واحد قومي نصاب!‎‎
اسان جي ملڪ ۾ به عجيب روايتون آهن، جيڪي ملڪ کي اڳتي وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪينديون رهن ٿيون. اهي روايتون تقليد پرستي، مورثيت ۽ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪري جذباتيت جا فيصلا ڪرڻ وغيره آهي، تقليد پرستي جيڪا اسان جي سماج ۽ معاشري کي منجمند ۽ ڪند ذهن بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن جي باقاعدگي سان تبليغ پئي ٿئي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ملڪ “ها ۾ ها” ڪرڻ وارن ۽ ڪند ذهنن جي فيڪٽري بڻجي ويو آهي. مورثيت جنهن جو وڏي ۾ وڏو نقصان ملڪي سياست تي ٿيو آهي ڪو به اهل علم، عوام دوست ۽ عقليت پسند ليڊر پيدا نه ٿي سگهيو آهي، ڇو ته مورثيت جي ئي ڪري هاڻي سياستدان کان پوءِ ان جي انڌو اولاد سياست ۾ اچي ٿو ۽ تان جو ملڪ هر روز نون مسئلن جو مهمان بڻجي ٿو ۽ ٽئين روايت آهي سائنسي حقيقتن کي نظرانداز ڪري جذباتي يا مذهبي رنگ سان فيصلا ڪرڻ، جنهن جو هن حڪومت ۾ رواج تيز ٿي ويو آهي، مثال اسان جو ملڪ گهڻ قومن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پشتون نمايان آهن، انهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، سوچ جو انداز ۽ هيروز وغيره الڳ آهن، جيئن پنجابين وٽ ڪجهه اهڙا هيروز آهن جيڪي سنڌين وٽ  لٽيرا ۽ ڦورا آهن، اهو مسئلو ٻين قومن ۾ به آهي، جيئن بلوچ ۽ پشتون آهن، سڀني کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ انداز فڪر پنهنجو آهي، باوجود انهن زميني حقيقتن جي “واحد قومي نصاب” کل جوڳي ڳالهه آهي، ڇو ته حقيقتن کي باءِ پاس ڪرڻ سج کي کاري هيٺان لڪائڻ برابر آهي، تنهنڪري “واحد قومي نصاب” هڪ جذباتي ۽ مذهبي رنگ سان رنگيل فيصلو آهي، جيڪو عارضي مفاد جي ڪري ملڪ کي ڪو وڏو نقصان ڏئي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسان وزيراعظم عمران خان ۽ وزير تعليم شفقت محمود (جيڪي واحد قومي نصاب جا بانيڪار آهن) کي عرض ٿا ڪريون ته ملڪ کي حقيقتن جي آڌار تي هلايو وڃي، نڪي تجربن تي، هي اسان جو ملڪ آهي نڪي تجربي واري ليب.
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد
صحافت جي نالي تي عوام کي تنگ ڪندڙن خلاف نوٽيس وٺو!
قلم سان جنگ وڙهڻ هڪ جهاد جو قسم آهي پر اڄ ڪلھ جيڪو صحافت جي نالي تي قلم استعمال ٿي رهي آهي اهو حق ۽ سچ کي دٻائڻ خاطر استعمال ٿي رهيو آهي، ڪجهه اهڙا ماڻهو جيڪي صحافت جي نالي تي هٿ ۾ قلم کڻي ڏينهن رات عوام جو رت چوسي رهيا آهن، حقيقت ۾ اهي صحافي ناهن، انهن کي عوام دشمن ماڻهو چئي سگهجي ٿو. ننڍن شهرن ۾ ته حد ٿي وئي آهي جنهن جا فيس بڪ تي 1000 کان وڌيڪ فالور آهن اهي هٿ جا ڪارڊ ٺاهي چون ٿا ته اسان صحافي آهيون، عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، حقيقت ۾ صحافت ان کي ناهي چئبو، جيڪي وڏا وڏا مشهور چينل آهن اهي به بنا تصديق جي ماڻهن کي رپورٽر بڻائي ڇڏن ٿا، جنهن وٽ صحافت جي ڊگري به ناهي هوندي، صحافي اهو آهي جنهن وٽ تصديق ٿيل ڊگري هجي، ايئن ته هر ماڻهون چئي ٿو اسان صحافي آهيون، ڊگري جي بنا ڪير به صحافي نٿو ٿي سگهي، اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي عوام کي صحافت جي نالي تي تنگ ڪري رهيا آهن.
عبدالمجيد جسڪاڻي/پنو عاقل
آصف ڇلڳريءَ جو قلمي سفر!
سنڌ جي هن جوڌي جي لوهي سيخن جي قيد ۾ شايد اڌ عمر گذري وئي آهي، آصف ڇلڳري جيڪو سنڌ جي نوجوان لاءِ اعليٰ تعليم ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جون دعائون ڏيندو رھي ٿو، ھو يقينن ھڪ بھترين ليکڪ آهي، ڇو ته ھي شخص تنھائي ۾ رهندي به پنهنجي دل جا احوال اوريندو ٿو رهي، ھو شمع جي دنيا ۾ مگن پروانو آهي، سنڌ ڌرتيءَ جي مٺن ماڻهن سان سنڌ جي ڀائرن لاءِ دعاڳو رهندو پيو اچي، ھن جو قلمي ھنر يقينن اسان لاءِ سٺو سبق بڻيل آهن، اسان آصف ڇلڳڙي سان سينٽر جيل حيدرآباد ۾ ملاقات جا منتظر آھيون. اسان کي اھڙن ماڻهن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، ڇو ته اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي اھڙا ڪيئي جوڌا جوان آهن جيڪي بيڏوھي لوهي سيخن جي اندر بند آهن، جيڪي پنهنجي اندر ۾ پڻ ڪيترائي روشني جا خزانا سانڍيون ٿا وتن، “پنهنجي اخبار” وڇڙيلن سان ملائڻ جو هڪ زبردست پليٽ فارم بڻيل آهي، جيڪڏهن زندگيءَ ساٿ ڏنو ته اوھان سان ملاقات ضرور ٿيندي، ساٿ ھلندو رھي، لاٽ ٻرندي رهي، سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.
شبير احمد ڪوري/ خليفو قاسم، بدين
عادلپور ٽائون جي منزل گاھه ۽ ان جو جعلي کاتو!
عادلپور شهر قديمي آهي، ڪنهن دور ۾ هن جو عادل نالو هو بعد ۾ هن شهر جو عادلپور نالو رکيو ويو، هتي ٻه منزل کاھون آهن، جن تي بااثرن قبضو ڪري ڇڏيو آهي، افسوس ان ڳالھ جو آهي ته روينيو گهوٽڪي جي تپيدار ۽ آفيسر ملي ڀڳت ڪري شهرين کان لکين رپيا وٺي انهن کي جعلي کاتا ٺاهي ڏنا ويا آهن، سروي نمبر 332 منزل گاھ جو آهي، جنهن جي ايراضي هڪ ايڪڙ 20 گهنٽه آهي، جيڪا هن مهل ڪروڙين رپين جي ماليت جي ملڪيت آهي، جن کي گھوٽڪي جا آفيسر ۽ تپيدار ملي ڀڳت ڪري 1991ع ۾ جعلي کاتو ٺاهي شهرين کي وڪرو ڪري ڏنو ويو آهي، انهن اتي دڪان ۽ گهر ٺهرائي ڇڏيا آهن. عادلپور شهر ڄام سيف الله خان ڌاريجو جو اباڻو ڳوٺ آهي، هو ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۾ به رهيو آهي، ان به پنهنجي شهر جي مالڪي ناهي ڪئي. اسان جي سنڌ حڪومت ۽ اينٽي ڪرپشن ۽ روينيو کاتي جي اعليٰ عملدارن کي اپيل آهي ته جيڪي به تپيدار ۽ آفيسر عادلپور شهر جي منزل گاھ جا ڪوڙا کاتا ٺاهڻ ۾ ملوث آهن انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.
