پي سي بي ۽ يونس خان ۾ اختلاف جا وڌيڪ ڪارڻ سامهون اچي ويا

0
400

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڳوڻي بيٽنگ ڪوچ يونس خان جي عهدي کان الڳ ٿيڻ جا وڌيڪ ڪارڻ سامهون اچي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس خان ۽ هڪ ڪرڪيٽر جي وچ اوي سيريز ۾ جهيڙو ٿيو، جهيڙي بعد يونس خان ٽيم کان ڪجهه وقت لاءِ پري رهيو ۽ يونس خان جو ڪرڪيٽر سان جهيڙو هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ٿيو ۽ يونس خان جا انتظاميه سان به لاڳاپا سٺا نه هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس خان جو انتظاميه سان روزاني گلا ۽ شڪايتن جو سلسلو جاري رهندو هو، يونس خان اوي سيريز ۾ ئي وڌيڪ ڪم نه ڪرڻ جو چيو هو، ذريعن موجب انگلينڊ جي دوري دوران هوٽل آئسوليشن ۾ دير سان اچڻ تي ضد مامري کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو، هوٽل آئسوليشن ۾ دير سان اچڻ جو مطلب طئي ٿيل پروٽوڪول جي ڀڃڪڙي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طئي ٿيل پروٽوڪول جي ڪري قومي اسڪواڊ کي انگلينڊ ۾ 3 ڏينهن جي آئسوليشن ڪرڻ هئي، ريڊ لسٽ ملڪن ۾ شامل هجڻ ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽر جي لاءِ طئي ٿيل پروٽوڪولز تي عملدرآمد ضروري آهي، واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ تائين بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو هو، پر ڪجهه ڏينهن اڳ انگلينڊ روانگي کان اڳ ئي يونس خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان پنهنجون راهون الڳ ڪري ڇڏيون..