پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لقمان مھيسر ۾ 12 ورھين جي يتيم نينگر ڪاشف منگي کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آھي ، نينگر موجب جوابدار سلمان شيخ بدفلعي جو نشانو بڻايو آھي ، نينگر کي وارثن بائجي ٿاڻي تي کڻائي پھتا جتان پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي نينگر کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آھي جتي نينگر جا جزا ورتا وڃن پيا، جڏھن ته بائجي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪبو.