سانگھڙ ضلعي ۾ منشيات جو وڪرو: سبب ۽ علاج!

 

سانگھڙ ضلعو، سنڌ صوبي جو هڪ اهم ۽ ثقافتي طور تي مالامال علائقو آهي جيڪو هن وقت منشيات جي استعمال ۽ وڪري جي لحاظ سان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. سانگھڙ ۾ معاشي حالتون ماڻهن کي مجبورن منشيات جي استعمال ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. بيروزگاري جي ڪري نوجوان طبقي ۾ مايوسي پيدا ٿي رهي آهي، جيڪا انهن کي منشيات جي استعمال ڏانهن راغب ڪري رهي آهي. تعليمي نظام جي گهٽتائي ۽ غيرمعياري تعليم به هڪ وڏو سبب آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪافي رهنمائي نه ملڻ سبب نوجوان نسل غلط راهن تي هلڻ لڳي ٿو.پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪرپشن ۽ نااهلي به هن مسئلي کي وڌائي رهي آهي. منشيات فروش آسانيءَ سان پنهنجي ڪاروبار کي جاري رکن ٿا ۽ قانوني ڪارروائي کان بچي وڃن ٿا. دوستن ۽ سماجي گروهن جو دٻاءُ به هڪ اهم عنصر آهي، جتي نوجوان هڪ ٻئي جي دٻاءُ ۾ اچي منشيات جو استعمال ڪرڻ شروع ڪن ٿا.

نقصان

منشيات جي استعمال سان صحت تي انتهائي منفي اثر پون ٿا. جسماني ۽ ذهني بيماريون وڌن ٿيون ۽ ڪيترن ئي زندگين جو ضياع ٿئي ٿو. ڏوهه، گھريلو تشدد، ۽ ٻين سماجي مسئلن ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن سان سماجي ۽ خانداني رشتا خراب ٿي وڃن ٿا. منشيات جي ڪري محنتي ۽ قابل نوجوان نسل برباد ٿي وڃي ٿو، جنهن سان ملڪ جي معيشت تي به منفي اثر پوي ٿو.سانگھڙ ضلعي ۾ مختلف قسم جي منشيات استعمال ٿئي ٿي جن ۾ هيروئن، چرس، ايسٽيسي ۽ آئيس (ميٿامفيٽامين) ۽ شراب شامل آهن.

روڪٿام لاء ڇا ڪرڻ گھرجي:

تعليمي ۽ آگاهي مهم: اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات جي نقصانن بابت آگاهي مهمون هلائڻ گهرجن. نوجوانن کي انهن جي صحت ۽ مستقبل جي اهميت بابت سمجهائڻ ضروري آهي.بي روزگاري جي خاتمي لاءِ قدم: روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ، پيشه ورانه تربيت ۽ ڪاروباري سپورٽ فراهم ڪرڻ سان نوجوان نسل کي صحتمند ۽ مثبت سرگرمين ۾ مصروف رکڻ ممڪن آهي.قانون جي سختي: منشيات جي وڪري ۽ استعمال تي سختي سان قابو پائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

معاشرتي مدد: ڪميونٽي سينٽرن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي مدد سان منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ خاص پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن، جنهن سان اهي پنهنجي زندگي کي نئين سر سنواري سگهن.سانگھڙ ضلعي ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال جي روڪٿام لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ تعليم، آگاهي، معاشي استحڪام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهتر ڪارڪردگي بنيادي اهميت رکن ٿيون.

 

اعجاز علي راڄڙ/چوٽياريون

 

سيد ميران محمد شاھ رح ، سنڌ جو ناليوارو عالم

 

ھالاڻي ۾ سيد حسن علي شاھ جي حويلي ۾ اک کوليندڙ سيد ميران محمد شاھ جو والد صاحب سيد حسن علي شاھ به پنھنجي دور جو وڏو عالم ٿي گذريو آھي. ھالاڻي شھر جو لڪياري خاندان سنڌ سميت برصغير ۾  ڏاھپ ۽ علم جو خزانو رھيو آھي. سيد ميران محمد شاھ ابتدائي ديني تعليم ھالاڻي ۾ حاصل ڪئي، ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاء مولانا نور محمد شھداد ڪوٽي وٽ ويا. جڏهن ته ديوبند رام پور انڊيا وڃي وڏن وڏن عالمن کان ديني تعليم حاصل ڪئي ھئي. پاڻ عربي، سنڌي ۽ فارسي جا وڏا ڄاڻو ھئا. رام پور ۾ سيد ميران محمد شاھ رح کي احمد شاھ ابدالي ڪري سڏيندا ھئا. خيرپور رياست جي وزيراعظم سيد فتع علي شاھ رح جي 1894ع ۾ وفات کان پوء سيد ميران محمد شاھ رح کي ھزھائنس مير علي مراد خان ٽالپر خيرپور رياست جو مفتي مقرر ڪيو. ميران محمد شاھ شادي پنھنجي خاندان مان ڪئي جنھن مان سائين کي چار پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو سندس پھريون پٽ سيد غلام محمد شاھ ، ٻيو پٽ سيد مدد علي شاھ ، ٽيون پٽ سيد حسن علي شاھ چوٿون پٽ سيد محمد علي شاھ هو. سائين ميران محمد شاھ رح 81 ورھين ۾ 27 مئي 1925ع ۾ ھالاڻي شھر ۾ وفات ڪئي.  سندن آخري آرام گاھ به خانداني قبرستان ۾ آھي. سندس اولاد پنھنجي پيء سيد ميران محمد شاھ رح جي ڏنل تعليم تربيت جي ڪري سندس پھريون پٽ سيد غلام محمد شاھ پوليس کاتي ۾ ايس ايس پي دادو به ٿيو. ڪوٽڙي واري مسجد جي ڪري پنھنجي نوڪري به وڃائي ھئي. انگريز سرڪاري پاران ريلوي لائين ٺھڻ واري منصوبي جي ڪري جيڪو ڪوٽڙي واري مسجد ڊاھڻ جو حڪم نامو جاري ٿيو ھو ته مسلمانن اعتراض ڪيو ھو. انگريز سرڪار سيد غلام محمد شاھ ۽ سندس پوليس عملي کي موڪليو. هن مسلمانن جون ڳالھايون ٻڌڻ کان پوء پوليس کان ئي بغاوت ڪري مسلمانن سان گڏ بيھي ويو جنھن تي پوليس کاتي پاران شاھ صاحب کي سزا طور پوٺتي ڪري ڊي ايس پي ڪيو ويو.  سندس ٻيو پٽ سيد مدد علي شاھ تمام وڏو ليکڪ ۽ سکر جو ڪليڪٽر رھيو. هو سائين جي ايم سيد جو ويجھو دوست به لکيو ويندو هو. سورھيه بادشاھ جي شھادت کان پوء پاڳاري خاندان تي تمام گھڻيون مصيبتون آيون. سورھيه باد شاھ جي پٽن سيد علي مردان شاھ ۽ سيد نادر شاھ کي برطانيا موڪليو ويو. سندن زندگي کي خطرو ھو پاڳاري خاندان جو ڪيس سائين مدد علي شاھ وڙھي پاڳاري خاندان کي واپس ڪرايو ھو پنھنجي نگراني ۾ پيرڳوٺ پھچايو ھو.

 

سيد جاني شاھ/هالاڻي

 

ادب سياست سماج جو پانڌيئڙو

 

ڪلاچي جي ڪن مان جنم وٺندڙ شخصيت غريب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ خاصخيلي لطيف راولاڻي جي پيدائش چنيسر ڳوٺ ڪلاچي ۾ ٿي. ان جي خاندان جو تعلق ضلع ٺٽي جي تعلقي ڪيٽي بندر جي سامونڊي علائقي ٻاٻيھو سان ھو ۔جيڪي انڊس ڊيلٽا جي تباھي جي ڪري پنھنجا تباه ٿيل اباڻا ڪک ڇڏي ڪري روزگار جي تلاش ۾ ڪلاچي آيا. لطيف به پرائمري تعليم بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ مڊل تعليم ڄام مراد علي ڳوٺ ۽ مئٽرڪ لاء گھر کان تمام پري پولي ٽريڊ اسڪول رزاق آباد وڃڻو پيو ۔جتان 1982ع ۾ مئٽرڪ جي ٽيڪنيڪل بورڊ مان سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان پوء ڊپلوما ڪرڻ لاء جامعه مليه ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي پر ڳري فين ۽ معاشي مسئلن جي ڪري ڊپلوما کي اڌ ۾ ڇڏي نوڪري لاء ڊڪ ڊوڙ شروع ڪئي. والد پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جي صحبت ۽ پرورش گھر ۾ ادبي ماحول ملڻ ڪري ۽ مھراڻ لائبريري جي موجودگي جو مڪمل فائدو وٺندي ادب ۽ سياست ۽ صحافت ڏانھن مائل ٿيو. لطيف والد جي لاڏاڻي کان پوء مھراڻ لائبريري کي سنڀالڻ والد جي ڇڏيل ڪمن کي اڳتي وڌائڻ لاء ڪوششون جاري رکيون آھن. هو پنهنجي والد پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جي آتم ڪٿا زندگي جو سفر 2019ع ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت شايع ڪرائي ۽ اڃان به مضمونن جو ذخيرو گڏ ڪري ان کي به ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

زينت لطيف راولاڻي/ڪراچي

 

صحافت جي دنيا جو آدرشي انسان نصرالله گڏاڻي!!

 

سموري سنڌ ۾ بدامني جو راڪاس ڇانيل آھي، جتي ھر ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي نه جان ۽ نه ئي عزت محفوظ آھي، اِھو سمورو نتيجو خراب حڪمرانيءَ جو ئي آھي. اها صورتحال سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ آھي پر اتر سنڌ جي ڪشمور ـ ڪنڌ، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ چوريون، ڦرون، ڌاڙا، اغوا، قتل، جنسي ڏاڍايون روز جو معمول بڻيل آھن. جتي قانون جي نالي تي ڄڻ ته ڪا شيءِ ئي نظر ناهي ايندي، عام ماڻهو ته ڇا پر اِنهن ضلعن ۾ قانون جا رکوالا به غيرمحفوظ آھن جن کي به ھٿيارن جي زور تي کنڀيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ڊيل تحت اُھي پوليس اھلڪار بازياب ڪرائي پوليس مُقابلي جو جُڙتو رنگ ڏنو وڃي ٿو. ھن ملڪ جا اِدارا ۽ طاقتور ڌريون ان ڳالھ جي به دعوا ڪندا آھن ته ڪو پکي اُڏامَ ڪندو آھي ته اُھو به اسان کي معلوم ھوندو آهي جيڪڏھن واقعي ئي اِھڙي ڳالھ آھي ته پوءِ ٺل سان وابسطا فضيلا سرڪي ۽ سنگرار شهر مان پتڪڙي پريا ڪُماري ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ قيد آھن ۽ بازياب ڇو ناھن ٿي سگهيون؟ ٻئي طرف صحافي به غير محفوظ آھن جن کي به گولين جو کاڄ بڻائي موت جي اَبدي ننڊ سمهاريو ويندو آھي. جيڪڏھن ھتي شهيد صحافين جو ذڪر ڪنداسين ته ھڪ ڊگهي فهرست ٿي ويندي، پر ھتي انهن صحافين جو ذڪر ڪريون ٿا جن جي قتل کي ھڪ سال به مُڪمل ناھي ٿيو. لاش مٿان لاش ڏنا ويا آھن، خيرپور ضلعي جي شهر احمد پور ۾ اصغر کَنڊَ کي گوليون ھڻي شهيد ڪيو ويو، جنهن جا قاتل ھن وقت تائين قانون جي پڪڙ کان ڏور آھن ۽ شهيد صحافي جو خون انصاف لاءِ منتظر آھي.

14 آگسٽ 2023ع واري رات سکر جي مصروف ترين شهر ۽ روڊ تي جان محمد مهر کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. شهيد جان محمد مهر جي شهادت کي 287 ڏھاڙا گذري چُڪا آھن پر ھن وقت تائين سندس قاتل قانون جي گرفت ۾ ناھن اچي سگهيا. وقت جا حڪمران ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ سان سلهاڙيل مانهو وقت به وقت مختلف ڳالهيون ڪندا رھيا آھن. عملي ڪم جو نتيجو زيرو سامهون آيو آھي. شهيد جان محمد مهر جي قتل تي سنڌ سراپا احتجاج ھئي جيڪا ھن وقت تائين آھي. شهيد جان محمد مهر جي بيرحماڻي ٿيل قتل جو  تڏو سنڌ اڃا کنيو ئي ناھي ته شهيد جان محمد مهر جي تسلسل ميرپورماٿيلي جي صحافي نصراللہ گڏاڻيءَ کي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصراللہ گڏاڻيءَ جو ڏوھ صرف اِھو ھو ته ھُو غريبن، مسڪينن، اٻوجھ، بي پهچ، لاچار ماڻهن جو قلم جي نوڪ سان آواز بڻجي وقت جي ويرين ۽ چونڊيل حڪمرانن جي ناجائزين کي وائکو ڪري رھيا ھئا. جيڪا ڳالھ حڪمرانن ۽ طاقتور ڌرين کي بنھ پسند نه ھئي نتيجي ۾ ڪِرائي جا قاتل مُهرا ڪري سندن زبردستي زندگيون کسيون ويون. شهيد جان محمد مهر جي جنازي وقت جي ويرين کي جيڪا شڪست آئي تنهن مان سبق ته ڪين سکيو پر 24 مئي 2024ع تي شهيد نصراللہ گڏاڻي جي شهادت وڏيرا شاھي، جاگيرداراڻي ۽ ڀوتارڪي نظام کي اھڙي ته شڪست ڏني آھي جنهن تي موت به شرمائي رھيو ھو. ڪراچي کان وٺي سندس ڳوٺ قبول گڏاڻي تائين وک وک تي نصراللہ گڏاڻيءَ جي مَڙھ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سندس جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻهن شريڪ ٿي سندس قاتلن کي اِھو واضع ۽ چٽو پيغام ڏنو ته اي! وقت جا ظالمو توھان جسم جدا ڪري سگهو ٿا پر روحاني طور تي اسان کان اسان جا ساٿي جدا نه ٿا ڪري سگهو. شهيد نصراللہ گڏاڻيءَ جي اَمڙ، وني، ٻار ۽ ڀائر يقينن اِھو فخر سان چوندا ھوندا ته نصراللہ ڪين وِڪيو ۽ جهڪيو ڪين پر موت کي عظيم سمجهي شهيد ٿي ويو.

جڏھن روپلي ڪولهي کي انگريز سرڪار لٽڪائي رھي هئي ته ان وقت روپلي ڪولهي جي ونيءَ روپلي کي چيو روپلا انگريز سرڪار آڏو آڻَ ڪين مڃجانءِ نه ته ٿر جون ڪولهياڻيون مون کي مهڻا ڏئي ماري ڇڏينديون. اِھا پڪ اٿم ته شهيد نصراللہ گڏاڻيءَ کي به سندس ونيءَ اِھو ضرور چيو ھوندو ته اسان مسڪين سٺا آھيون پر ڪنهن مير، پير، وڏيري، جاگيردار جي چاپلوسي ڪڏھن ڪين ڪجانءِ. موت مهڻو ناھي موت اَچڻو آھي ۽ ايندو ضرور پر جهڙي طرح سان نصراللہ گڏاڻيءَ شهادت ماڻي اَمر ٿي ويو آھي ته قاتلن جون ننڊون به حرام ٿي ويون ھونديون، نصراللہ ھڪ مسڪين ماڻهو ھو. ھن پنهنجي وطن، مٽيءَ ۽ ماڻهن سان وفادري ڪئي، غداري نه ڪئي. قاتل اِھو نه سمجهن ته نصراللہ گڏاڻيءَ کي جسماني طور جدا ڪري ڪا انهن فتح حاصل ڪئي آھي. سنڌ وقت جي حڪمرانن ۽ پوليس انتظاميه کان اِھا گهر ڪري ٿي ته سندس قتل ۾ ملوث قاتل ۽ سهولتڪار منظر عام تي آندا وڃن ۽ قانون جي گرفت ۾ آڻي کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل رھندي.!!

