مهانگائي حڪومت جي دشمن ثابت ٿيندي

0
307
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪنهن به حڪومت جي ڪاميابي يا ناڪامي جو ماپو عوام جي خوشحالي،مهانگائي تي ڪنٽرول ۽ عام استعمال جي شين جي دستيابي سولائي سان هجڻ هوندو آهي .عام ماڻهو لاءِ نظريا،نعرا ۽ سياسي مسئلا پوءِ ايندا آهن يا اهم هوندا آهن .انهي ڪري سدائين معاشي گذر ئي عوام لاءِ اوليت رهي آهي. سنڌ جي سهڻي شاعر شيخ اياز به انهي معاشي گذر جي اوليت ۽ اهميت کي پنهنجي سٽن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي جيڪا شاعري هر عام ماڻهو جي ترجماني ڪري ٿي.
سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا
ڍئو بنا ڍولا ناهي ساڃهه سونهن جي
پيٽ بکايل لاءِ دنيا جي ٻي هر آرائش ،سهولت ۽ ترقي بي معنيٰ آهي جيستائين سندس پيٽ ۾ ٻه گرهه ماني جا نه ٿا پون.
ملڪ ۾ ڪجهه وقت کان جيڪو مهانگائي جو طوفان آيل آهي انهي هيٺين طبقي کي ته ڇڏيو وچولي ڪلاس جي ماڻهن جون متيون به منجهائي ڇڏيون آهن .محنت مزدوري ڪندڙ ماڻهو پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ٻه ويلا اڻڀي ماني جو بندوبست ڪرڻ کان به قاصر آهن، ڪيترا خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن.مهانگائي جو اهو طوفان رڳو ڪنهن مخصوص ائٽمن تائين محدود ناهي پر هر اها شيءَ جنهن جو واهپو روزمره جي ائٽم طور ٿئي ٿو انهن جون قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن ۽ اهي وري گهٽجڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن.اڳ ۾ ته وفاقي حڪومت انهي مهانگائي کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪندي هئي پر اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو وزيراعظم سميت وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل انهي مهانگائي کي مسئلو سمجهي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش جا اعلان ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ قيمتن بابت مانيٽرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافي سبب ملڪ اندر مهانگائي وڌي آهي ۽ ڪورونا وبا سبب به قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته اهي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لا ناجائز منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪن.
عيد ۾ ڪجهه ڏينهن اچي بچيا آهن ،هن وقت مرغي جو گوشت اچي ذري گهٽ 500 رپيا في ڪلو تي پهتو آهي، انهي کانسواءِ فروٽ سميت ٻيا کائڻ پيئڻ جا ائٽم ڏينهن جي بنياد تي مهانگا ٿي رهيا آهن پر ڪٿي به انتظاميا يا حڪومت انهن اگهن تي نظر رکندي نظر ئي نه پئي اچي .لڳي ايئن ٿو ته عيد برات تي پنهنجي خاندان کي چڱو چوکو کارائيندڙ هي پورهيت هن عيد تي انهي خوشي کان به محروم ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته ايڏي مهانگائي ۾هو ڪجهه به خريدڻ جي حالت ۾ ناهن. وفاقي حڪومت جيڪي جواز مهانگائي جا ڄاڻائي رهي آهي اهي ڪي اوچتو پيدا نه ٿيا آهن ڪورونا ٻن سالن کان هن ملڪ ۾ موجود آهي، انهي سڄي دنيا ۾ به پنهنجا اثر ڇڏيا هئا پر جتي حڪومتي رٽ هئي ۽ حڪمرانن کي عوام جي پرواهه هئي انهن حڪومتن عوام کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙيون جيئن عام استعمال جي شين جي اگهن تي ڪو اثر نه پوي پر هتي قصو ئي ابتو آهي، جيئن ڪورونا جا اثر ظاهر ٿيا ته هتي عام استعمال جي شين جا اگهه وڌي ويا يا اهي شيون مارڪيت مان ئي غائب ٿيڻ لڳيون، جو ڪڏهن اٽو گم ته ڪڏهن کنڊ گم پوءِ منافعي خورن ۽ ناجائز نفعو ڪمائيندڙن اهي شيون لڪائي ڳري قيمت تي وڪڻڻ شروع ڪيون ۽ اڄ حالت اها آهي ته کنڊ جي ڪلو لاءِ به رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ۽ ڪورونا جو خطرو هوندي ماڻهو قطارون ڪيون بيٺا آهن ۽ حڪومت رڳو زباني نوٽيس وٺڻ ۾ پوري آهي پر انهي سڄي عرصي ۾ ڪابه اهڙي پاليسي نه ٺاهي ته جيئن عوام کي ڪو رليف ملي سگهي .
اسان سمجهون ٿا ته سياسي معاملن کان وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا حڪومتن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن ۽ جڏهن عوام ،عام استعمال جي شين جي خريداري نه ڪري سگهي ۽ لنگهڻ تي ويهڻ تي مجبور هجي تڏهن مقبول کان مقبول حڪومتون به انهن آڏو بيهي نه سگهنديون آهن تنهن ڪري موجوده حڪومت کي گهرجي ته ڪرپشن کان وٺي ٻين سياسي ايجنڊائن کي پاسيرو رکي سڀ کان اڳ ۾ عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ انهي مهانگائي جي جن کي قابو ڪري جيڪڏهن اهو جن اڃان وڌيو ته ان جهڙو حڪومت جو دشمن ٻيو ڪوبه نه هوندو.