سنڌ جي حقن خلاف جمع ڪرايل بل

0
177
يونيورسٽين جو مالي بار رڳو شاگردن تي ڇو؟

سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي غير قانوني پرڏيهي ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ترسيل آهن جنهن ڪري  نه رڳو اصلوڪي آبادي جا حق متاثر ٿين ٿا پر امن امان جو به مسئلو رهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهي غير قانوني پرڏيهي ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو گهڻو ڪري غير قانوني ڪمن ۾ ملوث رهن ٿا جڏهن ته نوڪرين کان وٺي روزگار تي به اضافي بار پوي ٿو ۽ حقيقي ماڻهو روزگار ۽ نوڪرين کان محروم رهن ٿا.سنڌ ۾گهڻي وقت کان وٺي جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺهڻ جون خبرون اينديون رهن ٿيون. اهي ڪمزوريون اسان جي ڪامورڪي ڪردار ۾ موجودآهن جيڪي پئسي جي ڪري ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ ۾مددگار ٿين ٿا ته ڪڏهن وري سياسي مفادن لاءِ بنگالين ۽ برمين کي به سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي حمايت ڪئي وڃي ٿي جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿئي ٿو جنهن جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جو هر وقت خطرو رهي ٿو. هاڻي به وري هڪ اهڙي ڪوشش ٿي آهي جيڪڏهن اها ڪوشش ڪامياب  ٿي ته ان جو نقصان سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي ٿيندو.جنهن جي هرحال ۾ مخالفت ڪرڻ گهرجي.

سنڌ ۾ 2008ع کان وٺي پ پ جي لڳاتار حڪومت قائم آهي ۽ هر اليڪشن ۾ عوام وڏي اڪثريت سان انهي پارٽي کي ڪامياب پئي ڪيو آهي. لساني بنيادن تي ڪم ڪندڙ ڪجهه پارٽيون يا انهن جا چونڊيل نمائندا ته اهڙين حرڪتن ۾ ملوث رهيا آهن پر جيڪڏهن پ پ سان لاڳاپايل چونڊيل نمائدا اهڙي ڪوشش ڪن ته ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.سنڌ شايد واحد صوبو آهي جتان ٻين صوبن جا ماڻهو به قومي اسيمبلي،صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ايوان ۾ چونڊجي سنڌ جي نمائندگي ڪن ٿا.ڪراچي مان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل ايم اين اي  ڪراچي ۾ 6 مهينا رهندڙ ڪنهن به شهري کي ڪراچي جو ڊوميسائل ۽ مستقل شهريت جو سرٽيفڪيٽ پي آر سي ٺاهڻ جي اجازت ڏيڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪري ڇڏيو آهي. ان بل جي منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪنهن به صوبي جي رهندڙ ماڻهو کي ڊوميسائل ٺهرائي، نوڪريون وٺڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي تڪ اين اي 249 بلديا ٽائون مان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم اين اي پروفيسر ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي حاصلات آسان ڪرڻ جو بل منظور ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ 6 مهينن تائين رهندڙ خاص طور تي ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي/ اولهه ڪراچي ۾ رهندڙ شهري ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرائڻ جا حقدار بڻجي ويندا. هن بل وسيلي تجويز ڏني وئي آهي ته ملڪ اندر ان شخص جي رهائش جو عرصو هڪ سال مان گهٽ ڪري 6 مهينا ڪيو وڃي ۽ ان کي پاڪستان سٽيزنشپ ايڪٽ 1951ع تحت ڊوميسائل جاري ڪرڻ جو اهل قرار ڏنو وڃي.سنڌ اهو صوبو آهي جتي اڳ ۾ ئي وڏي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهي ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو ترسيل آهن جنهن ڪري اصلوڪن رهواسين جي تعليم ۽ نوڪرين ۾ حق تلفي ٿئي ٿي.  جڏهن ته ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺهڻ جا ڪيترا ئي قصا سامهون اچي چڪا آهن جيڪو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت کي ڪوڙن ڊوميسائل جاري ٿيڻ جي معاملي جي جاچ ڪرڻي پئي ۽ ڪجهه ڊوميسائيل رد ڪيا ويا.

اسان سمجهون ٿا ته هي مهم رڳو ڪجهه سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ هلائي پئي وڃي جنهن سان سنڌ جي مستقل رهواسين کي نقصان پهچندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي گادي واري شهر کان وٺي هر شهر ۾ وڏي تعداد ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو رهن ٿا جيڪڏهن ڊوميسائيل ٺهرائڻ لاءِ رعايت وارو اهو بل پاس ٿي وڃي ٿو ته نوڪرين کان وٺي تعليم ۽ روزگار ۾ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جا حق متاثر ٿيندا ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هي بل پ پ جي هڪ ايم اين اي طرفان جمع ڪرايو ويو آهي تنهن ڪري پارٽي کي انهي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جنهن پارٽي کي سنڌ جو عوام مسلسل ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ٿو ان ئي پارٽي جو ايم اين اي سنڌ جي حقن خلاف ڪيئن ٿو هڪ بل جمع ڪري سگهي ؟