جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

سڄو ڏينهن وڪيل امتياز علي عباسي صاحب ۽ اسد عليءَ جي اچڻ جو انتظار ڪريان ٿو پر شام جو اسد اڪيلو ملاقات تي اچي ٿو، هُو ٻڌائي ٿو ته وڪيل صاحب چيو ته پهريائين جج صاحب جيل مان هڪ ليٽر گھرايو آهي جيڪو جمعي تائين اچي ويندو پوءِ ئي جيل هلنداسين ته جيئن اسان جيل وارن سان ڳالهائڻ جھڙا به ٿي سگھون، تنهن کان پوءِ پاڻ پٽيشن به داخل ڪرڻ جھڙا به ٿي وينداسين. مون کي اسد جي ڳالهه بلڪل به سمجھه ۾ ڪونه آئي ۽ دل ۾ اونڌا سڌا وسوسا پڻ ايندا رهيا، ڇو جو جيلر شڪيل جو وڪيلن سان وڏو واسطو آهي، مون اسد کي چيو ته ايئن نه ٿئي جو مون کي جمعي کان پهرئين جيل وارا جيل بدلي ڪري ڇڏين؟ اسد چيو ته تون فڪر بلڪل به نه ڪر ادا! ڇو جو فڪر ڪرڻ رڳو منهنجو ئي ڪم آهي. پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ لاءِ ايترو فڪرمند ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي. کوليءَ ۾ اچي زوهيب کي چيم ته اڄ توکي ڀرواري کوليءَ ۾ ٿو روانون ڪيان، ڇو جو هاڻ تون هر هڪ سان بحث ڪرڻ لڳي ٿو وڃي. زوهيب پهريان ته چيو ته جيئن تنهنجي مرضي پر جڏهن کيس روانون ڪرڻ جو وقت آيو تڏهن هن چيو ته مون کي هتان نه ڪڍ! مون ضد ڪيو ته هو منٿن تي لهي آيو ۽ ٻيا ساٿي به مون کي چوڻ لڳا ته ڇڏي ڏي ٿيٻي کي، هي ٻيهر ايئن ڪونه ڪندو ۽ ايئن زوهيب کي ڪونه موڪليم. علي ۽ مون ونگز جي ورزش ڪئي. شام جو سج لٿي کان پوءِ مون رجب کي ڪنهن ڳالهه تي دڙڪا ڏنا ته رشيد مون کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش جي دوران روئڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن کي چپ ڪرائيندي ڪرائيندي وڏي دير لڳي وئي. (27 فيبروري 2024

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

مافيائن جي ور چڙھيل ملڪ!

اھو چوندي وڌاءُ نه ٿيندو ته پاڪستان کي جتي اندروني توڙي ٻاھريان ڪيترائي خطرا لاڳو آهن اتي ملڪي معاشي ترقي، سياسي استحڪام ۽ سماجي بھتري واري راھ ۾ ٻين کوڙ رڪاوٽن منجھان ھڪڙي بنيادي ۽ وڏي رڪاوٽ اھي مافيائون پڻ آهن جيڪي ملڪ جي ھر شعبي ۾ پنهنجو نانيءَ ويڙھو ٺاھيو پنهنجن ذاتي مفادن کي محفوظ بڻائيندي ملڪ جي عام ماڻهن جو ھر وقت رت چوسين پيون، اھي مافيائون ئي آهن جن جو لڳ ڀڳ سڄي ملڪ تي قبضو آهي، انهن مافيائن کان آجو ملڪ جو ڪو ادارو ناهي جتي انهن جو راڄ نه ھجي. ھڪ پاسي ملڪي تعليمي نظام خانگي اسڪول مافيائن جي ور چڙھيل آهي، خانگي اسڪول تعليم جي آڙ ۾ تعليم کي ڪاروبار بڻائي غريبن لاءِ ڄڻ ته تعليم جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا آهن، خانگي اسڪولن جي ڳرين فين سبب مسڪين ماڻهوءَ جي اتي پھچ ناممڪن بڻيل آهي، ٻئي طرف بنيادي سھولتن کان وانجھيل سرڪاري اسڪول آهن جتي پيرين اگھاڙا مسڪين ماڻهن جا ٻار پڙھن ٿا، انهن لاءِ نه ويھڻ لاءِ بئنچون آهن نه پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو ڪو جوڳو انتظام آهي، اھڙيءَ ريت ساڳيو حال صحت واري شعبي جو به آهي يعني ھر ھنڌ اوھان کي ھڪڙي مافيا نظر ايندي جنهن آڏو پنهنجو ھي نظام به مجبور آهي پوءِ چاھي ملڪي سياست جو ميدان ھجي، ملڪ جي ڪرنگھي واري ھڏي سمجھيو ويندڙ زرعي شعبو ھجي يا وري ملڪي صنعتي شعبو ڇو نه ھجي ھر ھنڌ مافيائون موجود آهن. ملڪ ۾ موجود مھانگائي، روزمرھ جي شين کان وٺي ملڪي مارڪيٽن ۾ ھر شيءِ تي پنهنجي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ سميت بليڪ مارڪيٽنگ تائين ھر اھو ناجائز ڪم جنهن ذريعي اھي مافيائون ملڪي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻي پنهنجو پيٽ ڀري سگهن ٿيون، اھو ڪم ڪرڻ انھن لاءِ ڄڻ ته کاٻي ھٿ جو کيل آهي، ڇاڪاڻ ته ھو تمام گھڻا طاقتور ۽ ھر حوالي سان بااثر آهن، انهن مافيائن لاءِ ادارا ۽ عملدار خريد ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي، اھي قوتون ئي ملڪي اليڪشن کي ھاءِ جيڪ ڪندي انهن سياستدانن کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ وسان ناھن گھٽائينديون جيڪي اقتدار ۾ ايندي انهن مافيائن لاءِ ئي رستا سولا ڪن ٿا ۽ نتيجتن انهن مافيائن ئي سڄي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. رشوت جي بازار گرم ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ ۾ به اھي ئي ملوث آهن، افسوس ته تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسين نوجوان نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏئي اڃا گهر ئي ناهيون پھچندا ته انهيءَ کان اڳ انهن نوڪرين جا اگھ ۽ نوڪرين جي وڪري جا چوٻول اسان جي ڪنن تائين پھچن ٿا، انهن نوڪرين کي خريد ڪري نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ پٺيان پڻ انهن مافيائن جا ھٿ آهن. تنھن ڪري ملڪ ۾ سياسي، معاشي، زرعي، تعليمي ۽ سماجي بھتريءَ جو رستو صرف ھڪڙو ئي آهي ته ملڪي ادارن کي انهن مافيائن کان وڌيڪ طاقتور بڻائي ھر ھنڌ انهن مافيائن جي رستا روڪ ڪرڻ گھرجي ته جيئن ملڪي عوام کي انهن مافيائن مان ڪو ڇوٽڪارو ملي سگهي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙن جا ذميوار سردار آهن!

سنڌ اندر قبيلائي جھيڙن جو ذميوار وڏيرا، سردار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آھن، چوندا آھن ته قانون جا ھٿ ڊگھا آھن پوءِ انھن جي ڳچيءَ تائين ڇو نٿا پھچن؟ آخر ان جا ڪھڙا سبب آھن يا قانون مجبور آھي يا انھن وٽ اختيار ناھن؟ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن اھڙو ته ڪر کنيو آھي جنھن سبب انساني زندگيون تاراج بڻجي ويو آھن، قانون لاڳو ڪندڙ  ادارا قبيلائي تڪرارن کي ٻنجو ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھن، سنڌ اندر بدامني، وحشيت، لاقانونيت جو ننگو ناچ جاري آھي. پوليس جھيڙيندڙ ڌرين اڳيان بيوس نظر اچي رھي آهي، ماريندس، مان پلاند ڪندس وارو رواج سنڌ مان ڪڏھن ختم ٿيندو؟ پنهنجن فسادن ۾ انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي ويون آھن، جھيڙيندڙ ڌريون ھڪ ٻئي جي رتَ جون اڃاريون بڻيل آھن، قتل، رتوڇاڻ جون ايتري قدر ته ھيراڪ بڻجي ويون آھن جو بي شمار انسان انھن فسادن جو کاڄ بڻجي چڪا آھن، بي انت جسم انھن جو گرھ بڻجي ويا آھن، اڻڳڻيا جاٺا جوان، جوانڙيون، رتوڇاڻ جو شڪار بڻجي چڪيون آھن، سوين عورتون رنڙ بڻجي ويون آھن ۽ ھزارين گھوٽ ذاتي فسادن سبب زخمي يا معذور ٿي چڪا آھن، مطلب ته فساد ۽ رتوڇاڻ ھڪ ڊگھي ندي آھي جنھن ۾ عوام جو رت وھي رھيو آھي، ھر طرف رت جي ھولي ھلي رھي آھي، جھيڙا، جنگيون، انسان جي نابالغي وري دور جون خطرناڪ حرڪتون آھن، جيڪي انساني زندگين ۽ بقاءَ لاءِ وڏو خطرو آھن، پاڻي جي واري تان يا مال جي ڀيل تان شروع ٿيندڙ جھيڙا جيڪي سوين جانيون ڳڙڪائي ويندا آھن، سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو ٻير قبيلائي تڪرارن ۾ تيزي اچي وئي آهي، قبيلائي تڪرارن ماڻھن کي وحشي بڻائي ڇڏيو آھي، ماڻھن کي پلاند ۾ قتل ڪري وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪن ٿا، انسان وحشي بڻجي ويا آھن، انسان جو قتل ڪن ٿا، قبيلائي تڪرارن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي.

وحيد علي ڄامڙو/ راڻيپور

هڪ چٺي جناب سردار علي شاهه جي نانءُ!

جناب اعليٰ: عرض ته هن وقت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار انتظار ۾ ويٺل آهن ۽ انهن جون مارڪون 40 کان وڌيڪ آهن، انهن کي ڪجھه ضلعن جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي، خيرپور، گھوٽڪي وغيره ۾ آفر آرڊر ملڻ شروع ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين شڪارپور ۾ چپ لڳي پئي آهي، خبر ناهي ته تعليم کاتو ڇو اگھور ننڊ ستل آهي؟ شڪارپور ضلعي جي چئن تعلقن جا اميدوار پريشان حال آهن ۽ نوڪريءَ لاءِ الله سائينءَ جي در دعائون گھرندا ٿا رهن. انهن جي ڏکيائين تي همدرداڻون غور ڪيو وڃي. آخر ۾ مان توهان جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو ته جيڪي رهجي ويل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار آهن انهن کي آفر آرڊر ڏئي منجھانئن مايوسي ۽ پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ فرمائيندا ته جيئن توهان کي دعائون ڏئي سگھن.

والسلام، محمد ابراهيم چنو/ شڪارپور

پڪي قلعي جي

مين گيٽ تي قبضا!

