نيٺ ڇا ٿيندو ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو: عوام وفاقي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو

0
562

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پوڻا 85 کرب جي وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ موبائل فون، سگريٽ، کنڊ، ميڪ اپ، شيمپو، ٽائر مهانگا، ننڍيون گاڏيون سستيون، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار مقرر ڪئي وئي آهي، ناڻي وزير چيو آهي ته پيٽرول مهانگو ٿيندو، وفاقي حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن اڪثر ماڻهن چيو ته هي عوام دشمن بجيٽ آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا، بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، پيٽرول مهانگو ڪرڻ سان مهانگائي جو طوفان ايندو، بجيٽ ۾ اميرن کي نوازيو ويو آهي غريب ماڻهن کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن لکيو ته کنڊ ۽ ضروري استعمال جون شيون مھانگيون ڪري وري گاڏيون سستيون ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، آفتاب سولنگي لکيو ته ھي بجيٽ عوام دشمن آھي تعليم،صحت ۽ ٻين شعبن لاءِ رکيل بجيٽ عوام تائين نٿي پھچي، موبائيل فون سگريٽ ميڪ اپ مھانگا ڪري عوام کي ٻيڻو عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آھي حڪومت کي گھرجي ته سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي، گل حسن ڀٽي لکيو ته عام واھپي جي شين جا اگھه چوٽ چڙھيل آھن غريب طبقي جي چيلھه چٻي ٿي وئي آھي، ھنن غريبن کان ماني ڳڀو کسي ورتو آھي، ھي بجيٽون پيش ڪري حڪمران پنهنجا پيٽ ڀري رھي رھيا آھن غريب ويچارا ساڳيا سورن ۾ ھوندا، شهمير مهر لکيو ته هن بجيٽ ۾ عوام کي ڪجهه نه ڪجهه رليف ملندو،سردار لطيف به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته وفاقي حڪومت جي بجيٽ تعليم دشمن بجيٽ هئڻ سان گڏوگڏ غريب ماڻهو جي دشمن آهي، هن بجيٽ ۾ عوام بدران اميرن کي رليف ڏنو ويو آهي، عام ماڻهو جي ڏهاڙي 20 هزار رپيا ڪئي وئي آهي جيڪا عام ماڻهو کي ڪڏهن به نه ملي آهي، دفاع تي 1330 ارب رپيا رکڻ کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ آفتاب لغاري لکيو ته اسان پھرين چيو ھو ته ھن بجيٽ مان غريب عوام کي ڪجهه به ھڙ حاصل نه ٿيندو، علي مراد جوکيو لکيو ته هميشه جيئان هي بجيٽ به عوام دشمن بجيٽ آھي جنهن ۾ غريب عوام کي ڪوبه ريليف ناهي ڏنو ويو. نوان نوان ٽيڪس لڳائي غريب عوام جي جيئڻ کي اڃان وڌيڪ ڏکيو بنايو پيو وڃي.جاويد هڪڙو لکيو ته بجيٽ متوازن آهي، نورالدين مسرور لکيو ته عمل ٽڪي جو نه ٿيندو، هي بجيٽ مزاق بجيٽ پيش ٿي آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته عوام دشمن بجيٽ کي اسين رد ڪيون ٿا حڪمران صرف پنهنجا مفاد پورا ڪرڻ ۽ پنهنجي فائدي کي ڏسن ٿا ڪڏهن ڪنهن حڪمران غريبن لاءِ سوچيو ئي نه آهي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهو توڙي ننڍي طبقي جي ملازمن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، عبدالرزاق چانڊيو لکيو ته غريب عوام کي ڪو به رليف نه مليو ان بجيٽ مان پيٽرول ٽائر مھانگو کنڊ ۽ ٻيون شيو وري به مھانگيون باقي ننڍين گاڏيون سستيون ڪرڻ سان مزدور کي ڪھڙو فائدو ٿيندو، شهبان علي لکيو ته بجيٽ نامنظور، عبدالنبي شر لکيو ته اسان هن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، آفتاب چانڊيو لکيو ته ھر سال جيان ھن سال به پيش ڪيل بجيٽ ۾ سرڪاري ملازم توڙي عوام کي ڪو به فائدو ناهي، غريب، مسڪين، پورھيت مھانگائي سبب پنھنجي اولاد وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھي، بک، بدحالي، بيروزگاري سبب قرض سميت وياج جي وبا ۾ وڪوڙيل آهي سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي عوام دشمن بجيٽ آھي، وحيد ڄامڙو لکيو ته وفاقي حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري عوام جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي عوام جي چيلھه ڄٻي ڪري ڇڏي آھي ڪرونا وائرس سبب ملڪ ۾ بک بدحالي بيروزگاري عروج تي آھي، بجيٽ ۾ ڪو به رليف ناهي، شيراز نائچ لکيو ته بجيٽ درست آھي، بجيٽ جي روح مطابق بجيٽ تي عمل ڪيو وڃي، حماد الله ڪنڀر لکيو ته غريب عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو، جڏهن ملڪ جي دفاعي بجيٽ، ترقياتي بجيٽ کان وڌيڪ هجي ته ان ملڪ جي عوام پاران ريليف جي اميد رکڻ اجائي آهي، نياز ڪلوئي لکيو ته عوام لاءِ رڳو مهانگائي ٿيندي، راول راجستاني لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي عوام اڳيو سورن ۾ هوندو، ڌرمون مل لال لکيو ته بجيٽ نامنظور، اسدالله هنگورجو لکيو ته غريب عوام لاءِ ڪو به رليف ناهي، عبدالغني کوسو لکيو ته عوام دُشمن بجيٽ کي رد ڪيُون ٿا جنهن ۾ غريب عوام کي ٽڪي جو به رليف ناهي ڏنو ويو. سنڌ صُوبي کي مُڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آھي.محرم علي سومرو لکيو ته وفاقي سرڪار جي بجيٽ ۾ ڪو به رليف غريب عوام لاءِ ناهي، ذيشان جسڪاڻي لکيو ته اسان کي اھڙي عوام دشمن بجيٽ نامنظور آھي، ماجد پلهه لکيو ته ھن بجيٽ ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو عوام کي ڪو به فائدو نه ڏنو ويو ويتر شيون مھانگيون ٿيون آھن عوام دشمن بجيٽ آهي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته اصل ۾ هي بجيٽ عام ماڻھو جي سمجهڻ کان مٿي آهي،باقي ايترو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري ڳالھه تي ڪٿي به عمل نٿو ٿئي. ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري پهرين ئي تمام گهڻي آهي. هاڻي وري حڪومت جو هي نئون فيصلو عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏيندو.اهڙا عوام دشمن فيصلا ڪري عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. آصف ابڙو لکيو ته عوام دشمن بجيٽ کي اسين مڪمل رد ڪيون ٿا، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ شيمپو سگريٽ موبائل فون مهانگا ڪيا پيا وڃن، محمد بچل شر لکيو ته ٽائر مھانگا پوءِ ڇا بچيو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته بجيٽ درست آهي جيڪڏهن اسان جا حڪمران ان کي صحيح استعمال ڪن، ايڊووڪيٽ غلام اڪبر ٽنگڙي لکيو ته بجيت اميرن پاس ڪيو آهي عوام دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، عبدالسميع لکيو ته عوام جيڪا شئي گهڻي استعمال ڪندو اها مهانگي، مير مهراڻ لکيو ته عوام لاءِ ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو، حبيب الله عمراڻي لکيو ته وفاقي سرڪار جي بجيٽ غريب پورهيت طبقي لاءِ هڪ مهانگائي جو بم آهي عام ماڻهو لاءِ ڪو به فائدو ناهي بلڪي هن بجيٽ ۾ ڪو به راضي ناهي، نذير احمد اوڳاهي لکيو ته تمام غلط بجيٽ آهي، آر جي بلوچ لکيو ته عوام دشمن بجيٽ کي اسين مڪمل رد ڪريون ٿا، پورهيت طبقو ڪيڏانهن وڃي؟ اسد کوسو لکيو ته هي بجيٽ ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، ھن بجيٽ ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ملندو، راجا مهرلکيو ته عام واھپي جي شين جا اگھه چوٽ چڙھيل آھن غريب طبقي جي چيلھه چٻي ٿي وئي آھي، ھنن غريبن کان ماني ڳڀو کسي ورتو آھي، ھي بجيٽون پيش ڪري حڪمران پنهنجا پيٽ ڀري رھي رھيا آھن غريب ويچارا ساڳيا سورن ۾ ھوندا، رسول بخش اسراڻ لکيو ته عوام دُشمن بجيٽ کي رد ڪيُون ٿا سنڌ صُوبي کي مُڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آھي. عرفان علي جمالي لکيو ته رڳو مهانگائي ٿيندي عوام کي رليف ناهي ڏنو ويو، عبدالقدوس لغاري لکيو ته بجيٽ ڀلي آهي، جيپال سنگهه سوڍا لکيو ته ھر سال جيان ھن سال به پيش ڪيل بجيٽ ۾ سرڪاري ملازم توڙي عوام کي ڪو به فائدو ناهي، غريب،مسڪين،پورھيت مھانگائي سبب پنھنجي اولاد وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھي، قادر بخش زئور لکيو ته بجيٽ عوام جي حق ۾ ناھي آئي، طارق احمد ميمڻ لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي، هن بجيٽ ۾ غريب غريب تر ۽ امير امير تر ٿيندي نظر پيو اچي، سجاد منگي لکيو ته سنڌ جو ڪجهه خيال ڪن.

وفاقي حڪومت پاران ھن بجيٽ ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ اڳ ئي بيروزگار تمام گهڻي آهي، ويتر اسڪيمن ۾ نظرانداز به سنڌ کي ڪيو ويو آهي، عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا

ٻه ملازم ۽ هڪ گاڏي رکڻ جو اعلان ڪندڙ “ڪفايت شعار” وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس جي بجيٽ ۾ 18 ڪروڙ 40 لکن جو اضافو ڪري 52 ڪروڙ 20 لک ڪري ڇڏيو، هالينڊ جي وزيراعظم جي سائيڪل جو مثال ڏيندڙ عمران خان هيليڪاپٽر ۾ گهر کان آفيس ايندو آهي.
(محمد ڪاشف ميئو جو ٽوئيٽ)

هي بجيٽ عوام دشمن آهي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن لاءِ رکيل بجيٽ عوام تائين نٿي پهچي، بجيٽ ۾ عوام بدران اميرن کي رليف ڏنو ويو آهي، ننڍيون گاڏيون سستيون ڪرڻ سان مزدور کي ڪھڙو فائدو ٿيندو؟

سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان ڇا ٿيندو، پگهارن ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار مقرر ڪئي وئي آهي پر گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري ڳالھه تي ڪٿي به عمل نٿو ٿئي.