پير حسام الدين راشدي جون علمي ۽ ادبي خدمتون

0
56
پير حسام الدين راشدي جون علمي ۽ ادبي خدمتون

 پير حسام الدين شاهه راشدي پير علي محمد راشدي جو ٻيو نمبر ڀاءُ ۽ پير حامد شاهه جو فرزند هو، هي انهيءَ بختاور ڪٽنب مان آهي، جنهن ۾ هڪ والد جا ٻه فرزند هڪٻئي کان وڌيڪ امتيازي لياقتن جا مالڪ ٿيا. پير حسام الدين راشديءَ جو نالو پاڪستان جي چوٽيءَ وارن عالمن جي قطار ۾ سڃاتو وڃي ٿو، باوجود درسي تعليم گهٽ هوندي به وڏي مطالعي ۽ محنت کين اهڙي مقام تي پهچايو جو تاريخ، ادب، تهذيب ۽ تمدن جي اپٽار ۾ هن ممتاز جو درجو حاصل ڪيو.

                 سيد حسام الدين 25 رمضان 1329هه مطابق 20 سيپٽمبر 1911ع تي راشدي پيرن جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ وٽ ورتي ۽ پوءِ لڪياري جي مولوي سيد علي شاهه وٽ پڙهيو ڪل چار درجا پڙهيائين ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه تائين حاصل ڪيائين ۽ انگريزي خانگي طور نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ پڙهيو.

                 مطالعي جي حوالي سان جيڪڏهن پير حسام الدين جي سوانح ۽ لکيل ڪتابن جو مڪمل تحقيقي اڀياس ڪجي ته منهنجي نظر ۾ اها ڄاڻ پوندي ته سندس مطالعي ۾ وڏو هٿ ننڍپڻ کان اخبارون پابنديءَ سان پڙهڻ ۽ مختلف موضوعن ۽ ٻولين جي ناياب ڪتابن کي وٺڻ، پڙهڻ، سانڍڻ ۽ لائبريري قائم ڪرڻ هو. (جنهن ۾ وڏو علمي ذخيرو آهي) جي ايم سيد، راشدي صاحب جي لائبريريءَ لاءِ لکيو آهي ته “سندس ڪتب خاني ۾ چونڊ ناياب ڪتابن جو ذخيرو ڪٺو ٿيل آهي ڪي ڪتاب وٽس اهڙا به آهن جي ٻئي ڪنهن خانگي يا پبلڪ لائبريريءَ ۾ مشڪل سان ملي سگهندا”.

سيد حسام الدين تاريخ دان هو، سندس مڪمل توجهه ڪتابن جي تاليف، تدوين ۽ تاريخي کوجنا تي هئي، انهيءَ ڪري هن بهترين ڪتاب جمع ڪرڻ ۽ پڙهڻ کي خاص اهميت ڏني، ڊاڪٽر تنوير عباسي پير حسام الدين راشديءَ کان گهڻو متاثر هو جنهن جي شروعات سندن لائبريري ڏسڻ کان ٿي هن لکيو آهي ته، “فخرالدين شاهه راشدي (ميرل) کي خبر هئي ته مونکي ادب ۽ شعر سان دلچسپي آهي، هن مون کي ٻڌايو ته منهنجو مامو وڏو اديب آهي ۽ ان جي وڏي لائبريري آهي هو مون کي سندس لائبريريءَ ۾ وٺي ويو ايڏي وڏي لائبريري ڏسي منهنجون وايون بتال ٿي ويون، پوءِ منهنجي اصرار تي ميرل پير صاحب جي لائبريريءَ جا ڪتاب مونکي پڙهائڻ شروع ڪيا، هو پير صاحب کي خبر ڪرڻ بنا ڪتاب آڻي مونکي ڏيندو هيو ۽ مان ڪتاب پڙهي ڏاڍيءَ اشرافت ۽ ايمانداريءَ سان ميرل کي موٽائيندو هيس. ميرل ڊڄندو به ڏاڍو هو پر مان پير صاحب جي ان سرچشمي مان سيراب ٿيندو رهيس، منهنجي اوائلي ادبي تربيت پير صاحب جي لائيبريريءَ مان ٿي ڪهڙو ڪتاب اتي ڪونه هئو؟ جيڪو گهر سُو حاضر، ديوان گل، ديوان قاسم، ديوان فاضل، رهنماءِ شاعري، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا ڪتاب تان جو بهشتي زيور تائين پير صاحب جي لائيبريريءَ مان پڙهيم”. (3)

پير حسام الدين پنهنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪئي “جاڳڻ”، “المنار” ۽ “پيغام” ۾ ڪم ڪيائين ۽ پوءِ 1930ع کان 1934ع تائين پنهنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ سان گڏ هفتيوار “ستاره سنڌ” جاري ڪيائين جنهن جو پاڻ ايڊيٽر پڻ رهيو. روزانه “الوحيد” ۽ قرباني اخبار ۾ ليک لکيائين پاڻ ڪيترن ادارن جيئن، “اردو ڊولپمينٽ اٿارٽي”، “ڪراچي يونيورسٽي اڪيڊمڪ ڪائونسل”، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان ۽ ٻين ادارن جو ميمبر رهيو. عراق، مصر، ايران، شام، لبنان، لنڊن ۽ ٻيا ملڪ گهميائين جتي جي ڪتب خانن ۾ وڃي علم جي پياس اجهايائين کين سندن خدمتن تي ڪيترا ايوارڊ عطا ٿيا آهن، جن ۾ “ستاره امتياز” ۽ ايران جو سڀ کان وڏو اعزاز “نشان سپاس درجه اول” آهن، راشدي صاحب کي فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هيو، فارسي ادب جا ڪيترا ڪتاب جيڪي خود ايران جي عالمن کي به ڄاڻ نه هئي پاڪستان ۾ موجود هئا، راشدي صاحب انهن ڪتابن کي ايران ۽ اهل سنڌ لاءِ سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جي اعتراف ۾ کين تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي. سندن ڪتابن جو ڳاڻيٽو 50 تائين آهي. جنهن ۾ لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب شامل آهن ۽ اهي سڀ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ آهن.

پير حسام الدين شروع دور ۾ صحافت سان گڏ افسانه نويسيءَ ڏي رجحان رکيو ۽ چند افسانا جيئن، “انار ڪلي”، “پاڪدامن”، “گلن واري ڇوڪري”، “امانت” لکيا ۽ هڪ ڊگهو افسانو “الزليخا” لکيائون جيڪو ننڍڙو ناوليٽ آهي ۽ ٻه دفعا الڳ ڇپجي چڪو آهي پر پوءِ تاريخ ڏي لاڙو ٿيڻ بعد فڪشن لکڻ ڇڏي ڏنائون ۽ سندن مڪمل توجهه تاريخي ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ ڏي ويئي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾جيڪو محمد قاسم ماڪا، طارق عالم ابڙو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، شمشير الحيدري، نفيس احمد ناشاد ۽ خان محمد پنهور ورتو ۽ نئون نياپو نومبر 1980ع ۾ ڇپيو چيائون ته،

“مان شعر به چيا، اخبار نويسي ۾ ڪئي پر ڇاڪاڻ ته ذوق هوندو هو تاريخي ڪتابن پڙهڻ جو تنهنڪري لامحاله تاريخ ڏي به توجهه رهيو، بنيادي طرح سان مان افسانا نويس هئس سنڌ زميندار اخبار ۽ ٻين اخبارن ۾ منهنجي افسانا شايع ٿيندا هئا”. ڪيترن ماڻهن کي خبر ڪونهي ته پير صاحب “فدا” جي تخلص سان ڪجهه شآعري به ڪئي کين ڏوهيڙو، بيت، ڪافي ۽ وائيءَ جون صنفون پسند هيون، کين ڪيتري سنڌي شاعري ياد هئي پر سندن چيل شعر مقدار ۾ گهڻو ڪانهي.

”راشدي صاحب جو، هو ڏوٿي هو ڏينهن، ڪتاب ادبي ۽ تاريخ حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنل ماخذ آهي هن ڪتاب معرفت هن سنڌ جي علمي، ادبي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي تاريخ کي آڻي هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪيو آهي، هيءُ هڪ قسم جي سنڌ جي هڪ دور جي سماجي ۽ ثقافتي آرسي آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي روزانه زندگي، انهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب ۽ ڪلچر جي عڪس کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان ذريعي انهن جي پوئتي پوڻ جي سببن تي پڻ روشني پوي ٿي”.

منيلا ۾ دل جي تڪليف ۽ علاج جي دوران هيءُ ڪتاب وڏي ڀاءُ علي محمد جي گهر رهائش وقت لکيو هئائون هو ڏوٿي هو ڏينهن، هڪ ضخيم ڪتاب آهي جيڪو راشدي صاحب تمام تفصيلي ۽ بيماريءَ دوران لکيو ته، ڇهن مهينن ۾ لکي ڇڏيائين. ڪتاب جي آخر ۾ شروع ڪرڻ جي تاريخ 8 فيبروري 1960ع ۽ ختم ڪرڻ جي 28 آگسٽ 1960ع منجهند جو ڏيڍ بجي لکيل آهي. ليکڪ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته هن کي ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ ۽ لکڻ جو ايترو ته جذبو آهي جو هو روزانه تيار ٿي بلڪه انگريزي لباس پينٽ شرٽ پائي فٽ ٿي ڪرسيءَ تي لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ لکندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن 15ڪلاڪن تائين مستقل لکيو هوندو پر عام طور 25 يا 30 صفحا ته ڪيڏانهن ڪونه ويا آهن.

راشدي صاحب جو سنڌي نثر شسته، روان ۽ ميٺاج وارو آهي انهيءَ ڪري سندن ڪتاب مقبول ٿيا آهن، سنڌيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب آهن. “مهراڻ جون موجون”، “تذڪره امير خاني”، “ماڪ ڀنا رابيل”، “مڪلي نامه”، “ڏهين صديءَ هجريءَ جي سنڌ”، “تذڪره مشاهير سنڌ” “الزليخا”، “اسلامي ڪتب خانا، “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون”، ڳالهيون منهنجي سنڌ جون”، (غلام محمد لاکو جو ترتيب ڏنل راشدي صاحب جي وفات کان پوءِ ڇپيو ۽ “مير معصوم بکري” آهن. فارسي ڪتابن ۾ ديوان، پيرم خان، تذڪره شعرا ڪشمير، تذڪره روضته السلاطين، جواهرا لعجائب، تذڪره مشائخ سيوستان، رياض العارفين (2جلد) تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

پير حسام الدين علم دوست انسان هئڻ سان گڏ طبيعت ۾ نئڙت وارو، گفتگو ۾ ميٺاج، مهذب ۽ محبت ڀريو ماڻهو هو هو عالم ماڻهن جي صحبت ۾ وقت گذاريندو هو ۽ گهر ۾ پڻ هر وقت لکڻ پڙهڻ ۾ دل وندرائنيدو هو. زنده دل ۽ باغ بهار شخصيت جي مالڪ هن اديب سنڌي نوجوانن کي رهنمائي عطا ڪئي کين پڙهڻ لکڻ ۽ علمي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏنائين. راشدي صاحب 10 اپريل 1982ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪئي.