پوليس اهلڪارن، سندن گهروارين ۽ ٻارن جي علاج لاءِ بيمارين جي نوعيت موجب رقم منظور

0
278

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)  سنڌ پوليس بويلفيئر فنڊ بورڊ جو 22هون اجلاس آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

اجلاس ۾ پوائنٽ ٽو پوائنٽ ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو، سنڌ پوليس جي فلاحي ڪمن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا

اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ زبير نذير احمد شيخ پوليس ملازمن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني

شهيدن، فوتين ۽ حاضر سروس اهلڪارن جي ٻارن لاءِ شادي جي گرانٽ 75هزار  مان وڌائي هڪ لک رپيا ڪئي وئي

آءِ جي سنڌ پوليس اهلڪارن، سندن گهروارين ۽ ٻارن جي علاج لاءِ بيمارين جي نوعيت موجب رقم ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن کي 15هزار رپيا ماهوار ملندا، دماغي فالج جي مرض ۾ مبتلا ٻارن کي 10 هزار رپيا ملندا

معذور يا مفلوج پوليس اهلڪارن لاءِ مصنوعي عضوا، ويل چيئر، مريض جي بستري، اسڪوٽر، ٽرائي سائيڪل وغيره جي منظوري ڏني وئي

اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان پوليس اهلڪارن لاءِ ٽائيفائيڊ ۽ هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو

اجلاس ۾ پوليس ٽريننگ سينٽرن لاءِ ماهر نفسيات ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ 5065 اهلڪارن جي بيواهه عورتن کي ٽه ماهي بنيادن تي بيواهه فنڊ جي ادائيگي لاءِ 68.43 ملين جي منظوري ڏني وئي

هي به پڙهندا

گوسڙو ڪاليجي استادن جي برطرفي جو حڪم: 20 سيڪڙوشاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ جو اعتراف