 

عامر مهيسر

 

صحافي جي ٽارگيٽ ڪلنگ

ميرپور ماٿيلي جي سينيئر صحافي نصر ﷲ گڏاڻي جو جهڙي طرح بيرحماڻي انداز ۾ قتل ڪيو ويو آهي انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ صوبي ۾ صحافي ڪيترا محفوظ آهن؟ سنڌ جي صحافت ۾ هونئن ته بيشمار اهڙا نالا آهن جيڪي ارڏا، بيباڪ، بهادر رهيا ۽ پنهنجي قلم ذريعي ڪرپٽ، ڪانئر، ناسور ورتل نظام ۽ بدبودار ماحول ۾ سماج دشمنن جي اکين ۾ اکيون ملائي مزاحمتي ڪردار بڻجي وحشي ڪردارن کي وائکو ڪندي مظلومن جي آواز کي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي جان جي به پرواهه ناهي ڪئي. جيڪي ماڻهو وطن جي ويرين، ڌرتي جي دشمنن جي آشيرواد تي هلندي صحافين کي پنهنجي گولين جو نشانو بڻائي هڪ حق سچ جي آواز کي بند ڪري ڇڏين ٿا اصل ۾ اها انهن جي شڪست هوندي آهي اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا آهن. انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته ” آواز اسان جي کي ديوار ڇا روڪيندي” هي حق سچ جو ازل کان جاري آهي جاري رهڻو آهي. موت ته جتي اچڻو آهي اتي ئي ايندو پر ٽيپو سلطان جي بقول ته ” گدڙ جي سئو سالا بزدلانہ زندگي کان دلير بهادر ارڏي پٽ جي هڪ ڏينهن جي شينهن جهڙي زندگي کي ترجيح ڏيڻ افضل آهي. نصر ﷲ گڏاڻي شهيد نه صرف ميرپور ماٿيلو جي رهواسين لاءِ پر پوري سنڌ جي لاءِ هڪ وڏي آٿت ۽ اميد رهيو. هن جون جڏهن مظلومن جي آواز کي اڳتي آڻيندي خبرون لڳنديون هيون ته هو وڏي خوشي ۾ هوندو هو. هو 24 ڪلاڪ الرٽ اپ ڊيٽ رهڻ وارو هڪ معتبر صحافي هو. هن جي ڪوشش جستجو اها هوندي هئي ته ڪنهن به طرح ڀوتارڪو مدي خارج نظام ختم ٿئي، سماجي نابرابري لٽمار، غنڊاگردي اجائي ڏاڍمڙسي جو خاتمو سنڌ مان ٿيڻ کپي. برابري ۽ سراسري جي بنياد تي هرهڪ انسان کي جيئڻ جو حق ملڻ گهرجي. انهي ڪري هن انسانيت جي خيرخواهي جي تعلق سان فلاحي ڪردار ادا ڪيو. هو ميرپور ماٿيلي سميت ڀلي ڪٿي به هوندو هيو پر پنهنجي مارو ماڻهن جي تڪليفن، اهنجن، مشڪلاتن کي محسوس ڪندي انهن جو آواز بڻجندو رهيو. نصر ﷲ گڏاڻي شهيد جي بي وقتائتي موت تي پوري سنڌ ۽ پاڪستان جا صحافي اديب شاعر ليکڪ ڏکايل رنجيده افسرده آهن. قلم ڌڻين جي آواز کي روڪڻ بند ڪرڻ جي سازش ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته :

اواز اسان جي کي ديوار ڇا روڪيندي….!

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين

اعلان هزارين مان نه رڳو.

 

عبدالوحید عباسي

 

بجلي گئس آھي ئي ڪونہ ته ٽئڪس ڇا جا؟

 

پاڪستان جي اصل حڪمران اداري آءِ ايم ايف جا نمائندا ڪالھ ھڪ ھفتو ڪروڙين رپين جي ماني ۽ رھائش جو خرچ ڪرائي، بوڇڻ ڪلھي تي رکي بنا ڪنھن ڏوڪڙ ڏيڻ جي واعدي جي وڃي پنھنجي ڏيھہ نڪتا آھن ۽ پاڻ وارا حاڪم کين ويندي ويندي ڏسندا رھجي ويا. آءِ ايم ايف وارا ويندي ويندي کين اھو حڪم ڏيندا ويا ته بجلي، گئس ۽ پئٽرول جي اسمن جي اگهن ۾ ناجائز طور واڌ ڪئي وڃي تہ اسان قرض ڏينداسين نه ته پاڻ ڄاڻو. اسان جا حاڪم سڳورا، ھيڏانھن باھہ ھوڏانھن پاڻيءَ واري مثال جيان اچي ڦاٿا آھن، ته ھاڻي ڇاڪن؟. بجليءَ جا اضافي چارجز ۽ ان اداري جي ٽيڪنيڪل ڪرپشن ھاڻي ڪنھن کان ڳجھي ناھي رھي پر پوءِ به پيڙھيل عوام جي کاتي، اداري ۽ ٻين کاتن کي مفت بجلي ڏيڻ جون سھوليتون ڏيڻ جو بار( ياد رھي ته مفت بجلي ٻاريندڙن کي ھڪ اندازي موجب بجليءَ جي ڪل پئداوار جو اڌ حصو ڏنو پيو وڃي اھا بہ 24 ئي ڪلاڪ) اھڙي مفت ۾ ورھائجندڙ بجليءَ جا ناجائز خرچ پورا ڪرڻ لاءِ عوام لاءِ بجليءَ جا اگھہ آسمان تي پڄائي ڇڏيا آھن. جڏھن بل ڏسجي ٿو ته ھيءَ قھر جي ڪاڙھي جھڙي گرمي به ايڏو مٿو نٿي ڦيرائي جيترو اھو بل ڏسي مٿو ٿو ڦري. بل ۾ ٽئڪسن مٿان پنجن قسمن جا بي نامي ٽئڪس لڳل آھن. شرم ان ڪو مگر آتي نھين. ۽ بجليءَ جو ڏس اختيارين وارا چون ٿا ته آسمان کان پڇو. تازو ملڪ ۾ اونھاري جا سخت گرميءَ وارا ڏينھن شروع ٿيا آھن سج سوا نيزي پاند لڱ ساريندڙ باھہ اوڳاڇي رھيو آھي، اھڙي لڱ ساريندڙ گرميءَ ۾ به ويھ ويھ ڪلاڪ بجلي جو غائب رھڻ، واپڊا اختيارين ۽ ايئر ڪنڊيشنر ڪمرن ۾ ستلن حڪمرانن جي لاءِ ڄڻ ھڪڙي قسم جي تفريح لڳي پئي آ. بجلي ڪيئن استعمال ۽ چوري ٿئي ٿي اھا حقيقت به ھاڻي ڳجھي ناھي رھي. ٻيو اسم آھي گئس جيڪا سال ڏيڍ اڳ ايتري ھئي جو بنا ناغي جاري رھندي ھئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ھزارين سي اين جي اسٽيشنز به جائز توڻي ناجائز نموني ھلنديون ھيون. پوءِ گئس سان مالامال سنڌ جا ماڻھو مافيائن جي گھرايل 15 روپيا ڪلو واري ايل اين جي عوام کي 300 روپيا ڪلو ۾ وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو. حد ته اھا جو رمضان شريف جي مقدس مھيني ۾ بہ بنا روزائتن ۽ بيمار ٻڍڙن توڻي ٻارڙن لاءِ  بہ گئس بند ڪئي وئي. گھرن کي گئس دوا جي وزن جيان ٻہ ڪلاڪ صبح منجھند رات ڏني وئي. مٿان وري کاٽو پٽن جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ بجلي سليبن جيان گئس قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي  وري ڪامورا شاھي پنھنجو ڀِڀُ ڀرڻ لاءِ ھر ڏيڍ سؤ يونٽن تي ھڪ ھزار روپيا فڪس ٽئڪس مڙھي ڇڏيو، ڇو جو فئڪٽرين کي گئس ۽ بجليءَ تي سبسڊين جي بارش ڪئي وئي. اھي فيڪٽريون ڪي ڪرڙ، ڪانڊيري جون نہ پر وڏن سرمائيدارن جون آھن، جن جا ٻار ھن ملڪ بجاءِ يورپ جي قانون ۽ آئين تي عمل ڪندڙ ملڪن ۾ آرام ۽ آسائشن جي پينگھي ۾ پيا لڏن.

ٽيون اسم آھي پئٽرول، جنھن لاءِ مائي باپ آءِ ايم ايف جو حڪم آھي تہ، ان تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي مڙھي وڃي. پئٽرول به بجلي ۽ گئس جيان ناجائز طور تي ايليٽ ڪلاس ۽ سندن نمائندن توڻي کاٽو پٽن جھڙي بيورو ڪريسيءَ کي مفت ۾ ڏنو پيو وڃي. پئٽرول جنھن جو عالمي مارڪيٽ ۾ اگھہ پاڪستاني روپين جي حساب سان صرف ۽ صرف ريفائنري خرچن باوجود 100 روپين جي حساب سان ملڻ گھرجي اھو ھن وقت اسان کي پيٽروليم ليوي (ليوي خبر ناھي ڪھڙي بلا جو نالو آھي) جي نالي ۾ 100 روپين جي لڳ ڀڳ اوڳاڙي وڃي ٿي، کان پوءِ 290 روپين ۾ ملي ٿو. ھاڻي وري آءِ ايم ايف جو نئون شرط ته پئٽرول تي جي ايس ٽيءَ جي فرمائش نه صرف اسان جي سمجھہ کان ٻاهر آهي پر ان مطالبي اقتدار ۾ ويٺل اڪابرن کي به مٿي تي ھٿ ڏئي ڇڏيا آھن. ھي حڪومت جيڪا خبر ناھي ڪھڙي مينڊيٽ تحت آئي آھي پر ھن حڪومت مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي نه صرف سستائيءَ جا آسرا ڏنا ھئا پر 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏيڻ جو آسرو ڏنو ھو پر، اڳ جيان واعدا واعدا ئي رھيا، عوام کي نہ صنم ئي ملا، نہ وصال يار ملا. عوام اڄ به مھانگائي، بجلي گئس کان محروم، پئٽرول جي ڪري شين جي وڌندڙ اگھن جي بار ھيٺان دٻجي ويو آھي جو ساھ کڻڻ ۾ به ڏکيائي پيو محسوس ڪري. ھن سڄي مٿاڪٽ کان پوءِ اھو ته کين آرام سان سمجھ ۾ ايندو ھوندو ته ھاڻي سوشل ميڊيا جو دؤر آهي. عوام جي ڪاوڙ وارو پارو ھاءِ آھي ۽ ھو عوام آڏو اچڻ کان لنوائن ٿا.

 

سريش ھوتچنداڻي/لاڙڪاڻو