تاريخي ۽ قومي ورثو قرار ڏنل حيدرآباد جي پڪي قلعي جي مين گيٽ جو ڪم سنڌ گورنمينٽ ڪرائي رهي آهي ۽ ثقافت سياحت کاتي طرفان هڪ ڊگهي بجيٽ رکي وئي آهي پر گيٽ جا سمهون حددخليون ۽ قبضن طور ڪافي دڪان اچن ٿا وڃن جيڪي ناجائز ۽ غيرقانوني قبضو ڪري پاٿارا ۽ دڪان ٺاهيون ويٺا آهن ۽ گيٽ جو اڌ حصو انهن دڪانن جي ڪري ڍڪجي وڃي ٿو، پري کان ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ڄڻ ته دروازو آهي ئي ڪو نه، ڊائريڪٽر سياحت کاتي حيدرآباد کي گهرجي ته هن طرف ڌيان ڏئي ۽ گيٽ وٽان سموريون حددخليون ختم ڪيون وڃن ۽ گيٽ جي پاسي ۾ ئي روڊ سان گڏ پاڪستان کان اڳ جو هڪ يادگار نشان ٺهيل آهي، جيڪو پڻ ميسارجي رهيو آهي، جتي پڻ دڪاندارن قبضو ڪري سامان رکي ڇڏيو آهي. تاريخي يادگار جي بيحرمتي پڻ ٿئي پئي، تاريخي پڪي قلعي جي گيٽ ۽ يادگار نشان وٽان سموريون حددخليون ختم ڪيون وڃن سنڌ جا ساڃاهه وند هن اهم مسئلي طرف ڌيان ڏين.

دائود لغاري/ ڪوٽڙي

هڪڙي چٽي بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن‎!

سڀ کان پهرين اسلام عليڪم، بلاول ڀٽو زرداري صاحب، اميد ته خوش هوندا، جيئن ته عرض ڪنداسين ته واهي پانڌي جي لڳ ڳوٺ پريو جمالي واسي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا پراڻا ووٽر آهن، هن ڳوٺ جا رهواسي سدائين پ پ ڳوٺ پريو جمالي ۾ کٽرائيندا پيا اچن، ڳوٺ پريو جمالي واسي هن وقت پيئڻ جي صاف پاڻيدءَ لاءِ سخت پريشان آهن، افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي اسان پ پ جا ووٽر آهيون ان جي باوجود پيئڻ جي صفا پاڻيءَ، گئس ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، اسين ڳوٺ پريو جمالي واسي بلاول ڀٽو زرداري صاحب کي عرض ٿا ڪريون ڳوٺ پريو جمالي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي، ڳوٺ پريو جمالي ۾ سولر واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏني وڃي، ڳوٺ پريو جمالي واسين کي تڪليف کان بچايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

صارفن سان موبائل ڪمپنين جي وڌندڙ ناجائزيون!

دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ انٽرنيٽ سروس ۾ ڏينهون ڏينهون نواڻ پيدا ڪري اتي جي صارفن کي وڌيڪ سهولتون ميسر ڪيون پيون وڃن، جيئن اندروني توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ صارف به پنهنجي ڪاروبار کي وڌيڪ تيز ڪري ملڪي ترقين ۾ اهم ڪردار ادا ڪن پر پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن عوام کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن کي سولو ڪرڻ بجاءِ ويتر ذليل خوار ۽ پريشان ڪري سهولتون کسيون پيون وڃن، ذڪر ڪجي ٿو ملڪ اندر موبائل ڪمپنين جو مختلف موبائل ڪمپنين جا هن وقت هڪ ڪروڙن جي لڳ ڀڳ صارف آهن پر ايڏو وڏو انگ صارفن جو هئڻ باوجود گذريل ڪيترن ئي سالن کان حڪومت طرفان ڪمپنين ۾ نواڻ آڻڻ ۽ جديد بڻائڻ ۽ پنهنجي ساک کي بهتر ڪرڻ بجاءِ ڪروڙين رپيا ماهوار ڪرپشن شروع ڪري ڇڏي، جنهن جو اهم سبب اهو ئي آهي ته ڄاڻايل ڪنهن به ڪمپني مان ڪو به صارف مطمئن ناهي، هر وقت چئني ڪمپنين خلاف پوري ملڪ اندر شڪايت ملندي رهي آهي پر ان باوجود به نه ڪنهن ڪمپني انتظاميه طرفان ڪو نوٽس ورتو پيو وڃي نه وري وفاقي سطح سان لاڳاپيل وزارت يا حڪومت صارفن جي شڪايتن جو ڪو ازالو ڪيو آهي. ملڪ اندر تمام ٻهراڙين ۾ سموريون ڪمپنيون ٽاور ته لڳائين ٿيون پر انهن کي فعال بڻائڻ لاءِ ڪو عمل نٿيو کڻن، اهڙن هنڌن تي ٽاور لڳايا وڃن ٿا جتي بجلي نه هئڻ جي صورت ۾ سولر سسٽم يا جنريٽر تي ڪم هجي ٿو پر پوءِ به نيٽ ورڪ غير فعال هجي ٿو. تيل جي فراهمي ۾ کين لکين رپيا ڪمپني جا عملدار مقامي ملازمن جي معرفت ڪرپشن ڪري رهيا آهن، نيٽ ورڪ فعال نه هجڻ ڪري هڪ ته رابطا ۽ ڪاروبار ناممڪن ٿي رهيا آهن ٻئي طرف صارفن جا هزارين رپين جا پيڪيج فضول ختم ٿيو وڃن ٿا. سپريم ڪورٽ، وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي اي اٿارٽي کي اپيل ٿي ڪجي ته موبائل ڪمپنين جي ڪرپشن ۽ صارفن سان ٿيندڙ ھن ظلم جو نوٽس وٺي شڪايتن جو ازالو ڪري ڪرپشن ڪندڙ ڪمپنين جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي.

محمد اسماعيل لانگاھج/ ڊرگھه بالا، ڪاڇو

ضلعي سانگھڙ ۾ اگھور ننڊ ستل تعليم کاتو!

تعليم جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندڙ بالا آفيسر ۽ اين جي اوز صرف ڪاغذن تائين محدود آھن، ضلعي جي سڀن تعلقن جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ٻھراڙين جي اسڪولن جي حالت خراب آھي، اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻيل آھن، ڪيترين ئي اسڪولن جون عمارتن جون ڇتيون ڊھي پيون آھن، اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون نه ھجڻ سبب شاگرن ۽ شاگردياڻيون ڪيترن ئي ڏکائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن، قهر جي گرميءَ سبب اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻين بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري شاگرن پٽ تي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، ھر اسڪول جي سالياني ايندڙ بجيٽن ۾ به ڪرپشن ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آھن، جن ۾ تعليم کاتي جا آفيسر ملوث آھن، ضلعي ۾ ڪيترائي اھڙا پرائمري اسڪول آھن جيڪي 1988ع ۽ 1990ع ۾ تعمير ٿيا پوءِ اڃا تائين اھي وري مرمت به ڪو نه ٿيا آھن، ھنن اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻيل آھن، انهن جون ڇتيون مڪمل ڊٿل آھن، ضلعي سانگھڙ جي تعليم کاتي جي ڪامورن لاءِ ته ٻڏي مرڻ جو مقام آھي ۽ سنڌ حڪومت جنھن جو تعليم لاءِ نعرو آھي ته “پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ.” ان نعري تعليم کاتي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن، سخت سيءَ ۽ بنا ڇت ۽ بنا فرنيچر ۽ زبون حال بڻيل عمارت، اسڪولن جي عمارتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تعليم کاتو ڪيترو تعليم بابت سچو آھي. صرف غريب ڳوٺاڻن جا اسڪول نئين سر ٺھي ڪو نه سگھيا آهن، صرف وڏيرن جا اسڪول تعمير ٿيا آهن جن ۾ انھن اوطاقون قائم ڪري ڇڏيون آھن، تازو آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پرائمري استاد ميرٽ تي پاس ٿيا پر انھن جون مقرريون به سياسي بنيادن تي ٿيون، جنھن اسڪول ۾ سئو کان مٿي شاگرد آھن اتي صر ھڪ استاد مقرر آھي ۽ جن اسڪولن ۾ 30 شاگرد آھن اتي ٽي کان چار استاد مقرر ڪيا ويا آهن، پٺتي پيل اسڪولن ۾ تعليم کاتي جا ڪامورا ڪڏھن لڙي به نه آيا ۽ اچن به ڇو؟ ڇو جو انھن ۾ مسڪينن جا ٻار پڙهن ٿا، هنن کي ڪهڙو لاچار آهي اتي اچڻ جو؟ بهرحال ھن اليڪشن ۾ عوام پ پ جي نمائندن کي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آهي، اميد آھي ته ھر تڪ جو چونڊيل نمائندو پنھنجي علائقن جي زبون حال بڻيل اسڪولن جي نشاندھي ڪري انھن کي جلد تعمير ڪرائڻ ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪندو جيئن سانگھڙ ضلعي ۾ غريبن جا ٻار سٺي تعليم پرائي مستقبل جا معمار بڻجڻ.

اسـد زرداري/ سرھاڙي

ملڪاڻي شريف جي بنيادي مسئلن تي هڪ نظر!

ملڪاڻي شريف، هڪ خوبصورت ۽ تاريخي شهر آهي جيڪو ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، گذريل ٽن سالن کان هتي نياڻين جو اسڪول بند پيل آهي، جنهن سبب تعليم جو حق نياڻين کان کسجي رهيو آهي. تعليم جي اڻهوند سبب هتان جي نياڻين جي مستقبل تي سواليا نشان لڳي ويا آهن. اڄ جي دور ۾ جتي تعليم سڀ کان اهم آهي، اتي ملڪاڻي شريف جي نياڻين کي اسڪول کان محروم رکڻ هڪ وڏو ظلم آهي. 2011ع ۾ آيل سيلاب جهڏو، پنگريو روڊ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڃا تائين ٺهي نه سگهيو آهي. هي روڊ شهر جي لاءِ زندگيءَ جي لنگهندڙ رڳ آهي ۽ ان جي خراب حالت سبب شهري تمام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. سفر ۽ اچ وڃ ۾ ڏکيائين سبب شهري روزمره جي ڪمن ۾ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. شهر ۾ بجليءَ جو نظام به انتهائي خراب آهي، وڌيل لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ وولٽيج سبب نه رڳو شهري پريشان آهن پر شهر جا ڪاروبار به متاثر ٿيل آهن، بجلي نه هجڻ سبب شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان نٿا ڏئي سگهن ۽ ڪاروبار کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ملڪاڻي شريف جي واٽر سپلاءِ اسڪيم 35 سال اڳ ۾ ٺهي هئي، جيڪا اڄ تائين اپگريڊ ناهي ڪئي وئي، نتيجي ۾ شهري صاف ۽ مٺو پاڻي حاصل ڪرڻ کان محروم آهن. اڻ سڌريل واٽر سپلاءِ سسٽم سبب ڪيترن ئي بيمارين جو خطرو پڻ موجود آهي. پاڻي جي بحران سبب شهري ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. شهر ۾ ڊرينج نظام جي به سخت کوٽ آهي. برساتي موسم ۾ شهر جي گهٽين ۾ پاڻي بيهي ويندو آهي، جنهن سبب نه رڳو هلڻ چلڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي پر گندگيءَ سبب بيمارين جا به ڪيترائي خطرا پيدا ٿين ٿا. گٽر نالن جي نه هجڻ سبب شهري گندگي ۽ بدبوءِ جو شڪار آهن. ملڪاڻي شريف جي انهن بنيادي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هو جلد کان جلد انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن، نياڻين جي اسڪول کي ٻيهر کوليو وڃي، جهڏو-پنگريو روڊ کي ٻيهر ٺهرايو وڃي، بجلي جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي، واٽر سپلاءِ اسڪيم کي اپگريڊ ڪيو وڃي ۽ ڊرينج سسٽم ٺهرايو وڃي جيئن شهري سُک جو ساھ کڻي سگهن ۽ پنهنجو روزمره جو ڪم صحيح طرح سان انجام ڏئي سگهن. اميد ته لاڳاپيل ادارا ۽ حڪومتي عملدار فوري طور ڪارروائي ڪندا ۽ ملڪاڻي شريف جي شهري پنهنجي بنيادي حقن کان محروم نه رهندا.

