2022ع ۽ نئين سال جون امنگون!‎‎

 

ڪئين سال آيا ڪئين سال ويا، ھر سال پنھنجون يادون ڇڏي ويندو آھي، ڪن کي خوشيون ته ڪن کان پنھنجا پيارا عزيز دوست دلدار منٺار به ھن سال به کسي ورتا پر ھن سال برساتن ۽ ٻوڏ به ماڻھن کي نپوڙي ڇڏيو آهي مٿان وري رھي آھي، اڪثر حڪمرانن ۽ واپارين ڪڍي ڇڏي. سال 2022ع سال مهانگائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ وارو سال رھيو، ظلم انتھا تي رھيو، آخر ڊسمبر ۾ ته سنجھوري واري واقعي به انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. معصوم ٻارن جي اغوا جا ڪيس ۽ پٺاڻن به سنڌي ماڻھن کي ڪراچي ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيو. تعليم  کي تباھ ڪيو ويو. دوائن جي قيمتن  ۽ ڊاڪٽرن جي ڳرين فيسن به عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، اٽي جو بحران، کنڊ جو بحران ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ لاڳيتي واڌ ھن سال رھي. اچو ته پنھنجي پياري ڳوٺ جھنگو وساڻ جو جائزو وٺون، ھن سال برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڳوٺ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو، اوطاقون ڪري پٽ ٿي ويون ۽ گھر، ڪوٽ ڪِري پيا، ڳوٺ جي چوڌاري پاڻي بهجي ويو ۽ هر قسم جا باغ ۽ فصل به تباھ ٿي ويا، کجين جا باغن جي خوبصورتي ڳوٺ جي سونھن آھي ۽ ڪنب شھر کان اڳيان نوابشاھ روڊ تي اسان جو ڳوٺ جھنگو وساڻ واقع آھي، جنھن ۾ مولا غازي عباس جا جھنڊا علم سان سينگاريل آهن. ڳوٺ جو نيڪ مرد وڏيرو رسول بخش، غلام رسول، چاچا زوار الھورايو، زوار باغ علي اوڀاھيو وساڻ به ھميشه وڇڙي ويا، ڳوٺ جا نوجوان تعليم کي اوليت ڏين ٿا، ڳوٺ جھنگو وساڻ جا شاگرد ڪميشن پاس ڪري پرائمري استاد ۽ ليڪچرار ٿيا آھن. ڳوٺ سان ئي تعلق رکندڙ جنھن ٻوڏ برسات دوران ڪرم وساڻ، گلزار وساڻ، نياز وساڻ، ڊاڪٽر منصور وساڻ، سرمد وساڻ ۽ ھوش محمد وساڻ، صدا حسين وساڻ، زوار غلام اڪبر غريب برسات متاثرن جي رازن جو سامان وٺرائڻ ۾ مختلف ادارن جي مدد ڪرائي، نه رڳو پنھنجي ڳوٺ پر ان کان سواءِ ٻين ڳوٺن جي پڻ مدد ڪئي. اميد ۽ دعا آهي ته نئون سال اسان جي ملڪ سنڌ جي ماروئڙن لاءِ خوشيون کڻي ايندو، ھر طرف خوشحالي ھوندي، غربت گھٽ ٿيندي، وري عوام جي منھن تي مرڪون واپس ورنديون، امن ھوندو، خوشحالي ھوندي، اميد ته حڪمرانن کي رب پاڪ ايمان ڏيندو ته اھي عوام جي دردن جي دانھين بڻجندا. آمين

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

سال 2022 ميھڙ تعلقي ۾ اھنجن ۽ ڏکن وارو سال ثابت ٿيو!

 

ميھڙ ۽ آسپاس سال 2022ع ڏکيو ثابت ٿيو، ميھڙ ۾ سال 2022ع ۾ رڳو روڊ حادثا، بدامني، قتلن ۽ رتوڇاڻ جا واقعا ٿيندا رھيا آھن، ميھڙ ۾ روڊ حادثن سبب سڄي سال دوران 17 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ مختلف برادرين جي جھيڙن ۾ 8 ڄڻا قتل ڪيا ويا، جڏھن ته سال اندر پراسرار طور 9 واقعا پيش آيا، جڏھن ته ڦر دوران مزاحمت تي 2 واپارين کي ماريو ويو، جڏھن ته جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان 2 شاگردن کي قتل ڪيو ويو. 2022ع سال جي اپريل مھيني دوران ميھڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ گھر مان چڻنگ اٿڻ سبب اوچتو سوين گھرن کي باهه لڳڻ سبب معصوم ٻارڙن سميت 9 ڄڻا سڙي ويا، جڏھن ته ميھڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ 400 کان وڌيڪ گھرن کي باهه لڳڻ وارن واقعن ۾ وڌيڪ ٻه ڄڻا سڙي ويا، سڙي فوت ٿيلن جو تعداد 11 ٿيو. ميھڙ شھر سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿيا ۽ ڊينگي وائرس سبب 2 فوت ٿي ويا ۽ ٿريشر ۾ اچڻ سبب ھڪ نوجوان اجل جو شڪار ٿي ويو. برسات ۽ ٻوڏ جي تباھڪارين سبب 32 ڄڻا ٻڏي ويا، ٻوڏ کان پوءِ گيسٽرو، بخار ۽ ٿڌ ۾ 52 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، جڏھن ته بک، بدحاليءَ سبب 15 ڄڻا پنھنجيون جانيون وڃائي ويٺا آھن، جڏهن ته ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 12 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا ۽ گھر ڊھي پوڻ سبب صدمن ۾ 3 ڄڻن جي ساهه جو سڳو پڻ ٽٽي پيو ۽ ھڪ ڄڻي آپگھات ڪري ڇڏيو. ميھڙ ۾ سيپڪو عملدارن جي لاپرواھي ۽ غفلت جي ڪري مرمتي ڪم دوران ٻه گرڊ اسٽيشن جا ملازم فوت ٿي ويا، جڏھن ته مجموعي طور ميھڙ تعلقي مان 182 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا، ميھڙ تعلقي ۾ سال 2022ع وڏي تباھي جو سال ثابت ٿيو آھي.

 

عبدالرحمٰن قمبراڻي/ ميھڙ

چمبڙ شهر مان منشيات ڪير بند ڪرائيندو؟

 

ضلعي ٽنڊوالهيار جو تعلقو چمبڙ جيڪو منشيات جو ڳڙهه بڻيل آهي، هتي چرس، آفيم، سفينا، گٽڪو ۽ ٻيون نشيدار شيون سرعام هلي رهيون آهن، حد جي پوليس به چپ جو روزو رکي ويٺل آهي، گٽڪو سرعام هلڻ ڪري چار مهينن جي اندر ست کان وڌيڪ ماڻهو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن پر وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پوءَ به انتظاميا طرفان انهن منشيات فروشن خلاف ڪو به تحرڪ ناهي کنيو ويو، چمبڙ شهر سميت ٻهراڙين جي علائقن ۾ به سرعام هلندڙ سفينا ۽ گٽڪو هاڻ ته اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار ۽ عورتون به واپرائي رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ منشيات جي وڪري تي سخت پابندي هڻڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا هئا، تڏهن به هن شهر ۾ انهن نشيدار شين جو وڪرو جاري آهي، هتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ٿه ڇا چمبڙ ۾ هلندڙ منشيات بند ٿيندي يا ماڻهن کي ايئن ئي ڪينسر ۾ مرڻ لاءِ ڇڏيو ويندو؟

 

ثوبيا کوسو/چمبڙ

 

ڪي رشتا مسواڙي گهر جيان هوندا آھن!

 

انسان زندگيءَ ۾ اهڙا ڪئين رشتا ڏسندو پسندو آهي جيڪ هڪ مسواڙ واري گھر جيان هوندا آهن، انهن کي ڪيترو به سينگاريو ۽ سنواريو پر اهي ڪڏهن به پنهنجا نه ٿيندا آهن، انهن هن دور ۾ هاڻ هڪ رشتو دوستيءَ جو به ٿي ويو آهي، دوستي جو رشتو مون ويجهي کان به ڏٺو ۽ پرکيو آهي ۽ اڳي دوست جا جملا اهي هوندا هئا ته توکان سواءِ ڪو به منهنجي زندگي ۾ دوست مٿان ناهي، تون جان آهين، هن وقت منهنجي زندگي ۾ منهنجو تون بيسٽ فرينڊ آهين ۽ حقيقت اها هوندي آھي ته اهي فقط لفظن جا دلاسا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي جادوءَ جهڙن لفظن سان اڳئين انسان جي دل ۾ گهر ٺاهيندا ويندا آهن، باقي خير آهي، بهرحال جنهن به انسان سان گهرائپ هوندي آهي، اهو انسان توهان کي هڪ ڏينهن سبق به سيکاري ڇڏيندو، يان ته وري توهان جو ساٿ ڏيندو.