فرمان علي لغاري/گهوٽڪي 
خانگي انشورنس ڪمپنيءَ جو ڏنل هڪ وڏو دوڪو!
10 سال اڳ مون وٽ خانگي انشورنس ڪمپني جا ايجنٽ ايندا رهيا ته اوهان اسان سان هڪ ڀيرو ملو نيٺ هڪ ڏينهن هن مون کي پلان سمجايو ته هي پاليسي ڪرنسي موجب آهي، جيتري ڪرنسي وڌندي اوترو اوهان کي فائدو ملندو، ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اوهان کي 6 لک ملندا ۽ 20 سالن ۾ 12 لکن کان به مٿي ملندا ۽ اهي ۽ ٻيا کوڙ خواب ڏيکاريا ويا، نيٺ هلندي 10 سال مڪمل ٿيا ۽ مون کي پئسن جي سخت ضرورت هئي ۽ مون پاليسي سرينڊر ڪرڻ لاءِ ڏهرڪي برانچ پهتس ته اتي جو ڪمپيوٽر آپريٽر جو لهجو تمام سخت خراب هيو، نيٺ رمضان جو مهينو هو، ڪلاڪ کان پوءِ مون کان پاليسي جا پنا ۽ پنج سئو اسٽامپ پيپر لاءِ ورتا ويا، مون کي چيو ويو ته هڪ هفتي ۾ پئسا ملي ويندا، پر ڏيڍ مهيني تائين مان رابطو ڪندو رهيس ته منهنجا پئسا واپس ڪيو پر هو چوندا رهيا ته پئسا اوهان جي اڪائونٽ ۾ ايندا، نيٺ مان مجبور ٿي هيڊ آفيس رابطو ڪيو، انهن مون کي چيو ته اسان اوهان جي چيڪ 3.5.21 تي موڪلي ڇڏيو آهي، پر اهو چيڪ 24.6.21 تي ڏيڍ مهيني کان مٿي جي عرصي ۾ مون کي مليو سو به وڏي ڪوششن کان پوءِ، جڏهن مون اهو چيڪ ڏٺو ته مان حيرت ۾ پئجي ويس، جيڪي مون پئسا جمع ڪرايا ها ان کان به گهٽ مليا، مون هنن کان پڇيو ته منهنجا پئسا گهٽ ڇو آيا آهن، ان تي هنن چيو ته ڪمپني جا شيئر گهٽجي ويا آهن، هي دوکو هر ماڻهو سان ڪيو ويندو آهي، هي اٻوجھ ماڻهن سان وڏو دوکو آهي، جنهن کان هر ماڻهو کي بچايو وڃي.
علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو
اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون سنڌ حڪومت جو ڪارنامون آهن!
پ پ پ حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي ته هن سنڌ ۾ دل جي مرض جون اسپتالون کوليون آهن، ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، مٺي سميت ٻين سنڌ جي شهرن ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون آهن، جيڪو هڪ بهترين ۽ ساراھ جوڳو عمل آهي، انهن اسپتالن ۾ داخل مريضن جو بهترين علاج ٿئي ٿو، انهن اسپتالن ۾ گھڻين ڳالهين جي کوٽ محسوس ٿي، پهرين ڳالھ اها ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن ۾ مريض سان گڏ ايندڙن لاءِ اسپتالن ٻاهران ويھڻ جو ڪو انتظام ناهي، نه انهن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت آهي نه وري واش رومز موجود آھن، ٻي ڳالھ ته اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ مريض کي نه اندر پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جيڪو پاڻي کي مريض سان گڏ ايندڙ دڪانن تان خريد ڪن ٿا، مريض کي کائڻ لاءِ ڪجھ نٿو ڏنو وڃي، ٽي ڳالھ ته مريض جون سموريون ٽيسٽون ٻاهران ڪرايون وڃن ٿيون، ٻه کان ٽي ڀيرا مختلف قسمن جون ٽيسٽون ڪرايون وڃن ٿيون جن تي خرچ لڳ ڀڳ 10 هزار رپيا ٿئي ٿو، جيڪو هڪ مزدور ۽ غريب ماڻهو برداشت نٿو ڪري سگهي، ان سان گڏ مهانگيون انجيڪشنز پڻ ٻاهران گهرايون وڃن ٿيون، اهي انجيڪشنز شارٽ گهرايون وڃن ٿيون جنهن ڪري ميڊيڪل اسٽور وارا 7 سئو رپين جي انجيڪشن 12 کان 15 سئو رپين ۾ بليڪ تي وڪرو ڪن ٿا. مريض کي موڪل ڏيڻ وقت جيڪا دوا لکي ڏني ويندي آهي اها به ٻاهران وٺڻي پوندي آهي، اسپتال ۾ صرف مريض جي انجيوگرافي، ايڪو جي رپورٽ فري آهي، انهن ڳالهين جي خبر مون کي تڏهن پئي جڏهن هڪ مهينو اڳ مون وڏي ڀاءُ کي حيدرآباد اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو. سنڌ حڪومت کي برداشت گهرجي ته مريضن سان گڏ ايندڙن ماڻهن لاءِ رهڻ ۽ ويهڻ جو انتظام سان گڏ پيئڻ جي پاڻي، واش روم جي سهولت فراهم ڪري ڏني وڃي.
محمد قاسم ملاح/ مسڻ وڏي 
انفارميشن آفيسرن تي به تلوار وهي وئي!‎‎
عدالتي حڪم تي 36 انفارميشن آفيسرن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، اهي آفيسر پ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي دور ۾ ڀرٿي ٿيا هئا، جيڪي گذريل 10 سالن کان پنهنجي کاتي ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئا، اهي رڳو 36 ڄڻا نه پر سنڌ جا 36 خاندان آهن، جن جي گهرن جي چلهه اجهائي وئي آهي. سالن تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد حاصل ٿيل روزگار ايئن کسيو ويندو، انهن آفيسرن مان ڪنهن به اهو ڪڏهن سوچيو نه هوندو، چون ٿا ته انهن جي مقرري سڌي طور ڪئي وئي هئي، جنهن کي سندن ئي هم ڪلاسين عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو ته اهو ايئن غيرقانوني طور 17 هين گريڊ ۾ سياسي سفارش سبب ڀرٿي ٿيا آهن، جنهن ڪري ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي، هاڻي انهن اميدوارن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان پاس ڪري پنهنجي اهليت ثابت ڪرڻي پوندي، انهن 36 آفيسرن کي اهي نوڪريون ڪيڏي تڪليف ۽ سفارش سان ورتيون هونديون اھا ته انهن کي خبر هوندي پر هاڻ انهن جو بيروزگار ٿيڻ خود اسان جي معاشري لاءِ به نئون چئلينج ۽ سبق جو سبب آهي. مان سمجهان ٿو ته انهن کي غيرقانوني طور ڀرتي ڪندڙن کان پڇاڻو ڪيو وڃي، جڏهن ته آفيسرن کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ ڏنو وڃي جيئن انهن جي ڪيل غلطي جي سزا سندن خاندانن کي نه ملي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/حيدرآباد 
رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھه کي تعلقي جو درجو ڏيو!
تعلقي ٺري ميرواھ آباديءَ جي لحاظ کان تمام وڏي آباديءَ تي مشتمل آھي، جڏھن ته ٺري ميرواھ جي رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ ۾ نارا جي سڄي ريگستاني علائقي سميت پري پري کان ماڻھو علاج ڪرائڻ لاءِ اچن ٿا پر افسوس ته رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کي ھلائڻ جي ذميواري ھڪ وڏي اداري آءِ ايڇ ايس کنئي هئي پر هن وقت تائين ڪو سٺو نتيجو نه ڏئي سگھي آھي، دوائن جي لاڳيتي کوٽ آھي، آءِ ايڇ ايس ڪيل ھڪ واعدو به پورو نه ڪيو آھي، رورل ھيلٿ سينٽر کي ڪا به نئين مشين يا ڪا به شيءِ نه ڏني آھي، رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ ۾ آءِ ايڇ ايس پاران ملندڙ دوائون ھڪ ھفتو به نه ٿيون ھلن، ان جو ڪارڻ اھو آھي ته ھتي روزانون جي او پي ڊي 5 سئو کان مٿي آھي، جڏھن ته ڪجھ مھينا اڳ رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ ۾ ڊاڪٽر تمام گھڻا ھوندا ھئا ته مريض پريشان نه ٿيندا ھئا، ھنئير مريض ڏسڻ لاءِ صرف 3 ڊاڪٽر آھن، جنھن ڪري پري کان ايندڙ مريض سخت پريشان ٿين ٿا. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کي تعلقي اسپتال جو درجو ڏيارڻ لاءِ افتتاح پڻ ڪيو هو ۽ عمارت منظور ٿي هئي جيڪا پڻ ٺھي وئي آھي پر افسوس وڏي عمارت ٺھڻ کان پوءِ رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کي تعلقي اسپتال جو درجو ته نٿو ڏنو وڃي. ھتان جي ماڻھن وزيراعليٰ سنڌ کان گھر ڪئي آھي ته رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ جا مسئلا اوليتي بنيادي تي حل ڪيا وڃن، رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کي تعلقي اسپتال جو درجو ڏنو وڃي ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري دوائون فراهم ڪيون وڃن.
محمد اقبال سومرو/ ٺري ميرواهه
سياسي رنجشن ۽ ذاتي مفادن سبب ڇُڙواڳي جو جنم!
هونئن ته پيرمظهر ۽ رفيق جمالي ۾ اختلاف رهيا آهن پر 2013ع ۽ 2018ع جي عام چونڊن سميت مڪاني چونڊن جي آخري ڏينهن ۾ ٻنهي گڏجي ورڪ ڪئي پر هاڻ پير مظهر الحق، سندس پٽ ايم پي اي پير مجيب الحق، پ پ پ ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي سان تعلقي صدر ايم عمر پنهور کي هٽائي پ پ پ جي اڳوڻي مخالف شمس الدين بابن پنهور کي مقرر ڪرڻ تان ماحول خراب ٿي ويو آهي ۽ سڄي ضلعي ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويا آهن، جنهن ۾ سوشل ميڊيا تي انتهائي ڇڙواڳي، غلط لفظن جو استعمال جاري آهي، گهڻو ڪريل ڪردار مقررن جو آهي، جيڪي اخلاق کان ڪريل ٻولي جو استعمال ڪري رهيا آهن، پير مظهر ۽ پير مجيب کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته پارٽي جي پراڻن ڪارڪن جي حق تي رفيق جمالي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، ان کي پ پ دادو تعلقي جو صدر بڻائڻ پراڻن ڪارڪنن سان ناجائزي آهي، ان بابت رفيق جمالي ميڊيا کي جواب ڏيڻ بجاءِ پير مظهر ۽ پير مجيب خلاف ڪارروائي لاءِ پارٽي جي مرڪزي قيادت سان رابطي جو سوچيو آهي، هٽايل تعلقي صدر ايم عمر پنهور پاران اهڙي فيصلي خلاف پارٽي ورڪرن سان گڏ شهر ۾ احتجاج ڪري ضلعي قيادت خلاف دانهيو ۽ مرڪزي قيادت کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي، ان جو جواب ته کيس اڃا نه مليو آهي پر ضلعي صدر سندس پارٽي ميمبرشپ معطل ڪرائڻ لاءِ مرڪزي قيادت سان رابطي ۾ آهي. ضلعي ۾ سياسي رنجشن ۽ ذاتي مفادن سان ڇڙواڳي جو جنم ٿي ويو آهي، جمهوريت وارا انا جي جنگ ۾ عوامي حقن جي جنگ وساري ويٺا آهن، پ پ پ جي مرڪزي قيادت پنهنجن جمهوري نمائندن جي انا جي جنگ جو نوٽيس وٺي عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪري ۽ سڀني جي زندگي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.
درياءُ خان جهتيال/دادو
اسان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن تبديل ڪيون؟
هن جديد دور ۾ دنيا گلوبل وليج ٿي هڪ ٽچ اسڪرين موبائل ۾ سوڙھي ٿي پئي آھي، اسان پنهنجو پاڻ کي گهڻي کان گهڻي مصروفيت جي ڄار ۾ وڪوڙيندا رهيا آھيون، هي سائنسي دور ،آھي هي تجربن ۽ مشاهدن جو دور آھي، هن جديد دور ۾ انسان کي ايتريون ته سهولتون فراهم ڪيون ويون آھن جو انسان جي تصور ۾ اهو ناهي ته هو ماڊل دور ۾ گذري رهيو آهي، جديد دور ۾ هر ڏکئي شيءِ کي سولائيءَ سان استعمال ڪرڻ لاءِ طور طريقا مليا آھن پر اسان ڊجيٽل دور ۾ اجايو وقت وڃائيندا رهيا آھيون، اسان جا ٻار صبح کان شام تائين ڪتاب بجاءَ موبائل کڻي گيمن ۾ مشغول رهن ٿا، فلمن کان ويندي ٽڪ ٽاڪ ۽ کوڙ سارين اجاين اپليڪيشن تي وقت ڏيڻ سان اسان ڪتابن کان پري ٿي رهيا آھيون، اسان اسٽڊي سرڪل جھڙن عملي ميدانن کي ڇڏي 24 ڪلاڪ پنهنجي نظر ٽچ موبائل ۾ لڳائي آھي. اسان جي نوجوانن کي جي پنهنجي پاڻ ۾ پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻي آھي ته اول ته اسان کي وقت جو قدر ڪرڻو پوندو ۽ وقت کي زندگيءَ هر ڏينهن ۾ ٿورو ٿورو ورهائڻو پوندو، اسان کي 2 ڪلاڪ راند ڪرڻ گهرجي، ٻه کان چار ڪلاڪ سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ گهرجي، جيئن سوشل ميڊيا ۾ يوٽيوب چئنلن تي کوڙ سارا زندگيءَ کي لاڀائتو بڻائڻ لاءِ ليڪچر موجود آھن، اهي ٻڌڻ گهرجن، ڪجھ وقت پنهنجو پاڻ کي تازو رکي گهر جو ڪم ڪار وغيره ڪرڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ اسان کي ھڪ ڪتاب پڙھڻ گهرجي، ڇو ته ڪتاب ئي اصل زندگيءَ جا اصول توڙي ڍنگ سيکارين ٿا، اسان جي نوجوانن کي گهرجي هن تيز دور ۾ ڪتابن جو مطالعو ضرور ڪن، ڇو ته ڪتاب ئي اسان جي زندگيءَ جو اصل سرمايو آھن ۽ ڪتاب ئي اسان جي زندگيءَ ۾ اسان جي سوچن ۾ تبديليون آڻي سگهن ٿا.
قاسم علي/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
شاگردن جو ساٿ ڏيو!
سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان سالياني فين ۾ ھن سال ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي شايد اھو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته توھان جيڪي به غريب آھيو يا مڊل ڪلاس طبقي جا ماڻھو آھيو توھان پنھنجي اولاد کي ميٽرڪ يا انٽر ڪرائي گھر ويھاري ڇڏيو، پنھنجي اولاد کي يونيورسٽي ۾ پڙھائڻ جا خواب دفن ڪري ڇڏيو، باقي ھاءِ ڪلاس جا ماڻھو مقامي يونيورسٽيز ۾ به پڙھائي سگھن ٿا ته برطانيا آمريڪا ۾ به ھنن لاءِ ڪو مسئلو ناھي، ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون ايس او پيز فلاڻ، ان سبب گذريل ڏيڍ سالن ۾ يونيورسٽين سميت تعليمي ادارا ڪو ڏکيائيءَ سان 6 مھينا کليل رھيا آھن، باقي سال جي لڳ ڀڳ بند ئي رھيا آھن ته پوءِ ان ۾ شاگردن جو ڪھڙو ڏوھ جو انھن کان ٻيڻيون فيون ورتيون پيون وڃن ۽ يونيورسٽي جي سالياني ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪٿي پئي خرچ ٿئي؟ ٽن ڏينھن کان يونيورسٽي جا شاگرد سراپا احتجاج آھن، ھن مسئلي تي سنڌ جي ٻين سياسي پارٽين، سماجي ڌرين، سول سوسائٽي، اديبن، ليکڪن، صحافين، وڪيلن، باشعور ماڻھن، علم دوست ماڻھن ۽ سنڌ ۾ وسندڙ ھر عام ماڻھو کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا شاگردن جو ساٿ ڏيو، انھن لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو، اھي سڀ توھان جا ٻچا آھن، ڪن جو اولاد پڙھي پيو ته ڪن جو اڳتي ھلي ان اداري ۾ پڙھڻ جي تيارين ۾ ھوندو پر سنڌ جو عام ماڻھو جيڪو آڻي ۽ چاڙھي واري صورتحال مان گذري پيو، اھا حالت رھي ته اھو پنھنجي اولاد کي يونيورسٽيز ۾ پڙھائي نه سگھندو.
ثقلين حيدر/رتوديرو
سجاول ۽ ٺٽي ۾ سرعام هلندڙ منشيات جي ڪاروبار کي ٻنجو ڏيو!
ٺٽي، سجاول ۽ ان جي ڀرساسي ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي، ھرروز سوشل توڙي پرنٽ ميڊيا تي خبرون ھلڻ باوجود انتظاميا ڪو به قدکڻڻ لاءِ تيار ناھي، ان مان صاف ظاهر آهي ته انهن سڄي معاملي ۾ پوليس برابر ملوث آهي، ٺٽي ضلعي جي تاريخي شاهجهان مسجد وٽ هلندڙ خطرناڪ نشو آئيس جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪو سجاول ضلعي ۾ پڻ آندو وڃي ٿو، ان سان گڏوگڏ هتي هيروئن جي واهپي جو ريشو پڻ وڌي رھيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي نوجوان نشو واپرائڻ لڳا آهن، گٽڪو، مين پڙي، مائو ۽ انڊين پڙيون کائڻ ڪري وات جي ڪينسر سبب ڪيترائي نوجوان پنھنجو زندگي وڃائي ويٺا آهن، ان سبب ڪيترائي گھر اجڙي ويا آهن، اسان ڊي آءِ جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور وڌندڙ سماجي براين ۽ منشيات خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ نوجوان نسل کي تباہه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول
اڄ جو نوجوان نسل ۾ نشي جو واھپو!
اڄ ڪلھ ڏٺو ويو آھي ته اڄ جو نوجوان نسل نشي جي بري عادت ۾ وٺجي ۽ وڪوڙجي ويو آهي، ويجھي ماضي ۾ ڏٺو ويو آهي ته اسان جو نوجوان تمام گهڻو نشو واپرائي رھيو آهي، ڪجهه ڏوڪڙن عيوض نئين نسل کي هٿ وٺي تباهه پيو ڪيو وڃي، انهن ڪارين رڍن کي ڪير روڪڻ وارو ڏسجي کي نه ٿو، جي اهو حال رهيو ته آخر ھن قوم جو ڇا ٿيندو؟ ڪنهن کي ڏوهي قرار ڏجي؟ سڀاڻي جو ابو اسان ڪنهن جي سھاري پيا ڇڏيون؟ ھر شھر ۽ ھر گھٽي ۾ اھڙا نشي جا عادي ڏسڻ ۾ پيا ايندا آهن جن جي ڪري عزتدار يا پرديدار عورتن کي باعزت نموني گذرڻ هڪ ڏکيو عمل ٿي ٿو پوي ٿو، خدارا ڪجهه سوچيو! امر کتري/ ٽنڊوباگو