عبدالباسط ملڪاڻي/ بدين

چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ چيئلج ۽ فيصلو اليڪشن ٽربيونل وٽ!

(حصوٻيون)

ڪم ڪاريون ڪو نه ٿيا ها پ پ اميدوار جي مدمقابل اميدوار کي ووٽ ملڻ جا هن ڀيري چونڊن ۾ گهڻا سبب هئا، پ پ اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ان ڪري به تڪ جي عوام ان لاءِ ڪيو هو ته اهو گذريل 15 سالن کان پنوعاقل ۾ ميمبري حاصل ڪري ٻه ٻه وزارتون وٺي مزا ماڻيندا رهيا پر علائقي جي عوام لاءِ ڪو خاص قسم جو ڪارائتو ثابت نه ٿيا هئا، جن ٻه ٻه وزارتون هجڻ سبب پنهنجا ماڻهو مڪاني کاتي توڙي ٻين کاتن ۾ جعلي ڀرتيون ڪرائي انهن کي روزگار سان لڳائي سيٽ ڪندو رهيو هو پرمٽ توڙي وڏا ٺيڪا وغيره ۽ اهي سمورا فائدا جيڪي ڪنهن وزير وٽان ملڻ ۽ حاصل ڪرڻ جهڙا هوندا آهن تن کي پنهنجن ماڻهن کي پهچائيندو ۽ ڏيندو رهيو، سڀ جا سڀ منظور نظر ماڻهو ان کان فائدا حاصل ڪري ويٺا ۽ هن وقت خوشحال زندگي گذارين پيا پر گهڻا ماڻهو ڌاريجي کي ووٽ ڏيڻ سبب به ان وٽان نظرانداز ڪيا ويا ۽ انهن کي ڪجهه نه مليو جيڪي اهي سبب آهن جنهن ڪري علائقي جي عوام هن ڀيري 2024ع وارين چونڊن ۾ پنهنجو اٽل فيصلو شايد دل ئي دل ۾ ان لاءِ ڪري ڇڏيو هو ته ڇا به ٿي پوي چونڊن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن پهچي پنهنجي ووٽ واري حق کي استعمال ڪندي ڀرپور نموني پ پ اميدوار کي ڇڏي ان جي مدمقابل اميدوار کي ووٽ ڪري ڏيکاربو پر چون ٿا ته فارم 47 واري ڪامياب نتيجن موجب تڪ جي ووٽر عوام پاڻ ان ڳالهه تي حيران آهي ته اسين ته ووٽ پ پ جي اميدوار کي نه ڏنو ۽ ان جي مدمقابل اميدوار کي ووٽ ڏنو جيئن ان کي شڪست ملي پر الائي ڪٿان پ پ اميدوار وٽ آسماني مخلوق اچي نڪتي جو فارم 47 موجب کيس ووٽ مليا ۽ هو ڪامياب ٿي ويو، خير اها حقيقت آهي ته هتان جا ماڻهو آزمايل ۽ پاروٿي اميدوار مان ضرور تنگ آهن ۽ هن ڀيري ڄاڻي واڻي جي يو آءِ اميدوار کي ووٽ ڏئي آيا هوندا پر فارم 47 جي ڪرامت ڪاڏي وڃي؟ اها ته ضرور پنهنجو اثر ۽ ڪم ڏيکاريندي، جيڪا پ پ اميدوار کي تڪ تي ڪامياب ٻڌائي ويٺي، ڏٺو وڃي ته اها ڪرامت ڌاريجن کي ڪنهن هديي جيان گذريل 15 سالن کان هٿ آهي ۽ کين ڪامياب ڪرائيندي رهي آهي، هاڻي ڳالهه اها آهي ته پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي کي مدمقابل اميداور چيئلج ڪيو آهي ۽ فيصلو ٽربيونل وٽ پهچايو آهي علائقي جي عوام کي ٽربيونل وٽان ايندڙ فيصلي جو بي چيني سان انتظار آهي (پورو ٿيو)

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل