وڏيرن خلاف لکڻ تي واٺن کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟
ڪجھ ڏينھن اڳ روزاني پنھنجي اخبار ۾ “سردارن خلاف ڪارروائي ڪيو” جي عنوان تحت مون ھڪ ڪالم لکيو هو، مون اھو ڪالم ايس ايس پي شڪارپور پاران قومي جھيڙن ۾ ملوث سردارن جي نشاندھي ڪرڻ تي لکيو ھو، مون ڪالم ۾ وفاقي حڪومت ۽ رياستي ادارن کان جھيڙن ۾ ملوث سردارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو، ڪالم ڇپجڻ کان ٻئي ڏينھن تي مختلف ڀوتارن، سردارن، رئيسن، مقدمن جا چمچا ميدان تي لهي پيا آهن، مختلف طريقن سان مون کي ھيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ لڳا آهن، مون سندن بليڪ ميلنگ ۾ اچڻ بجاءِ کين چيو ته توھان کي اجازت آھي، پنھنجو زور لڳايو، ٿيندو اھو جيڪو منھنجي رب پاڪ کي منظور ھوندو. آخر ڪمدارن، واٺن ۽ چمچن کي سچ لکڻ سان تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟ جڏھن ته مون حقيقت تي ٻڌل سچ لکيو آهي، اظھار جي آزادي ھر ماڻھو جو بنيادي حق آھي، ان جي باوجود ملڪ ۾ سچ لکندڙن کي اڪثر ڪري اھڙا واٺا رستي تان ھٽائيندا آھن، جنھن کي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان حڪومتي آشيرواد حاصل ھجي ٿو. بهرحال اھڙن واٺن ۽ چمچن کي منھنجي صلاح آھي ته وڃي ڪٿي روزگار ڪريو، ڀوتارن ۽ رئيسن جي بنگلن جي ڪمداري ڪندي ڪندي مري ته ويندا پر کين سواءِ ڀوتارن جي خوشامد جي ڪو ھڙ حاصل ڪو نه ٿيندو. حافظ بجاراڻي جو ھي چئو سٽو وڏيرن جي واٺن، ڪمدارن تي ٺھڪي اچي ٿو ته:
وڏيرن جي در تي ٻه نوڪر ڏٺا مون،
ٻه لوگھا، ٻه لوسي ٻه، جوڪر ڏٺا مون،
بنگلي تي حافظ شريرن جو ٽولو،
ٻه ڪتا، ٻه ڪڪڙ، ٻه تتر ڏٺا مون.
اسماعيل بھلڪاڻي/ تنگواڻي
رنگن جي دنيا سان سلھاڙيل آرٽسٽ!
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترن ئي سهڻن آرٽسٽن کي جنم ڏنو آهي، جن مان سنڌ جو هڪ رنگن جي دنيا جو بادشاھ آرٽسٽ سارنگ سنڌو به آهي، جنھن جي زندگي ڏکن سان ڀريل آھي پر پنھنجون تڪليفون دنيا وارن کان لڪائي سنڌ ڌرتي جي ديوارن کي رنگين بڻائي نگاھن جو مرڪز بڻائيندو آھي، نوابشاھ جي هن نوجوان سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس ۾ بي اي ڪئي، لاڳيتو بيروزگار رهندڙ سارنگ سنڌو نوابشاھ، خيرپور، ڀٽ شاھ، خيرپور، شڪارپور، ٽنڊوالهيار، مٺي، حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ ملتان جي ڀتين تي خوبصورت رنگ وکيري آرٽ جا نوان لاڙا متعارف ڪرايا. سارنگ سنڌو نوابشاهه جي ڀتين تي 60 هزار اسڪوائر فوٽ جون پينٽنگ ٺاهي هڪ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جيڪڏهن سارنگ سنڌو ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ اھڙو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ها ته هو ان ملڪ جي هر ماڻهوءَ جي زبان تي هجي ها ۽ کيس ڪيترائي انعام ڏنا وڃن ھا. سارنگ سنڌو جي اھڙي محنت  طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اھڙن جفاڪش ۽ محنتي ماڻهن جو ڪو به قدر ناهي،  سارنگ سنڌو جون حيدرآباد، ڄامشوري، نوابشاهه ۽ اسلام آباد ۾ پينٽنگ جون نمائش لڳي چڪيون آهن، سارنگ سنڌو جي سڄي تخليق ۾ هن جي ذهني صلاحيت، محنت، تڪيلفون، درد ۽ سماج جون دشواريون شامل آهن، عام طور هر ماڻهو تڪليفن ۽ دردن مان گذرندو آهي پر مان ايئن چوندس ته سارنگ سنڌو اهو شخص آهي، جنهن مان تڪيلفون گذريون آهن، هن ماڻهو مان درد، ڏک سڀ رستو ٺاهي لنگهيا آهن پر زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي هن بيرحم سماج ڪڏهن به شڪست ناھي قبولي، هن هميشه سختين جو ڃمي مقابلو ڪيو آهي، تڏهن ئي ته مان چوان ٿو ته ايندڙ وقت سارنگ سنڌو جو آهي.
بھادر علي برهماڻي/ نوابشاهه
بحريا ٽائون ۽ سنڌ حڪومت!
بحريا ٽائون ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي 46000 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ هڪ تفصيلي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ڪئين سستي ريٽ تي سنڌ حڪومت کان اها زمين ورتي وئي، سپريم ڪورٽ 460 ارب رپيا ڏنڊ لڳايو جنهن مان 60 ارب ڏئي باقي شين لاءِ هن وقت ٽال مٽلو ڪري باقي پئسا به هڙپ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سنڌ حڪومت بحريان ٽائون جي مالي، قانون ۽ انتظامي طور مڪمل سهڪاري بڻيل آهي، جنهن جو تازو مثال موجود آهي ته سٺي سنڌ مان هزارين ماڻهو بحريا ٽائون جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيون. سخت سيڪيورٽي هئڻ باوجود گيٽ ڪراس ڪندڙ ڪجھه شرپسند عنصرن گيٽ ۽ هڪ ٻه عمارت ساڙي ڇڏيو جنهن تي سواليه نشان آهي ته آخر اهي ڪيئن گيٽ ڪراس ڪري ويا، ايتري پوليس ۽ رينجرز جي هوندي هو گيٽ ڪراس ڪري ويا ته انهن ڪو قدم ڇو نه کنيون ۽ کين گرفتار ڇو نه ڪيو بعد ۾ سنڌ حڪومت جيڪو قدم کنيو اهي اهو به سڀن جي اڳيان آهي ته رڳو سڀ وسيلا قومپرست پارٽين جا ڪارڪن، اڳواڻ ۽ عام سنڌي ٻڌبا ٿا وڃن ۽ سڄو زور سنڌين طرف آهي. جيڪڏهن پوليس رات ڏينهن شرپسندن کي گرفتار ڪرڻ ۾ لڳائي ته ايتري اڄ سنڌ ڪومت جي مخالف جي نوبت ئي نه اچي ها. منهنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته سنڌي عوام جي جذبن جو خيال رکيو وڃي ۽ معصوم ۽ بيگناه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڇي
عابد پنهل بليدي/لاڙڪاڻو
مٺي پاڻيءَ جي سهولت کان محروم ڳوٺ مٺو واهڻ!
اسان جو ڳوٺ مٺو واهڻ ضلعي دادو ۾ دادو ڪئنال کان اڌ ڪلوميٽر پري 500 گھرن تي ٻڌل آهي، اسان جا ڳوٺاڻا مٺي پئيڻ جي پاڻيءَ لاءِ اڌ ڪلوميٽر پري پنڌ ڪري پاڻي ڀري اچن ٿا، پاڻي زندگي آهي پاڻيءَ کان سواءِ انسان توڙي هر ساهه واري جو جيئن ناممڪن آهي، پاڻي خدا جي نعتمن مان هڪ آهي. ڳوٺ جي جر جو پاڻي کارو ۽ تمام ٻاڙو آهي ۽ هاضمي لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي. ڳوٺ جو کارو پاڻي پيئڻ جي ڪري ڳوٺاڻا پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ضلعي جي اعليٰ آفيسرن ۽ ضلعي جي چونڊي نمائندن کي گذارش ٿا ڪريون ته اهڙي ٽيڪانالاجي جي دور ۾ واٽر سپلاءِ يا آر او پلانٽ هڻي عوام کي صاف ۽ مٺو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته سنڌ حڪومت جا ٿورائتا رهنداسين.اسان اميد ٿا ڪريون ته صاف ۽ مٺو پاڻي اسان جي ڳوٺ کي مهيا ڪيو ويندو.
بشير احمد ڪنڀر/ڳوٺ مٺي واهڻ ضلعو دادو
ڪورونا ويڪسينيشن کان پوءِ تعليمي ادارا کوليا وڃن!
گذريل سال فيبروري کان ڪورونا کان بچندي سڀ کان پهريان تعليمي ادارا بند ڪيا ويا، بعد ۾ لاڪ ڊائون لڳائي ڪاروبار پڻ بند ڪرايا ويا پر ان باوجود به روڊن تي ماڻھن جي اچ وڃ، راندين جي ميدانن ۽ گهٽين ۾ ٻارن جي راند روند وارو سلسلو بند نه ٿيو. اھو صرف ان ڪري جو حڪومت جون پاليسيون مڪمل طور تي عوامي حق ۾ نه ھيون، ھڪ وبا جي خاتمي يا ان تي ڪنٽرول لاءِ احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ سان گڏ ملڪ جا ماھر ڊاڪٽر ان وبا جو علاج ڳوليندا آھن پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءَ حل تعليمي ادارا بند ڪرڻ ۽ ڪاروبار کي تالا ھڻڻ ھو. ان دوران ڪنھن کي به حڪومت پاران رليف نه ڏنو مليو. ابتو بجلي، گئس، پاڻي، ٽئڪس ۽ کاڌ خوراڪ واري شين ۾ تمام گهڻي مھانگائي ڪئي وئي پر ڪنھن به موڙ تي حڪومت کي عوام جو احساس نه ٿيو. گذريل مھيني کان ھر شھريءَ کي ڪورونا ويڪسين ھڻائڻ لاءِ چيو پيو وڃي. جن حڪمرانن جي دل ۾ عوام لاءِ ذري برابر احساس نه ھو اھي اڄ مفت ۾ ويڪسين ڪھڙي بنياد تي پيا فراهم ڪن؟ ٻيو ته جيڪڏھن ويڪسين بااثر ۽ فائديمند آھي ته پوءِ لاڪ ڊائون ختم ڪيو وڃي، ملڪ جا تعليمي ادارا کوليا وڃن. ايس او پيز تي عمل ڪرڻ وارو شرط پڻ ختم ڪيو وڃي. آئون سنڌ حڪومت کان اھو سوال ٿو ڪيان ته جيڪڏھن ڪورونا ويڪسين پراثر آھي ته پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي ملڪ جا تعليمي ادارا ۽ ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ جيڪڏھن ويڪسينيشن باوجود به تعليمي ادارا ۽ ڪاروبار کولڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي ته پوءِ ڪورونا ويڪسين وسيلي عوام کي بيوقوف بڻائڻ يا ان ويڪسين ذريعي بين الاقوامي مدد حاصل ڪرڻ جو ھڪ ذريعو حڪومت ڳوليو آھي. اوھان ڪجھ به ڪيو موت جو جيڪو وقت مقرر آھي، ان وقت ھر صورت ۾ ايندو.
پروفيسر گل محمد سومرو/ڀٽائي آباد گلستان جوھر، ڪراچي
راڻيپور گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو!
راڻيپور ٽائون  جي ريلوي اسٽيشن وارڊ  9 ٽائون انتظاميا جي بيڌيانيءَ سبب کنڊرن جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ھر ھنڌ گندگي جا ڍير نظر اچي رھيا آھن، ھتان جا روڊ تباھ ٿي ويا آھن، ريلوي اسٽيشن طرف ويندڙ روڊ  جيڪو راڻيپور کي ننگريجا سئي گئس ٽالپر وڏا ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن سان ملائيندو آھي، سوين ڳوٺن کي راڻيپور سان ملائيندو آھي، روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آھن، روڊ مڪمل تباھ ٿي ويو آھي، روڊ جي حالت خراب ھجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، ھن وارڊ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آھي، ھن وارڊ جا رھواسي لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪري رھيا آھن ته شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته ھن وارڊ جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رھي آھي.  گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھتي ٽڪي جو ب ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آھي. راڻيپور ٽائون جي ريلوي اسٽيشن وارڊ 9 ۾ بنيادي سھولتن جي وڏي کوٽ آھي، ھن وارڊ ۾ ڪو به سرڪاري اسڪول ناھي ٻارڙا ھن جديد دور ۾ به تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن نه ئي ڪا ڊسپينسري آھي، وارڊ 9 ۾ صفائي سٿرائيءَ جو نظام درھم برھم آھي، ھر ھنڌ  گندگيءَ ڍير نظر اچي رھيا آھن، ڊرينيج سسٽم ناڪارا بڻيل آھي. ناليون ابتيون وھڻ لڳيون آهن، نالين جو گندو پاڻي اور ٽاپ ٿي روڊن تي بيھي وڃي ٿو، گندي پاڻي بيھڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، مڇرن سبب ھتان جا ماڻھو وبائي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، وارڊ جي مختلف پاڙن مغيري محلا، ڄامڙا محلا، چوھاڻ محلا، تماچي محلا، گلال محلا، لاشاري محلا، سيال محلا، ماڙوائي محلا سميت ٻين محلن کي ھر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي ۽ سياستدانن جا واعدا واري جي ڪوٽن مثل ثابت ٿيا آھن، ھتان جا رھواسي پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ترقياتي ڪمن جي نالن تي ڪوڙا بل ٺاھي بجيٽ ھڙپ ڪئي پئي وڃي، لاڳاپيل ادارا مامري جو نوٽيس وٺي اسان جا جائز مسئلا حل ڪن.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
ننگرپارڪر جا سالن جا پراڻا ۽ ڊٿل روڊ ٺهرائي ڏيو!
آڏي جي تڙ کان ننگرپارڪر تائين مين روڊ، لوڻيون کان سوندر لنڪ روڊ، سوندر کان ڏانو ڌاندل لنڪ روڊ، مارئي جي کوھ ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ، ڀوڏيسر مسجد ۽ ڪاسٻو  ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ توڙي تعلقي ننگرپارڪر جا سمورا لنڪ توڙي مين روڊ 2011ع جي مھا ٻوڏ کان پوءِ 2020ع ۾ پيل وڏين برساتن ۾ ٽٽي تباھ ٿي ويا آهن پر فقط چونڊيل نمائندا چپ جو روزو رکيو ويٺا آهن. اليڪشن جي ٽائيم تي چونڊيل نمائندا وڏا وڏا واعدا ڪندا آهن ۽ ووٽر به سندس ڪوڙن واعدن دلاسن تي يقين ڪندا ۽ نعرا هڻندا آهن ۽ انهن جي شان ۾ سوشل ميڊيا تي قصيدا لکندا آهن پر افسوس اھي واعدا وفا ناهن ٿيندا. 2020ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ ننگرپارڪر جو دورو به ڪيو پر وزير اعليٰ کي شايد ٽٽل روڊ نظر نه آيا، افسوس ننگر پارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن جا روڊ پڻ ٽٽي ويا آهن، حادثا به روز جو معمول بڻيل آهن، ننگرپارڪر تعلقي ۾ ھونئن به ٻاھر جو اميدوار اليڪشن ۾ مڙھيو ويندو آهي، اهو به پنهنجا پيٽ ڀري هليا ويندا آهن ۽ اسان جا سياسي اڳواڻ توڙي هتي جا وڏيرا ۽ عوام چپ جو روزو رکي کين ڀليڪار ڪندا آھن ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪھاڙي هڻندا آھن، ھونئن به ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ روڊ تعمير ٿيا هئا پر 2011ع جي مھاٻوڏ ۽ 2020ع ۾ آيل تيز برساتن ۾ به ڪافي روڊ مڪمل طور ٽٽي تباھ ٿي ويا هئا، ننگرپارڪر جي روڊن جي حالت خراب هجڻ ڪري ڪافي سياحن ننگرپارڪر اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، تعلقي ننگرپارڪر واسين ڪافي احتجاج مظاھرا به ڪيا پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو. اميد آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ تعلقي ننگرپارڪر واسي پنهنجي پاڻ کي بدلائي اميدوارن کان سوال جواب ڪري پنهنجي تڪ جا مسئلا حل ڪرائيندا.
ناز نثار احمد راڄڙ/ سوندر، ننگرپارڪر
هن دور ۾ غريب ماڻهو لاءِ زندگي جيئڻ جنجال ٿي ويو!
مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن کان زندگي جون مڙيئي حسناڪيون کسي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو ئي حال ڪلوئي شهر جي رهواسي 80 سالن جي لاڏو ميگهواڙ جو آهي، سڄي زندگي سخت پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندڙ هي پورهيت عمر جي هن حصي ۾ اچي هاڻ وڌيڪ پريشان ان ڪري به ٿي ويو آهي جو هاڻ سندس هڏن ۾ مزدوري جي اها سگهه نه رهي آهي. آئون جڏهن هن سان مليس ته هن پنهنجا احوال مون سان اوريندي چيو ته مون انتهائي ڏکين حالتن کي منهن ڏئي مزدوريون ڪري، پيٽ تي پٿر ٻڌي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏنم ته جيئن هو پڙهي لکي ترقي ڪن ۽ نوڪري سان لڳن ۽ منهنجي زندگي جي پوئين پهر جو ڀرجهلو بڻجن پر رشوت ۽ سفارشي ڪلچر جي ڪري انهن کي نوڪري نه ملي سگهي ۽ هاڻ بيروزگاريءَ زندگي جنجال ڪري ڇڏي آهي، ڪڏهن ڪا اڀري سڀري مزدوري ملي ته کائون ٿا نه ته فاڪاڪشي ۾ رهون ٿا. هن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته مون مسڪين جي پٽ کي ڪا سرڪاري نوڪري ڏني وڃي جيئن اسان جي گهر جو گذر سفر بهتر ٿي سگهي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
ويھه نه اوندھه ۾ موڳو ٿي، ٻاهر دري کولي ته ڏس!‎
اي دوست، رهبر ٿي رهزن نه ٿي، تون ڪنهن جي زخمن تي مرهم رک، مظلوم جو ساٿ ڏي، ظالم لاءِ للڪار ٿي، اي دوست، تون جوڌو ٿي، دودو ٿي، تون سچ جو ساٿ ڏي، سونهن جو پوڄاري ٿي، سنڌ لاءِ سر ڏي. اي دوست، ڌرتيءَ جي تڙپ رک، سانگيئڙن جي سار لھ، درد وارن جو درمان ٿي. اي دوست، گلن سان محبت رک، ڪنڊن مٿان هلڻ سک ۽ ڪلين کي ٽڙڻ ڏي. اي دوست، ڏتڙيل ڏيھ واسين جو ڀرجهلو ٿي، بي سهارن جي سار لھ ۽ انسانيت جو پيروڪار ٿي. اي دوست، رت ۽ روح جي رشتن جو ڀرم رک، پنهنجن لاءِ ڇپر ڇانو ۽ ٿڌو گهڙو ٿي، سچي سنگت جو ساٿ ڏي، صفا نه بي وڙو ٿي. اي دوست، سچ جو ساٿاري ٿي، ارغون ۽ نه تاتاري ٿي، زمين ماءُ آ، اهڙو نه واپاري ٿي. اي دوست، جهرڻو ٿي، ڪو ڪرڻو ٿي، ڪا چڻنگ دکاءِ، ڪو شعلو ٿي، ڪا جوت جلاءِ، اي دوست، ماحول دوست ٿي، ڪو وڻ لڳاءِ، ڪا لائبريري کول، علم جي لاٽ جلاءِ، ڪي ماڻڪ موتي ڳول. اي دوست، سچ ٿي مچ مچاءِ، شعور بڻجي ساڃاهه پيدا ڪر، ستارا بڻجي زمين تي جڳ مڳاءِ، سج بڻجي سماج ۾ روشني پکيڙ ۽ چنڊ بڻجي چانڊاڻ پيدا ڪر. اي دوست، ويٺلن مٿان ٿي واري وري، تون خاموش ويٺو آھين، ڪنهن جي ڪري، اٿ ڌرتي پئي يار توکي سڏي، هيءَ مٽي ماءُ پئي توکي سڏي. بقول نارائڻ شيام جي ته:
ويھ نه اوندھ ۾ موڳو ٿي، ٻاهر دري کولي ته ڏس،
متان گهر ٻاهران ڪو، مشعل کڻي لنگهندو هجي!
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
رات جو دير تائين قيدي 14 هين جي چنڊ تي بحث ڪندا رهيا، رشيد مون کان سوال ڪيو ته ڇا چنڊ تي ڪو وڻ به آهي؟ مون مرڪي هن کي جواب ڏنو ته مون به ننڍپڻ ۾ ڏاڏيءَ جي واتان اهو ئي ٻڌو آهي، باقي حقيقت ان جي خلاف آهي. بيمار ۽ ٿڪيل ڇت واري پکي کان تنگ ٿي اڄ بدر ڀائو کان نئون پکو گھريم. ڀائو پرچي ڄاهي ڏني ۽ آئون رضوان ۽ گڊو مستريءَ سان گڏ سينٽرل جيل حيدرآباد جي فيڪٽري هليو ويس، اتي پکن جي قبرستان مان اسان کي هڪ نئون ۽ بهتر پکو ملي ويو. فيڪٽري ۾ سر رفيق کان سواءِ ضمير باهوٽو نالي قيدي سان به ملاقات ٿي، هو گذريل 11 ورهين کان قيد آهي ۽ هُن کي وڌيڪ 2 سال قيد ۾ رهڻو پوندو. هن کي 14 سال قيد بامشقت جي سزا آيل آهي. هن مون کي چيو ته آصف جي توهان جو وڪيل عشرت لوهار سان ڪو واسطو آهي ته مهرباني ڪري هُن کي منهنجي پارت ڪري ڇڏيو. آئون سائين کي مڪمل في به ڏئي چڪو آهيان پر هُن 11 ورهين ۾ مون کي هڪ ڀيرو به ڪورٽ ناهي گھرايو ۽ نه ئي ڪا تاريخ ڪڍرائي اٿس، آئون چاچي سان هُن جي ڪنهن دوست وٽ ملڻ ويس جتي هو قبضي جي زمين تي ويٺل هئا، جنهن ڏينهن اسان اتي پهتاسين جوهي پوليس به پهچي وئي ۽ پوءِ اسان به چالان ٿي جيل پهتاسين ۽ منهنجو چاچو جيل جا سور نه سهندي گذاري ويو. جڏهن مان جيل آيس ان وقت منهنجي عمر 13 سال هئي. هُن قيدي جي اکين ۾ آلاڻ ڏسي مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي. رشيد جماليءَ سان ڪجھه وقت گڏ گذاريم. ان دوران پڪي جوابدارن جو جھيڙو به ٿي پيو ۽ ٻن قيدين هڪ قيدي جا لاهه ئي ڪڍي وڌا، هن مهل رشيد ڏيٿو ٽي وي ويٺو ڏسي، طالب پليپوٽو کوليءَ ۾ ئي پسار پيو ڪري ۽ مزمل قريشي پاڻي واري چادر لڳائي بسترو ٿڌو ڪري رهيو آهي. اڄ نئين پکي جي ڪري کوليءَ ۾ گرمي گھت محسوس ٿي رهي آهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (29 مئي 2021ع، رات جا 08:00 وڳا)
22-2021ع لاءِ جي بجيٽ عوام دوست نه عمران دوست آهي!‎
عمران سرڪار مان وڏيون اميدون رکندڙ پاڪستان جي سادڙي عوام عمران خان سرڪار پاران 22-2021ع جي پيش ڪيل بجيٽ 8 هزار 487 ارب رپيا به غريب عوام کي رليف ڏياري نه سگهي، غريب عوام کي هن بجيٽ کي عوام دوست نه پر عمران عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، اڳ ۾ ملڪ به ساڳيو هو، ته شيون به ساڳيون هيون پر هن وقت اهي حڪمران ناهن، شيون ساڳيون آهن حڪمران مٽيل آهن خبر ناهي عام ماڻهوءَ جي زندگي ڪڏهن خوشحال ٿيندي؟ هن وقت جڏهن 20-2019ع ۾ مهانگائي جي شرح 10.00 سيڪڙو تي هئي، هن وقت 22-2021ع واري بجيٽ ۾ مهانگائي جي شرح 8.75 سيڪڙو تي آهي پوءِ به ايتري ئي مهانگائي ڇو آهي؟ آخر غريب ماڻهو جيڪو روز 300/400 ٿو ڪمائي اهو هاڻي ڪيڏانهن ويندو؟ کير 130 في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلو، اٽو 74 رپيا في ڪلو، گيھ 300 رپيا في ڪلو، دال 213 في ڪلو، چانور 80 رپيا في ڪلو، پئٽرول 108 رپيا في ليٽر، هاڻي هڪ عام غريب ماڻهو سڀني شين مان هڪ شيءِ خريد ڪري سگهي ٿو، باقي شيون ان جي وس ۾ ناهن پوءِ ته ان حڪومت جا اها تبديلي آهي ته اڳ ۾ جيڪي ماڻهو 2 ويلا ماني کائيندا هئا هاڻي هڪ ويلي لاءِ به پريشان هجن، عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪيو وڃي.
توفيق لنڊ/ ڪنب
وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ صوبي سان ناانصافيون‎!
سرڪار سڳوري وفاقي بجٽ پيش ڪئي آهي وري به سنڌ صوبي سان زيادتيون ڪيون ويون آهن، وفاقي بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن لاءِ 34 کرب، 11 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن مان سنڌ کي 8 کرب 48 ارب ملندا، پنجاب کي ان جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ رقم يعني 16 کرب 91 ارب رپيا ملندا، بجيٽ جي ڏسون ٿا ته ان ۾ فوج جي پينشن 03 کرب ۽ 60 ارب رپيا نظر اچي ٿي ۽ ملڪ جي مڙني سويلين ملازمن جي پينشن هڪ کرب 20 ارب رپيا آهي. موجوده بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جو هڪ مطالبو رد ڪندي سبسڊي جي مد ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 4 کرب 57 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڳالهه هي آهي ته سبسڊي لاءِ رقم ته وڏي رکي وڃي ٿي، پر اها عوام کي نصيب ئي نٿي ٿئي، ان مان وڏو حصو واپاري، ڪاروباري، مالدار، صنعتڪار ۽ ايڪسپوٽر کڻي وڃن ٿا. بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ 900 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ دفاع لاءِ 1373 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ دفاعي بجيٽ ۾ 74 ارب رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. پوليس، امُن امان ۽ عدليا جي بجيٽ ۾ 10 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي. عمران خان، زرتاج گل ۽ سڄي حڪومت ماحوليات جي تحفظ جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا، پر جيڪو ڀوڳ ماحوليات جي تحفظ واري کاتي سان ڪيو ويو آهي، اُهو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي. حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ بجيٽ ۾ صرف 3 ڪروڙ 70 لکن جو اضافو ڪيو آهي. تعليمي خدمتن جي بجيٽ ۾ 03 ارب 96 ڪروڙ واڌ ڪئي آهي. صحت جي شعبي کي اهڙو ڌڪ هنيو ويو آهي، جو ان جي چيلهه ئي ڀڄي پئي آهي. وفاقي بجيٽ ۾ صحت جا ڏوڪڙ اڌو اڌ گهٽايا ويا آهن. اسان پاڻ اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته بدقسمتيءَ سان پي ٽي آءِ حڪومت ٽئين سال به عوام کي ڪو رليف ڏئي نه سگهي آهي ۽ هڪ اهڙي بجيٽ آندي آهي جنهن جو مثال مانيءَ بدران ڪاغذ کارائڻ جيان آهي، وفاق سدائين سنڌ سان زيادتيون ڪندو آيو آهي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي