ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي يونين ڪائونسل لکي ايٽ ميرواهه جي چيئرمين خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين طرفان يوسي  آفيس آڏو مين حيدرآباد بدين روڊ تي  احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.. اڳواڻن امداد لاشاري، شهزاد گاڏهي، امام بخش جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته محرم الحرام جي مهيني ۾ يوسي جي چيئرمين طرفان روڊ رستن جي صفائي مختلف امام بارگاهن جلوسن جي گذر گاھه وارن رستن تي لائٽنگ سميت ڪا به سهولت مهيا ناهي ڪئي وئي، هر هنڌ گندو پاڻي بيٺل آھي جيڪو نيڪال ناهي ڪرايو ويو ڪچن رستن تي مٽي جي ڀرائي ناهي ڪئي وئي جنهن سبب عزاداري ڪندڙ مومنن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي، ٻئي طرف ايس ايچ اوٽنڊو غلام حيدر مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ويو.