پيپلز پارٽي کي ڪي پي ۾ ڌڪ، اهم اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا

0
216
پيپلز پارٽي کي ڪي پي ۾ ڌڪ، اهم اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا
پيپلز پارٽي کي ڪي پي ۾ ڌڪ، اهم اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا

پشاور مان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن ارباب عالمگير ۽ سندس گهر واري عاصمه عالمگير پاران پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

عاصمه عالمگير مرڪزي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

عاصمه عالمگير جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت جي پاليسين تي خدشا آهن، پارٽيءَ جي غلط پاليسين سبب اڄ خيبر پختونخواهه ۾ پيپلزپارٽي ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي

عاصمه عالمگير چيو ته ڪنهن به ٻي جماعت ۾ اڃا شامل نه ٿيا آهيون، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي