پيارو اسٽيشن( ن پ ا ) پيارو اسٽيشن ڀرسان پاٽ شريف ۾ قائم بيسڪ هيلٿ يونٽ سينٽر تان عملو ڊيوٽي تان غائب، علاج لاءِ آيل مريض رلي ويا، ڳوٺاڻن مختيار برھماڻي، آفتاب احمد برھماڻي، عمران برھماڻي، غلام نبي برھماڻي، راشد برھماڻي، نظير برھماڻي، اعجاز برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پي پي ايچ آءِ اسپتال پاٽ شريف تي مقرر عملو غائب رهي ٿو جنهن سبب اسپتال ۾ علاج جون سهولتون ميسر ناهن پاٽ شريف ۽ آس جي ڳوٺن جا سوين مريض دربر آهن ۽ بنا علاج جي اسپتال ۾ چڪر لڳائي واپس روانو ٿي وڃن ٿا.  هنن الزام هڻندي چيو ته اسپتال جون دوائون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، مقرر عملو ڊيوٽي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن سبب اڪثر اسپتال  بند رهي ٿي، معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال جي عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي.