پنهنجن سان عيد ڪرڻ لاءِ ويندڙ مسافر پريشانين جو شڪار

0
251

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽرانسپورٽ بند هئڻ سبب پنهنجن سان عيد ڪرڻ لاءِ ويندڙ مسافر پريشانين جو شڪار ٿي ويا، حيدرآباد کان ٽنڊو الهيار، ميرپور خاص، بدين، عمرڪوٽ، مٺي، ٽنڊو محمد خان، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي ڪارن وارا ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا، اسلام ڪوٽ جو ڀاڙو 700 سئو رپيا هو جيڪو ٽيڪسي وارا مسافرن کان 15 سئو رپيا وٺڻ لڳا، مٺي تائين اي سي ڪوچ جو ڪرايو 550 سئو رپيا هو ڪار وارن 1200 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو، عمرڪوٽ، جهڏو، بدين ۽ ٻين ضلعن ڏانهن مسافرن کي کڻي ويندڙ ڪارن وارن جي چاندي ٿي وئي، جڏهن ته حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلهار، ٽنڊو باگو، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ ٻين علائقن تائين پنهنجن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ مسافر رڪشائن ۾ سفر ڪرڻ لڳا، پوليس ذريعن موجب بدين بس جنرل اسٽينڊ، فتح چوڪ، هالاناڪو، چينل موري ۽ ٻين علائقن ۾ لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس جا اهلڪار في گاڏي کان مبينا طور 500 سئو رپيا ڀتو وٺي کين مسافر کڻڻ جي اجازت به ڏين پيا…