ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ٽڊاپ ڪيس ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پيش،  جوابدارن جي وڪيلن ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، عدالت ٻڌڻي دوران وڪيلن ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن کي ڪورٽ روم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ان موقعي تي جج چيو ته عدالت جو ڪمرو تمام ننڍو آهي، انهي ۾ دري ۽ اي سي ناهي، گرمي سبب جوابدار بيهوش ٿي سگهن ٿا، اسان وٽ فرسٽ ايڊ جي سهولت ناهي، جوابدار اسان کي ڏاڍا پيارا آهن، کين ڪجهه ٿيڻ نه ڏينداسين، هوڏانهن ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته عمران خان جي ٽن جلسن باوجود منهنجو پٽ ملتان  مان ڪامياب ٿيو هن چيو ته سياسي استحڪام بعد معاشي استحڪام ايندو ۽ عوام کي رليف ملندو، هن چيو ته اسان ارڙهين ترميم آڻي گلگت بلتستان ۽ ڪي پي جي حيثيت قبولي، هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ٿيل ڳالهين ۾ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سمورن صوبن ۾ هڪ ڏينهن تي چونڊون ڪرايون وينديون، پي ٽي آءَ  جو قومي اسيمبلي ڇڏڻ ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ غلطي آهي.