مٽياري (رپورٽر ) اڏيرو لال وليج ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊو آدم لنڪ روڊ تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽنڊو آدم واسي حيدر علي قاضي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي وقاص سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او موجب نامعلوم گاڏي جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، فوتي نوجوان جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.