پاڪستان ۾ شروع ٿيل ‘ڀُونءِ- ڪنب’ جو سلسلو

0
44
پاڪستان ۾ شروع ٿيل ‘ڀُونءِ- ڪنب’ جو سلسلو

هاڻ اها ڳالهه عام آهي ته سمورا خطرا قدرتي ۽ سموريون آفتون فطرت سان هٿ چراند جو نتيجو آهن. جيتوڻيڪ تازين ٻوڏن جي نوعيت 2010 کان مختلف آهي ۽ تازو ايندڙ زلزلا 2005 کان مختلف آهن پر ٻنهي صورتن ۾ اهي دليل ڏنا ويندا آهن ته انهن ٻنهي قدرتي آفتن سبب ٿيل نقصان تبديلين جو نتيجو آهي. ڊيموگرافي سان گڏوگڏ پوري پاڪستان ۾ بنا صلاح مشورن جي هلندڙ ترقياتي پاليسين کي هر دور جي سياسي منططق سان ڳنڍي ان کي جائز قرار ڏنو ويندو آهي. قدرتي آفتن جا ٻيا ڪيترائي نقصان به ٿيندا آهن جيئن لڏپلاڻ، بک، بدحالي، بيروزگاري، صحت، پاڻي، خوراڪ جي ڪمي، بنيادي ڍانچن جي تباهي، انساني جانين جي ذيان، جانورن جي نقصان، پاڻي جي وهڪرن جي تبديلي، بيماريون، ٻهراڙين جي شهرن ڏانهن لڏپلان، سماجي سرمائي جو نقصان ۽ ٻيا ڪيترائي چئلينج سامهون ايندا آهن پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهن سمورين آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان ماضيءَ مان ڪو سبق سکيو به آهي يا هاڻ ايندڙ ٻوڏن ۽ زلزلن جو الزام به قدرتي تبديلين تي ئي هڻنداسين.

پاڪستان سڀن کان وڌيڪ قدرتي خطرن جو شڪار رهيو آهي، هتي ٻوڏون، زلزلا، طوفاني طوفان ۽ ڏڪار هميشه ڪر کنيو بيٺا هوندا آهن. گذريل 17 سالن ۾ ملڪ ۾2 وڏا بحران آيا آهن. 2005 ۾ آيل زلزلي سبب 35 لک ۽ 2010 جي ٻوڏ ۾ 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا. قدرتي آفتون هميشه انساني زندگين تي تباه ڪن اثر ڇڏينديون آهن. جيتوڻيڪ اهو عالمي معاملو آهي پر ان سان اهي ملڪ گهڻو متاثر ٿيندا آهن، جيڪي انهن لائف لائينز تي آباد هوندا آهن. پاڪستان به ان لائف لائين واري پٽي جو اهم ملڪ آهي، جتي آئي ڏينهن زلزلا ايندا رهندا آهن. گذريل هڪ مهيني کان سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا سميت بلوچستان جي ايراني پٽي واري علائقي ۾ زلزلي جا لوڏا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. جيتوڻيڪ اهي هلڪي نوعيت جا آهن پر عالمي سائنسدانن وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته اهو مستقبل جو هڪ وڏو خطرو آهي، ڇو جو موسمياتي تبديليون تيزي سان وڌي رهيون آهن. جيئن 2005 ۾ پاڪستان ۾ دنيا جو خطرناڪ زلزلو آيو، جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 7.6 رڪارڊ ڪئي وئي. سرڪاري انگن اکرن موجب، ان زلزلي ۾ 87 هزار 350 ماڻهو فوت ۽ 38 هزار زخمي ٿيا. جڏهن ته اصل ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڏيڍ لک ماڻهو زخمي ٿيا، 19 هزار ٻار فوت ٿيا 35 لک گهر تباهه ٿيا، اڍائي لک کان وڌيڪ جانور مري ويا. 10 لک ماڻهو بي گهر ٿيا. هڪ اندازي موجب  7 لک 80 هزار کان وڌيڪ عمارتون تباهه ٿيون، 17 هزار اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿيون. ۽ هاڻ به اها لائف لائين متاثر ٿي رهي آهي.

پوري دنيا اندر پاڪستان ۾ ئي سڀني کان وڌيڪ قدرتي آفتون اينديون آهن. 2019 جي انفارم رسڪ انڊيڪس موجب 191 ملڪن مان پاڪستان 18 نمبر تي آهي. سنڌ جيتوڻيڪ ان ئي زلزلي واري ريڊ زون ۾ واقع آهي پر اتي اهڙو ڪو خاص خطرو ناهي. سنڌ ۾ سڀ کان خطرناڪ 2 زلزلا آيا آهن. 5 فيبروري 1668ع تي شاهه بندر ۾ 7.7 ۽ 16 جون 1819ع ۾ الله بند واري علائقي ۾ 7.6 جي شدت وارو زلزلو آيو هو، جنهن ۾ 50 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ان بعد 1900 ۾ به هڪ ٻيو زلزلو آيو پر ان جي شدت ايتري ڪا گهڻي نه هئي. پاڪستان ارضياتي طور تي يوريشينس ۽ انڊين ٽيڪٽونڪ پليٽس ٻنهي کي اوورليپ ڪندو آهي. بلوچستان، قبائلي علائقا، ڪي پي ڪي، گلگت- بلتستان، سنڌ، ڪشمير ايراني سطح جي يوريشين پليٽ جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهن. سنڌ، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير صوبا ڏکن ايشيا ۾ هندستاني پليٽس جي الهندي ڪناري تي واقع آهن، ان ڪري اتي وڏا وڏا زلزلا ايندا آهن. سڀني کان اهم انڊين پليٽ ۽ يوريشين پليٽ جو ٽڪراءُ آهي. هن وقت انڊين پليٽس اتر طرف وڌي رهيون آهن، جيڪي يوريشين پليٽس جي هيٺان وڃي رهيون آهن، جنهن سان پليٽن جي حدن ۾ وڌيڪ دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ اهو عمل هن وقت به جاري آهي، جنهن سبب زلزلن جا خطرا وڌي رهيا آهن. زمين جي اندروني حصن، پاڻي جي سطح، حياتياتي مسئلا، ماحول ۽ سمنڊن ۾ قدرتي ۽ انساني زندگين ۾ تبديليون زندگي جي سمورن رخن کي متاثر ڪنديون آهن. انهن تبديلين کي سمجهڻ لاءِ زميني، سامونڊي، هوا ۽ خلا جو مشاهدو ڪري ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

زلزلا ٽيڪٽونڪ پليٽن جي حرڪت، ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽن، زير زمين ڌماڪن کانسواءِ ارضياتي، قدرتي ۽ انساني سرگرمين سبب به ايندا آهن. تاريخ تي نظر وجهون ته خبر پوندي ته تقريبن 225 ملين سال پهرين هندستان هڪ وڏو ٻيٽ هو، جيڪو اڄ به آسٽريليا جي سمنڊ تي واقع آهي ۽ هڪ وسيع سمنڊ، جنهن کي ٽيٿيس سمنڊ چيو ويندو آهي، اهو تقريبن 200 ملين سال پهرين  PANGEA هندستان کي ايشيا کنڊ کان ڌار ڪري ڇڏيو. جڏهن اهو ٽَٽي ويو ته هندستان اتر طرف وڌڻ شروع ڪيو. بعد ۾ سائنسدانن آخرڪار ٽيٿيس وٽان سفر شروع ڪري ڀارت جي اتر وارن علائقن کي جاچڻ شروع ڪيو. تقريبن 80 ملين سال پهرين هندستان ايشيا کنڊ کان تقريبن 6،400 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع هو، جيڪو تقريبن 9 مهينا/ صدي جي شرح سان اتر طرف وڌي رهيو هو. جڏهن هندستان تقريبن 40 کان 50 ملين سال پهرين ايشيا ۾ داخل ٿيو ته ان جي اتر طرف پيش قدمي تقريبن اڌ صدي تائين واري رفتار کان گهٽجي وئي هئي. اهڙي طرح پليٽن جي چرپر ۽ حرڪت جي شرح ۾ ٽڪراءُ به هوريان هوريان گهٽجي ويو، جنهن سان هماليا جي بلندي تيزي سان وڌڻ شروع ٿي پر هندي سمنڊ جي خطي ۾موجود دور جي پليٽن جي ڪنفيگريشن کان پهرين ان جي درست سائز معلوم ڪرڻ لاءِ ارضياتي ڊيٽا موجود ئي ناهي.

صرف 50 ملين سالن ۾ مائونٽ ايورسٽ جهڙيون چوٽيون 9 ڪلوميٽر تائين وڌي سگهيون آهن. هماليا هر سال هڪ سينٽي ميٽر کان وڌيڪ وڌي رهيو آهي. هڪ ملين سالن ۾ 10 ڪلوميٽر واري شرح ڪائونٽ ڪئي وئي آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته هاڻ يوريشين پليٽس مٿي وڌڻ بجاءِ ڦهلجي رهيون آهن ۽ اهڙي ڇڪ سبب ڪشش ثقل سبب ڪجهه گهٽ ٿي رهيون آهن.

معلوم تاريخ ۾ سڀ کا وڏو ۽ پهريون زلزلو 6 جون 1505ع ۾ نيپال ۾ آيو هو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته 50 ملين سال اڳ هندستان ۽ يوريشين براعظم جڏهن پاڻ ۾ مليا هئا، تڏهن دنيا جو پهريون تاريخي زلزلو آيو هو ۽ هن وقت هندستان جي چرپر ايشيا  کنڊ تي تمام گهڻو دٻاءُ وجهي رهي آهي، جنهن سبب ئي تبت جو ماحول گرم ٿي ويو آهي. اهڙي ڇڪ ايشيا جي ڪجهه حصن کي اوڀر طرف بحرالڪاهل ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پليٽ ٽيڪٽونڪ قوتن جي سڀ کان وڏي نظر ايندڙ تخليق مان بلند هماليا آهي، جيڪا هندستان کان تبت جي سرحد سان 2 هزار 9 سئو ڪلوميٽر تائين ڦهليل اهو وڏو پهاڙي سلسلو تقريبن 40 کان 50 ملين سال اڳ ٺهڻ شروع ٿيو هو. جڏهن پليٽس جي حرڪت سان ٿيندڙ ٻن وڏين لينڊ ميسس، انڊيا، يوريشيا پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا ڇو جو انهن ٻنهي بر اعظمن جي پهاڙن جي مٽي تقريبن هڪ جهڙي هئي، ان ڪري اها پليٽ ٻئي پليٽ جي هيٺ نه پئي وڃي سگهي. انهن ٽڪرائجندڙ پليٽن جو دٻاءُ صرف آسمان طرف ڌڪيو ويندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هماليا ۽ اتر ۾ تبتي جابلو سطح تيزي سان بلند ٿي رهي آهي. اهو علائقو هاڻوڪي دور جو انڊس ڊيلٽا به سڏيو ويندو آهي. هماليا، تبت، نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش، ڪشمير، سنڌ ۽ پنجاب جا اهي رياستي علائقا، جيڪي ڪنهن دور ۾ سنڌ جو حصو هئا، اهي ان هماليائي حصي جو هڪ جز آهن ۽ سنڌو درياهه به ڪشمير جي انهن پهاڙي علائقن مان ٿيندو سنڌ اچي ٿو ۽ ان جي اها مٽي به ساڳي نوعيت جي آهي. ان ڪري هندستان، نيپال ڀوٽان، تبت ۽ ان پٽي ۾ ايندڙ زلزلا سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير کي به سخت متاثر ڪري رهيا آهن.

اسرندڙ عالمي معيار باوجود پاڪستان جي جي ڊي پي کي هميشه ئي گهٽ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته آبادي ۾ اضافو، انتهاپسندي، پاڻي، بجلي ۽ هاڻ گيس جي بحرانن سميت سياسي آزادي ۽ شفاف چونڊ نظام جيان ملڪ ۾ قدرتي آفتن کي سمجهڻ ان جا اڳواٽ انتظام، ايندڙ تباهي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن قسم جو مڪينزم ئي ناهي. انهن شعبن تي پوري ملڪ ۾ اڄ تائين ڪو خرچ ناهي ڪيو ويو، نه ئي قدرتي آفتن کي روڪڻ واري سسٽم تي ڪا سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. پوري ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي ڪرڻ وارو ڪو نظام ئي ناهي. هتان جا سياستدان اهڙي خطري جي تباهي جي مقابلي بجاءِ هڪ ٻئي تي الزام هڻي صرف سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل هوندا آهن ۽ ائين وري ڪو زلزلو ايندو ۽ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيندا ۽ اسان “امداد ڏيو، امداد ڏيو” جون دانهون ڪرڻ ۾ پورا هونداسين.