 

سيف علي/ ٽنڊو باگو

 

ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري گڏجي پئي!‎‎

 

دنيا جي سياست تي نظر ڊوڙائينداسين ته سياست جو وايو منڊال جو نمونو پنهنجي سياست کان تمام گهڻو مختلف رهيو آهي، ٻين ملڪن ۾ سياسي پارٽيون پنھنجن حلقن ۾ ڪم نه ڪرڻ سبب حڪومت سان اتحاد ٽوڙينديون آهن ۽ اسان وٽ مال نه ملڻ سبب حڪومت کان رستا جدا ڪيا ويندا آهن، ايستائين جو هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا هزارين الزام پڻ لڳايا ويندا آهن. اسان وٽ روز نوان نوان معاملا ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن، هينئر وري هڪ نئون معاملو هلي پيو آهي ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري اڄ ڪلھ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي هڪ ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ايستائين جو پاڪ سرزمين پارٽي جي باني مصطفيٰ ڪمال کي راضي ڪري ورتو اٿائين ته هو پاڪ سرزمين پارٽي کي ختم ڪري وري ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿئي جنهن لاءِ هو آماده پڻ ٿي چڪو آهي ۽ ان کان پوءِ فاروق ستار کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون پڻ تيز ٿي چڪيون آهن ۽ سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا به اها تصديق ڪئي آهي ته فاروق ستار به ايم ڪيو ايم جيڪا وکريل آهي ان کي هڪ ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. هتي سوچڻ جي ڳالھ آھي ته اوچتو ايم ڪيو ايم هڪ ٿيڻ جو ڇو سوچيو آهي؟ ڇا ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پنهنجي پوزيشن جيڪا ڪمزور ٿي چڪي هئي ان کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾آهي يا ڪٿي ايئن ته ناهي جو ڳجهن هٿن طرفان ھڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ جي مالڪي ڏيڻ جا خواب ڏيکاريا ويا هجن! يا ڪٿي ايئن ته ناهي جو اليڪشن ٿيڻ واري آهي ۽ ڪراچي جيڪو ايم ڪيو ايم جي هٿن مان نڪري چڪو آهي، ان کي ورائڻ جي ڪوشش هجي؟ ھاڻ ڪراچيءَ جي حڪمراني تي هر ڪو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو پر اڪثريت ڪنهن کي به حاصل ناهي، باقي ڪراچيءَ تي حڪمراني اها ئي پارٽي ڪري سگهي ٿي جيڪا ڪراچي سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪري يا ازالو نه ڪري سگهي ته حڪمراني اهو ئي ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ ڳجهن هٿن جو آشيرواد هوندو، باقي ٻيا ڪيترائي آيا ۽ استعمال ٿيا ۽ خاڪ ٿي ويا پر ڪراچي انهن ئي سورن ۾ رهيو آهي، باقي اهي اتحاد رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ئي آهن، عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ناهن.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

هڪ غربت ٻيو اٽو 140 رپيا ڪلو!

 

سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته هرڪو پنهنجي لاءِ پيو سوچي، جڏهن ته شاهوڪار سنڌ جو غريب عوام دربدر آهي، اڄ به اهوئي دانهون پيا ڪن پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته سنڌ حڪومت وڏيرن کي سپورٽ ڪرڻ ۾ مصروف آھي، غريب مزدور جيڪو ڏيهاڙي 500 سئو به مس ڪمائي سگهندو آھي ان جي گھر جي چلھ ٻري به ٿي الائي نه؟ جيڪي اسان جي سنڌ حڪومت جيڪا تاريخي مهانگائي ڪئي آھي، ان مزدور طبقي جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. ھاڻي ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌ ۾ بيروزگار نوجوان توڙي مزدور تمام گھڻا پريشاني کان تنگ اچي آپگھات ڪري رهيا آهن، سبب صرف مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي. اسان جي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته وڏيرا شاهي کان پاسو ڪري هڪ نظر سنڌ ۾ اٿيل مهانگائي تي به وجھي ۽ غريبن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

صفدر علي هاليپوٽو/ سيوھڻ شريف

 

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سياسي شخصيت جا جوهر!

 

نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو جي خطاب ۽ ڀارت کي سڌو جواب بلاول ڀٽو جي سياسي قد ۽ ان جي شخصيت جي جوهرن جي کلڻ جو مثال آهي. نيويارڪ ۾ ٿيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو سرگرم رهيو، جنهن جي هڪ جملي ڀارتي انتهاپسندن کي ڄڻ ته ٻاهه ڏئي ڇڏي. ڀارت سلامتي ڪائونسل جو نان ويٽو ميمبر آهي، ڳالهه اها آهي ته بلاول ڀٽو جي پرڏيهي وزير ناتي ڪارڪردگي نيويارڪ ۾ نمايان رهي آهي، جنهن جي 77 وزير پرڏيهي ڪانفرنس سميت مختلف پروگرامن ۾ کلي پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي وڪالت ڪئي ۽ ترقي يافتا ملڪن جي غربت، افلاس، بيروزگاري کان نجات ڏيارڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون. هن وقت ڳالهه اها آهي ته بلاول ڀٽو جي ناني ذوالفقار علي ڀٽو به سفارتي ۽ پرڏيهي محاظ تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو. اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي آخري ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو 08 ميمبرن جي وفد سان نيويارڪ ويو هو. جنهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ پولينڊ کي پيش ڪيل قرارداد تي خطاب ڪندي چيو هو ته اسان چئن ڏينهن کان بحث ڪري رهيا آهيون. اها دير ان لاءِ ڪئي پئي وڃي ته ڍاڪا فتح ٿي وڃي، مان سلامتي ڪائونسل جي معزز ميمبرن تي اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ذلت آميز طريقي طور هتي هٿيار ڦٽا ڪرڻ نه آيو آهيان. مان اڳرائيءَ کي قانوني تحفظ ڏيڻ جي ڪارروائي ۾ شريڪ نه ٿيندس. ڇا هن وقت گڏيل قومن جو مقصد ناهي ته ڍاڪا ڀارت اڳيان گوڏا کوڙي. جي حقيقت اها آهي ته مان پنهنجو وقت ڇا لاءِ پيو زيان ڪيان، مان پنهنجي ملڪ واپس ويندس ۽ جنگ ڪندس، اوهان کي اوهان جي سلامتي ڪائونسل مبارڪ هجي. اهو چئي ان ٺهراءَ جا پَنا ڦاڙي ڇڏيا هئا. ڀٽو صاحب جي ڏوهٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي پٽ به هن وقت گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. بلاول ڀٽو جي پرڏيهي وزير هجڻ ناتي ڪارڪردگي نمايان آهي ۽ هو پاڪستان جي مفادن لاءِ بهتر ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪوشان آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

اسان جي تھذيب ۽ يورپ!‎‎

يورپين تهذيب کان ايڏي نفرت ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ سنڌ هڪ هزارين سال قديمي تهذيب جي ماءُ وارو خطو آھي پر اسان اڄ جي سنڌ ڏسون ٿا ته اسان کي شرم وچان ڪنڌ جھڪائڻو ٿو پئي، دنيا ۾ هر اهو ڪم جيڪو غير قانوني، ناجائز سمجھيو وڃي ٿو اهو اسان وٽ شوق، چاهه سان ۽ پنهنجو حق سمجھي ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي کان يورپين تهذيب جي بابت پڇبو ته اهي جلد ٻڌائيندا ته اهي ڪافر آھن، جيتوڻيڪ اسان جي ڀيٽ ۾ يورپ وارا سڌريل، مهذب ۽ تعليم يافتا آھن، خدارا پنهنجي زبان جو درست استعمال ڪريو ۽ پنهنجي اندر ۾ جھاتي به پائي ڏسو ۽ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري، دقيانوسي جاھلاڻين سوچن کي ختم ڪري هاڪاري انداز ۾ هاڪاري ڪمن کي اڳتي وڌايو ۽ ترقيءَ جون منزلون ماڻيو.

 

شيراز چانگ/ ٽنڊو غلام حيدر

 

تنظيم جو منشور، صاف سٿرو ماحول!

 

سافڪو تنظيم انساني خدمت فلاح و بھبود، ڀلائي، صحت ۽ صفائي لاءِ برسات متاثرن جي مدد لاءِ اداري پاران تعلقي ڪنڊيارو جي برسات متاثر ڳوٺن ۾ پھريان سروي ڪري پوءِ باقاعدي ان ڳوٺ ۾ ٽيم فيلڊ ورڪر پنھنجا فرض نيڪ نيتيءَ سان ڪري برسات متاثر ماروئڙن جي منھن تي مرڪون وکيري رھيا آھن، ايئن ئي سافڪو فيلڊ اداري طرفان ٻين ڪيترن ئي برسات متاثر ڳوٺن ۾ صحت ۽ صفائيءَ جي ڪامياب پروگرامن کان پوءِ يوسي گھانگھرا تعلقي ڪنڊيارو جي ٻوڏ متاثرن، ڳوٺ ليٽڻ مڱريو ۾ سافڪو جي فيلڊ ٽيم جنھن ۾ علي گوهر ڀٽي، محمد اسماعيل گوپانگ، آصف رضا ۽ ياسين علي سميت فيميل عملي سان گڏجي، ڳوٺ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ گھرن ۾ فيميل ورڪرن طرفان ڳوٺ جي ھر پاڙي ۾ وڃي گروپ جي صورت ۾ ڳوٺ جي عورتن کي صحت ۽ صفائيءَ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني، جڏھن ته مردن کي اوطاق تي ھڪ ھنڌ گھرائي کين علي گوهر ڀٽي، آصف رضا، محمد اسماعيل گوپانگ ۽ ياسين علي پاران بھترين انداز ۾ صحت ۽ صفائيءَ بابت ليڪچر ڏيندي چيو ته ھميشه پائخاني، پيشاب لاءِ باٿروم جو استعمال ڪرڻ گھرجي، باٿروم مان نڪرڻ وقت فوري طور صابڻ سان ٻئي ھٿ چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪرڻ گھرجن، جنھن سان جراثيم پکڙجي نه سگھندا ۽ ماڻهو مختلف بيمارين کان محفوظ رھي سگھي ٿو. صحتمند زندگيءَ جو دارومدار آھي ئي صفائي سٿرائي. ڳوٺاڻن مردن توڙي عورتن کي صفائي سٿرائي سان گڏ کاڌو پچائڻ ۽ کائڻ بابت پڻ ھدايتون جاري ڪيون ويون، جنھن کان پوءِ ڳوٺ جي ھر پرڻيل جوڙي کي، بيواھ، غريب ۽ مستحق عورتن کي صحت، صفائيءَ لاءِ صابڻ، ٿانوَ، پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ ساشي پڻ ڏنا ويا، جڏھن ته تنظيم پاران برسات متاثر ڳوٺاڻن کي عملي طور تي صفائيءَ سٿرائيءَ جو خيال رکڻ جو ھدايتون ڏنيون ويون جنھن کان پوءِ سافڪو فيلڊ ورڪرن پاران ڳوٺ ۾ ضرورت آھر گھرن ۾ نلڪا ۽ واشروم ٺاهي ڏيڻ لاءِ پڻ چيو ويو، ايئن ئي برسات متاثر ڳوٺاڻن پاران سافڪو فيلڊ اداري جي ٽيم جا ٿورا مڃيندي سندن فلاحي ۽ صحت صفائيءَ واري بھترين ڪم جي ساراھ پڻ ڪئي وئي.

 

غلام نبي مڱريو/ڪنڊيارو

 

مايوس نه ٿيو، منظم ٿيو!

 

وقتي طور تي جيڪڏهن صرف سنڌ جو ذڪر ڪجي ته به سچ پچ ته تمام افسوسناڪ صورتحال کي آهي. لکين خاندان ڪيترن مهينن کان دربدر جهنم جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. تعليم تباہه آهي، لکين پڙهيل نوجوان بيروزگار ويٺل آهن جن ۾ انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ آءِ ٽي گريجوئيٽس جو تعداد هزارن ۾ آهي. غربت، مهانگائي، بدامني، بددلي، نشو، بيماريون، بيزاري عروج تي آهن. والدين پريشان آهن ته اولاد شرمساري کان لڪندو ۽ لڄي ٿيندو ٿو رهي. پرديدار نياڻيون پراون درن تي ڳڀي جي ڳولا ۾ آهن ته معصوم ٻارڙا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ڪير ٻڌڻ وارو ڪونهي! سنڌ جا سمورا بااثر روايتي سياسي بازيگري ڪري گڏجي سڏجي کائڻ جا گس ڳولڻ ۾ پورا آھن، مايوسيءَ جو راڪاس، سڄي سنڌ ۾ ڇڙواڳ آهي، آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ ھنن حڪمرانن مان اميد رکڻ به ته ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. نوجوانو! ڇا اهي حالتون اوھان پيدا ڪيون آهن؟ ڇا انهن حالتن جي لاءِ اوهان جا والدين ۽ وڏڙا ذميوار آهن؟ بلڪل نه، والدين بکون ڪاٽي، محنت ڪري، تڪليفون برداشت ڪري، اوھان کي پڙهايو. اوھان به همت ڪئي ۽ تعليم مڪمل ڪئي. تعليم، روزگار، صحت ۽ رهائش فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. هاڻي جيڪڏهن رياست پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي ته ان جي لاءِ اوهان کي والدين جي اڳيان شرمسار ٿيڻ يا انهن کان لڪڻ ڇو نه گھرجي، ان ڪري مايوس ٿي پنهنجو پاڻ کي حالتن يا حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏڻ جي بدران اچو ته ھر ھڪ ڳوٺ ۾ ۽ ھر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ سڀ گڏجي هن مدي خارج نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ھڪ اھڙي متبادل نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪريون جنهن ۾ تعليم، روزگار، صحت، رہائش ۽ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي عملي طور تي ضمانت مليل هجي. هن ڌرتيءَ تي ھن وقت به ڪيترائي اهڙا ملڪ موجود آهن جتي رياست اُهي سڀ ذميواريون خوشيءَ سان پوريون ڪري رهي آهي ته پوءِ ڀلا هتي اھڙو عوام دوست نظام ڇو نٿو قائم ڪيو وڃي؟ اوهان سڀني جي منظم ۽ سرگرم شرڪت ۽ عوام جي ڀرپور سهڪار سان ڇا نٿو ڪري سگهجي؟ بس جي ضرورت آهي ته اتساهه جي، ڪجھه ڪري ڏيکارڻ جي همت جي، اڳتي وڌڻ، قدم کڻڻ جي!

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو

 

مظلوم نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي!‎‎

واهي پانڌي ۾ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، واهي پانڌي ۾ ڪاڇي جي ڳوٺ ڇپر خان جي رهواسڻ بيواه ظهيران جمالي پنهنجن معصوم ٻارڙن سان واهي پانڌي پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجي مڙس جي وفات کان پوءِ علائقي جي بااثر غلام نبي جمالي، عزيز الله، حبيب الله جمالي ۽ ٻين منهنجي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي، اسان ٿريشر هڻي رهيا هئاسين ته مٿين ماڻهن پنهنجا غنڊا ساڻ ڪري اسان تي حملو ڪيو ۽ انَ جون ٻوريون کڻي ويا، اهڙي دانهن کڻي ٿاڻي ويس پر پوليس به بااثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان ايس ايس پي دادو ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي اسان جي زمين تان قبضو ختم ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، مظلوم نياڻي ظهيران جمالي وس وارين اعليٰ اختيارين ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ اعليٰ عدالتن کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي زندگيءَ کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڇو ته تَر جا ڀوتار ۽ وڏيرا مون کي مارائي ڇڏيندا.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي