پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي: شاهنواز ڏاهاڻي کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ملڻ جو امڪان

0
410

لاهور: پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي لاڙڪاڻي جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ صهيب مقصود کي پي سي بي پاران سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو امڪان آهي. ٻئي رانديگر پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن ۾ بهترين رانديگرن طور پاڻ مڃايو، شاهنواز ڏاهاڻي کي بهترين بالر ۽ صهيب مقصود کي بهترين بيٽسمين جا اعزاز ڏنا ويا. ذريعن موجب رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪتس جو مدو اڄ پورو ٿي رهيو آهي، نئين ڪانٽريڪٽ لاءِ پي سي بي پاران غور ويچار هلندڙ آهي، ذريعن چواڻي نئون سينٽرل ڪانٽريڪٽ هلندڙ هفتي يا ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ اعلانيو ويندو جنهن ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي ۽ فٽنيس کي اهميت ڏني ويندي.