 22-2021 جي مالي بجيٽ ڪھڙي ھوندي ان بابت صرف ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته پاڪستان جي ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف به آءِ ايم ايف مقرر ڪري وفاقي سرڪار کي ڏئي ڇڏيو آھي، نه رڳو ٽيڪس وصولين جو حدف، پر ڪھڙي شعبي کي ٽيڪس ۾ مليل رعايتون ختم ڪيون وڃن، بجلي جي قيمتن ۾ ڪيتري واڌ ڪئي وڃي، خساري ۾ ھلندڙ ادارن مان ڪھڙن ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي بابت به آءِ ايم ايف سان وفاقي سرڪار معامرا طئي ڪري چڪي آھي. اُن سان گڏوگڏ ايندڙ مالي سال دوران ترقياتي بجيٽ لاءِ ڪيتري رقم رکي وڃي بابت به آءِ ايم ايف وفاقي سرڪار کي ترقياتي بجيٽ جي رقم جو ڪاٿو ٻڌائي چڪي آھي، ظاھر آھي وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ معاھدو ڪري چڪي آھي، اُن معاھدي جي شرطن تحت آءِ ايم ايف ھر اھو ڪم ۽ قدم وفاقي حڪومت کي تجويز ڪري رھي آھي جنھن سان آءِ ايم ايف کي قرض واري رقم وياج سميت واپس ملي وڃي، باقي آءِ ايم ايف کي ڪو سروڪار ناھي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم جيڪا ھزارين ڪلو ميٽر پاڪستان کان پري ويھي نادري حڪم جاري ڪري رھي آھي اُن جو عام پاڪستان مٿان ڪھڙو اثر پوندو، جيتوڻيڪ حفيظ شيخ جي عھدي تان ھٽڻ بعد ناڻي وزير شوڪت ترين اھو اعتراف ڪيو آھي ته آءِ ايم ايف ٽيڪس وصولين جو حدف مقرر ڪري ڏنو آھي ۽ بجلي جي قيمتن وڌائڻ جي به آءِ ايم ايف وڌائڻ جي سفارش ڪئي آھي پر بقول ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ته وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف سان اِن حوالي سان ڳالھيون ڪندي ۽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي نه ٽيڪس وصولين جو حدف مقرر ٿيندو ۽ نه ئي بجلي جون قيمتون وڌايون وينديون. اھو طئي آھي ته وفاقي سرڪار کي بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين جو حدف پنھنجي مرضي جو مقرر ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي ھر صورت ۾ راضي ڪرڻو پوندو ۽ اھو به طئي آھي ته آءِ ايم ايف پنھنجي مفادن کي ڇيھو رسائيندڙ ڪو به وفاقي سرڪار جو رستو يا تجويز قبول نه ڪندي.
اِن ڪري جيڪو به رستو طئي ٿيندو اِھو آءِ ايم ايف جي مفادن وٽان ئي ھوندو. جڏھن ته ھن ملڪ جو بنيادي مسئلو مھانگائي، بيروزگاري ھن ملڪ جا شروع کان وڏي ۾ وڏا مسئلا رھيا آھن پر انھن ٻنھي مسئلن کي ھن دور جي حڪومت جي ٽن سالن ۾ جيڪي پر لڳا آھن انھن جو ملڪي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. پورهيت ته ٺهيو پر مڊل ڪلاس به لاءِ ايتري مھانگائي کان پوءِ گھر جي معمول جو خرچ ھلائڻ به آسان نه رھيو آھي. پر ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جيئن جنگي نوعيت تي وفاقي سرڪار کي قدم کڻڻ گھرجن وفاقي سرڪار اھڙا قدم نه کڻي رھي آھي، مھانگائي، بيروزگاري جھڙي اشو کي ملڪي ميڊيا کي جيئن مسلسل غور ۽ بحث ھيٺ آڻڻ گھرجي ملڪي ميڊيا به انھن کي اڪثر طور تي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿي، ڇو ته ملڪي ميڊيا اڳيان سياسي اشوز پيدا به ٿيندا آھن ۽ اصل مسئلن کان ڌيان ھٽائڻ لاءِ حڪومتون مسئلا پيدا ڪري سامھون به آڻينديون آھن. پاڻ ملڪ اندر سامھون ايندڙ پراڻن سياسي مسئلن ۾ نٿا وڃون تازو جڏھن شھباز شريف کي عدالت ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏني ته مارڪيٽ ۾ اُن بعد طرح طرح جا بحث شروع ٿي ويا، پر وفاقي سرڪار عدالتي اجازت باوجود شھباز شريف کي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ۽ شھباز شريف کي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري عدالتي فيصلي خلاف اپيل ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اِن حوالي سان ڪجھه ماڻھن جو اِھو به خيال آھي ته شھباز شريف جي آزادي بعد مريم نواز شريف جي سياسي سرگرمين ۾ گھٽتائي معنيٰ خيز آھي. شھباز شريف کي لنڊن علاج لاءِ ته وڃڻو ھو پر شھباز شريف پنھنجي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف سان سياسي معامرن بابت اھم مشاورت لاءِ وڃي رھيو ھو. جنھن مشاورت جو ايندڙ عام چونڊن ۽ موجوده حڪومت جي مستقبل تي اثر پوڻو آھي. اھڙي راءِ رکندڙ ماڻھن جو ھي خيال آھي ته اھو ئي سبب آھي جو شھباز شريف کي وفاقي سرڪار ملڪ کان ٻاھر وڃڻ کان روڪيو آھي ڇو ته شھباز شريف جيڪا پيشڪش يا تجويز کڻي مشاورت لاءِ لنڊن وڃي رھيو ھو اُن بابت تجويز ڏيندڙن به ظاھر آھي عمران خان کي اعتماد ۾ نه ورتو ھوندو اِن ڪري عمران خان به پنھنجو فيصلو ڪري سياسي حڪمت عملي سامھون آندي آھي. جيڪڏھن شھباز شريف ڪنھن جي پيشڪش کڻي مشاورت لاءِ لنڊن وڃي رھيو ھو ته شھباز شريف کي لنڊن وڃڻ کان روڪڻ وفاقي سرڪار لاءِ شايد آسان معامرو نه ھجي ۽ وفاقي سرڪار جي نه چاھڻ باوجود به شھباز شريف لنڊن ھليو ويندو. لنڊن جي دوري بعد مسلم ليگ نواز جي جيڪا سياسي حڪمت عملي سامھون ايندي اُن ۾ سياسي سمجھه رکندڙ ماڻھن لاءِ مستقبل جي مسلم ليگ ن جي حڪمت عملي بابت اشارا موجودا ھوندا. ن ليگ جي سياست تي گھري نظر رکندڙ ڌرين جو خيال آھي ته ميان نواز شريف پارٽيءَ کي ڊيڊ لاڪ واري صورتحال طرف وٺي نه ويندو، شھباز شريف جي لنڊن واري دوري جي معامري کي اتي ڇڏي پاڻ اچون ٿا جھانگير ترين جي مسئلي طرف جيڪو مسئلو به وفاقي سرڪار لاءِ ھنن ڏينھن ۾ ڏکيو ان ڪري به ثابت ٿي سگھي ٿو جو جھانگير ترين جي حامي ميمبرن وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ به جھانگير ترين پاران پنجاب حڪومت خلاف زيادتي جون شڪايتون سامھون اچي رھيون آھن ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھم خيال گروپ جا اجلاس ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.
انھن تيارين ۽ شڪايتن جو مقصد وفاقي سرڪار لاءِ ھڪ پيغام به آھي ڇو ته ڪجھه ھفتن بعد وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻي آھي جيڪا ان قومي اسيمبلي جي ايوان کي منظور ڪرڻي آھي جيڪڏهن جھانگير ترين جا حامي قومي اسيمبلي جا ميمبر وفاقي بجيٽ جي منظوري وقت موجود نٿا رھن ته وفاقي سرڪار لاءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ ھڪ وڏو مسئلو ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن وفاقي سرڪار بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ته ان کي عمران خان جي حڪومت خلاف عدم اعتماد تصور ڪيو ويندو. اھا صورتحال ان ڪري به پيدا ٿي سگھي ٿي ڇو جو حڪومتي ڌر وٽ رڳو 20 جي لڳ ڀڳ وڌيڪ ميمبر آھن جنھن ۾ جھانگير ترين جا حامي ميمبر به شامل آھن اِھو ئي سبب آھي جو عمران خان جي حڪومت لاءِ چئلينج تمام گھڻا آھن. ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته رٿابندي واري وزير اسد عمر جو وزير اعظم عمران خان پاران اسيمبليون ٽوڙڻ وارو ڏنل بيان اجايو ناھي اِھو بيان اِن طرف اشارو آھي ته تحريڪ انصاف وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ طرف به وڃي سگھي ٿي . ھي ته مون رڳو ڪجھه مثال ئي ڏنا آھن جيڪي روزانو ملڪي سياست اندر نروار ٿين ٿا.
جيڪڏهن ڳالھه عام ماڻھن جي مسئلن جي ڪجي ته اُن ۾ موجوده دور ۾ هڪ اھم مسئلو پاڻيءَ جي فراھمي بابت سنڌ صوبي جي مسلسل اعتراضن ۽ شڪايتن جو به آھي سنڌ صوبو نه رڳو ھن حڪومت دوران پر لڳاتار ٽن ڏھاڪن کان پاڻي تقسيم ۾ زيادتي ڪرڻ جون شڪايتون ڪندو رھي ٿو جن جو ڪو ازالو نٿو ٿئي . ٽيھن سالن جي عرصي ۾ پھريون ڀيرو سنڌ جي موقف کي وزير اعظم پاران جوڙيل اٽارني جنرل جي ڪاميٽي تسليم ڪيو ۽ ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي تقسيم کي 1991ع جي پاڻي ٺاھه خلاف قرار ڏنو. ظاھر آھي ته ٽه رخي فارمولي تحت پاڻيءَ جي تقسيم پنجاب صوبي جي ڪري اڪثريت راءِ سان لڳاتار ڪئي ويندي آھي ڇو ته ارسا ۾ ڪي پي ۽ وفاق جو ميمبر پنجاب سان گڏ بيھندو آھي ۽ ھاڻي ڪجھه سالن کان بلوچستان کي سنڌ صوبي کان پاڻي گھٽ فراھم ڪرڻ جون شڪايتون ٿيون آھن اِن ڪري ڪجھه سالن کان بلوچستان ۾ ارسا جو ميمبر به پنجاب صوبي جي ٽه رخي فارمولي تحت ورھاست جي حمايت ڪري ٿو، نتيجي ۾ سنڌ ارسا ۾ اڪيلي ٿي وڃي ٿي ۽ اڪثريت راءِ سان فيصلو ٿئي ٿو. ٽه رخي فارمولي کي وزير اعظم پاران اٽارني جنرل جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪاميٽي پاڻي ٺاھه خلاف قرار ڏنو تڏھن سنڌ صوبي جي موقف جي وڏي سوڀ ٿي ھئي پر سي سي آءِ ۾ اِن رپورٽ کان پوءِ وري ٻيھر ڪاميٽي ٺاھڻ جي تجويز آئي جنھن کي سنڌ به قبول ڪيو جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير ان معامري تي ٻيھر ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي راضي ٿيڻ بجاءِ اٽارني جنرل جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪاميٽيءَ جي پھرين رپورٽ تي عمل درآمد جو مطالبو ڪري ھا ته اڄ سنڌ پاڻي گھٽ ملڻ جون ايئن شڪايتون نه ڪري ھا. بلوچستان جون جيڪي سنڌ کان پاڻي گھٽ فراھم ڪرڻ جون شڪايتون آھن اُھي بلوچستان سان ويھي سنڌ صوبي کي ھر صورت ۾ حل ڪرڻ گھرجن ڇو ته بلوچستان جي ناراضگيءَ سبب ارسا ۾ ٿيندڙ فيصلن جو سنڌ کي نقصان ٿئي ٿو.
ڇو ته ارسا ۾ بلوچستان کي اھو باور ڪرايو وڃي ٿو ته بلوچستان جي حصي جو پاڻي سنڌ صوبي کي فراھم ڪيو وڃي ٿو سنڌ صوبو بلوچستان کي اھو پاڻي فراھم نٿو ڪري تنھن ڪري بلوچستان جون اھي شڪايتون سنڌ کي حل ڪرڻيون پونديون. اوھان کي ٻڌايان ته پنجاب جي بئراجن تونسا، پنجند توڙي لاھور ۾ سنڌ جي آبپاشي عملدارن جي مقرري لاءِ پوسٽون قائم ڪيون ويون ھيون جيئن بئراجن تي سنڌ جا آبپاشي عملدار ويھي پاڻي وھڪرا ۽ اُن بئراجن مان نڪرندڙ ڪئنالن کي ٿيندڙ پاڻيءَ جي فراھمي تي نظر رکي سگھن پر ارسا جا ذميوار ذريعا اھو ٻڌائي رھيا آھن ته پنجاب جي بئراجن تي سنڌ جي آبپاشي عملدارن جون اھي پوسٽون خالي پيل آھن جن تي وڏي عرصي کان مقرريون نه ٿي رھيون آھن. نتيجي ۾ جڏھن پنجاب جي پنجند يا تونسا وٽان پاڻي وڌيڪ کڻي ٿو تڏھن وڃي سنڌ کي معلوم ٿئي ٿو ۽ پوءِ سنڌ سرڪار اُن خلاف دانھون ڪرڻ شروع ڪري ٿي. ڳالھه پاڻيءَ جي کوٽ جي ھلي رھي آھي ته رڳو پاڻي کوٽ وارو معامرو ارسا جي فيصلن ڪري سنڌ ۾ ناھي پر سنڌ اندر به پاڻي تقسيم جو نظام بھتر ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌ جو آبپاشي کاتو ڪھڙي واھه کي ڪيترو پاڻي ملڻ گھرجي بابت سياسي انداز سان فيصلا ڪندو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي تقسيم منصفاڻي نه ٿي سگھندي.