حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سٽي ۽ ٻهراڙي واري تعلقي جي استادن احتجاج دوران تعليم کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حاجن شورو، طارق کوسو، شيروز قائمخاني، جاويد کوسو، واجد علي ۽ ٻين چيو ته کين 24 فيبروري 2023ع تي جوائننگ ڪئي آهي 5 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين پگهارون ناهن مليون. هنن چيو ته ڊي اي او پرائمري خالد ٻٻر ۽ ٽي اي اوز سٽي ۽ ٻهراڙي سندن ڊي آر سي وارو مسئلو حل نٿا ڪن ان ڪري اڃا تائين آءِ ڊيز به ناهن کلي سگهيون. هنن صوبائي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي رهيل پگهارون جاري ڪري پريشانيءَ کان بچايو وڃي.