سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ جرڪندڙ تارو!

 

ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي پھرين ڏاڪڻ تعليم آھي، تعليم سان ئي صحت جو نظام، انصاف جو نظام، بيوروڪريسي، بھتر حڪمراني ممڪن آھي. بدقسمتي سان تعليم جي ميدان ۾ دنيا جي ڀيٽ ۾ وطن عزيز، خاص طور سنڌ ڪافي پوئتي آھي. گذريل سال کان نون استادن جي ڀرتي کان پوءِ ڪجھ بھتري جي اميد رکي سگھجي ٿي، پر ھڪ استاد 5 ڪلاسن جا شاگرد ھر ڪلاس ۾ 7 سبجيڪٽ، ھڪ استاد ڪٿي ٿو پھچي سگھي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اسڪول سنڌ ۾ ڪافي بھتر ۽ معياري تعليم ڏئي رھيا آھن. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ھر اسڪول ۾ ھر ڪلاس لاءِ الڳ ڪمرو، ھر سبجيڪٽ لاءِ الڳ استاد، راندين لاءِ ڪشادو ميدان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ الڳ ليٽرين سسٽم، غير نصابي سرگرميون، جن ۾ رانديون، ثقافتي توڙي عالمي ڏينهن ملھائڻ. سنڌ جي ٻھراڙي ۾ انگلش ميڊيم تعليم جو نفاظ SEF جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو آھي. ھتي احتساب جو پڻ سخت نظام آھي. ھر سال IBA سکر طرفان ٻارن کان اسسمينٽ وٺڻ سان، اداري جي اسڪولن ۾ ڪجھ ئي سالن ۾ تعليم جو نظام بھتر کان بھتر ٿي رھيو آھي. جتي سڀ ڪجھ صحيح رخ ۾ پيو وڃي، اتي اداري ۾ استاد ننڌڙڪائپ جو شڪار آھن. سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ماهوار اجرت جي اڌ کان به گھٽ استادن جي پگھار آھي، اھا به ٽن مھينن کان پوءِ منھنجي سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي گذارش آهي ته استادن جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ مقرر ڪيل ماهوار اجرت برابر پگھار ڏني وڃي، ٽن مھينن بدران ھر مھيني پگھار ڏني وڃي ته جيئن استادن مان بي چيني ۽ مايوسي ختم ٿئي.

 

شيراز چانگ/ ٽنڊو غلام حيدر

حڪومتي غلط پاليسي سنڌ جي آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو!

 

سنڌ ۾ ٽماٽي ۽ مرچ  جو فصل لھڻ شرط مارڪيٽ ۾ ٽماٽو ۽ مرچ ٽڪي ملھ وڪامڻ لڳو آھي، واپارين جي ھڪ ھٽي ۽ سنڌ جي آبادگارن سان دشمنيءَ ٽماٽي ۽ مرچ جي آبادگارن جي اھنجن ۾ اضافو آڻي وڌو، آبادگارن پاران ٽماٽي ۽ مرچ جي اگھن ۾ اوچتي لاٿ ۽ حڪومت جي غلط پاليسين ۽ سبزي منڊي جي واپارين جي ڏاڍاين خلاف 5 جنوريءَ تي اجلاس طلب ڪيو ويو آھي. سجاول سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٽمامي ۽ مرچن جو فصل لھڻ شرط ئي واپارين اگھ ڪيرائي ڇڏيا آھن. 300 رپيا ڪلو وڪامجڻ وارو ٽماٽو مارڪيٽ ۾ 20 رپيا ۽ 500 رپيا ڪلو وڪامجڻ وارا مرچ 30 رپيا ڪلو وڪماجي رھيا آھن، حڪومت جي غلط پاليسين ۽ واپارين جي ھڪ ھٺي، ناجائز منافعيي خوري ۽ سنڌ جي آبادگارن سان دشمني سبب سنڌ جو ٽماٽو ۽ مرچ جو فصل زمين تي ٿيل خرچ به ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي رھيا آھن. ھڪ پاسي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ھڪ پاسي اڃا تائين ايران کان ٽماٽي جي درآمد پڻ جاري آھي تي ٻئي پاسي واپارين جي ناجائز منافعيي خوري سبب سنڌ جو ٽماٽو مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ 300 رپيا ڪلو وڪامجڻ وارو ايراني ٽماٽي جو اگھ به 20 رپيا ڪلو ٿي ويو آھي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جو ٽماٽو مارڪيٽ اچڻ کان اڳ به ايران مان سستو ٽماٽو خريد ڪري عوام کي مھانگي اگھ تي وڪرو ڪري ناجائز منافعيي خوري ڪئي پئي وئي. سنڌ جي ٽماٽي ۽ مرچ جي فصل جي اگھ ۾ اوچتو غير معمولي لاٿ سبب آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اڻي ڇڏيا آھن. ان سلسلي ۾ سجاول ۽ ٺٽو ضلعن جي آبادگارن پاران 5 جنوريءَ تي اجلاس ڪوٺائي سنڌ جي فصلن جي مارڪيٽ ۾ گھٽ اگھ ۽ واپارين جي سنڌ جي آبادگارن سان دشمنيءَ تي غور ڪري سخت فيصلا ڪرڻ جو سوچيو وڃي پيو. آبادگارن موجب گھٽ اگھ تي نقصان ۾ سبزي منڊيءَ ۾ ٽماٽو ۽ مرچ وڪڻڻ کان بھتر آھي ته اسان ٽماٽا ھتي ئي ضايع ڪري ڇڏينداسين پر مارڪيٽ ۾ سپلائي نه ڪري منافعيي خور واپارين کي سبق سيکارينداسين. انھن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ھڪ مھيني لاءِ ايران مان ٽماٽي جي درآمد جي اجازت ڏنل ھئي جيڪا ھاڻي بند ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي ٽماٽو برامد ڪرڻ جي اجازت ڏئي سنڌ جي زراعت بچائي آبادگارن کي معاشي ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي.

 

وفا بابو پٺاڻ/ سجاول

 

”پيپلز پارٽي جي بانيءَ جي نعري جو ته احترام ڪريو!“

 

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊاڪٽر مبشر خان جي گھر لاھور ۾ 1967ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو. پاڻ پنھنجي پارٽيءَ جو منشور اٽو، لٽو ۽ اجھو رکيو ۽ ان پنھنجي دور حڪومت ۾ ان منشور تي گھڻي قدر عمل به ڪرايو ۽ سندس شھادت کان پوءِ سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو به ان ساڳئي ئي مقصد کي ھٿي وٺرائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪين ڇڏي پر افسوس جو سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان وٺي سندن پارٽي اقتدار ۾ ھئڻ باوجود به ڌرتيءَ ڌڻي مھانگو اٽو وٺڻ تي مجبور آھن. حڪمرانن کي ڪوئي احساس ناھي ته مزدور جيڪو ڏھاڙي 500 سو رپيا ڪمائي ٿو اھو 150 رپيا ۾ اٽي جو ڪلو خريد ڪندو يا گھر جي ضرورت جون ٻيون شيون ۽ ٻارن جي دوائن، تعليم وغيرہ جا خرچ ڀريندو؟ سنڌ ۾ قدرتي برساتن ۽ سم نالن جي گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي کاٽي نه ھئڻ ڪري سڄي سنڌ ٻڏي وئي، ٻوڏ سب گذريل 6 مھينن کان ڌرتي ڌڻي بنا اجھي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن نه رڳو ايترو پر شاھوڪار ۽ قدرتي دولت سان مالا مال سنڌ جا ماڻھو غربت، بيروزگاري سبب ڦاٽل ڪپڙن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ذرخيز ۽ قدرتي دولت سان مالا مال سنڌ جي مارن جا درد ڪير ٻڌڻ وارو ئي نه آھي، سياسي ماڻھو به وٽن صرف اليڪشن وارن ڏينھن ۾ ئي لنگھي وڃن ٿا، يا پنھنجن بنگلن تي کين گھرائي ڪري ووٽن لاءِ چون ٿا. ھتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم پيو ھلي. ڪڏھن ڊي اي پي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رھيو آھي ته ڪڏھن زرعي دوائون وغيرہ ڪڏھن ٽماٽا مھانگا ته ڪڏھن بصر ته ڪڏھن کائڻ پيئڻ وارين ٻين شين جا اگھ آسمان سان پيا ڳالھيون ڪن، مطلب ته حڪومت نالي ڪا به شيءِ نه آھي. ذخيرہ اندوزي ڪندڙ پنھنجي مرضيءَ سان پيا شين ۽ جنسن جا اگھ مقرر ڪن سنڌ جا وزير وري غريب عوام جو ڀرجھلو ٿيڻ بجاءِ سندن ڦٽن تي پيا لوڻ ٻرڪن ۽ ميڊيا آڏو پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ اھڙا بيان پيا جاري ڪن جو ٻڌي ڪري عوام جا ٻئي ھٿ آسمان طرف کڄيو وڃن. تازو سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ بيان ڏنو آھي ته سنڌ ۾ اٽي جي ڪا به کوٽ نه آھي، اٽو مارڪيٽ ۾ موجود آھي ۽ 65 رپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيو آھي، اھڙن بيان جاري ڪرڻ کان پھريان اوھان کي ڪجھ سوچڻ گھرجي، ھڪ ڏيو نه رھندو ڏکايو. اي حڪمرانو اوھين ڇا ڄاڻيو ته غريب عوام جي مٿان ڇا گذري رھيو آھي.

 

ستار سنڌي/ ڪنب‎‎

 

هڪڙي چٺي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جي نانءُ!

 

گهوٽڪي ضلعي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، عوام رات جو جاڳي گذارڻ تي مجبور آهي، چور رات جو اونداهي فائدو وٺي چوري ڪري وڃن ٿا پر افسوس چورن کان وڌيڪ خطرناڪ گهوٽڪي ضلعي ۾ وياج خور آهن، جيڪي معصوم ٻارڙن کي وياج تي چند رپيا ڏئي انهن کان اسٽامپ پيپر تي لکرائي وٺن ٿا جڏهن پئسا وٺڻ جو وقت اچي ٿو پوءِ انهن جي والدين کي تنگ ڪندا آهن. انهن جي زمين ۽ گهرن تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن ۽ شريف والدين کي پريشان ڪندا آهن، وياج خورن جو هڪ ٽولو آهي، جيڪي ڪم صرف اهو ڪندا آهن جن وٽ ڪجھ به نه هو وياج تي پئسا ڏئي اڄ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، ڪجھ پوليس اهلڪار انهن سان ملوث آهن، جيڪي وياج جا پئسا اوڳاڙڻ ۾ انهن جي مدد ڪندا آهن. اوهان جي لوڪل پوليس اهلڪارن سڄي خبر آهي وياجي ڪهڙا آهن، وياج خورن ڪافي گهر تباھ ڪري چڪا آهن، هاڻي اوھان کي اپيل ڪجي ٿي ته وياج خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ جيڪي پوليس اهلڪار ملوث آهن انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

 

سال پڄاڻا سور!

 

آگسٽ 2018ع کان لاڳيتي مهانگائي خلاف سراپا احتجاج رھندڙ کاٻي ڌر يعني اپوزيشن (پي ڊي ايم) نيٺ اپريل 2022 تي متتق انجام تائين پھتي پي ڊيم جي حڪومت پاڪستان جون واڳون سنڀاليون. عمران نيازي جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ پ پ پ مهانگائي خلاف ٽريڪٽر مارچ ڪسان مارچ ڪڍيا، اسلام آباد وڏي وفد جي صورت ۾ پھتا. مطالبو اھو ھو ته مهانگائيءَ ملڪ جا ترا ڪڍي ڇڏيا آھن، ان کان بعد 2022 جي اپريل مھيني ۾ حڪومت تبديل ٿي. تيل جو اگھ ھڪ مھيني اندر 230 رپيا مقرر ٿي چڪو آهي، جيڪو گذريل حڪومت ۾ 150 تي ھلي رھيو ھو. اٽو کنڊ ۽ ھرروز استعمال ٿيندڙ شيون ڏينھن به ڏينھن غريبن جي پھچ کان پري ٿينديون ويون پر اڄ آخري مھيني تائين ڪو به احتجاج ناھي ڪو به هاري مارچ ناھي، ڪو به ٽريڪٽر مارچ ناھي نڪو. ڪير اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي بک ھرتال جو سڏ ڏئي ٿو، ڪجھ مھينا اڳ سنڌ کي برساتن بيحال ڪري ڇڏيو ھو. ھنن جو نعرو آھي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان، اھي نعري تي پورو لھندي ٽئي شيون کسي ويا آهن. اٽو جيڪو غريب ته نالو به وٺي نٿو سگھي پر وچولي طبقي جي ماڻھن وٽ به اٽو خريد ڪرڻ جيتري پھچ ناھي ۽ شرجيل ميمڻ چوي ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ اٽو سنڌ ۾ سستو وڪامجي ٿو. آئون سنڌ سجاڳ دوستن ۽ تنظيمن کي اپيل ڪندس ته توھان ماتما گانڌي جي سنت کي ورجائيندي اٽو سستو ڪرڻ واري تحريڪ ھلايو، جيئن گانڌي انگريزن جي دور حڪومت ۾ لوڻ تحريڪ ھلائي، انگريزن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون، تيئن ئي سنڌي قوم کي اٽو تحريڪ ھلائي سنڌ حڪومت کي سوچڻ تي مجبور ڪري، جي پاڻ ھينئر ڪجھ نه ڪيو ته سڀاڻي ھي پنھنجو نسل پاڻ سان گڏ دفن ٿي ويندو، پنھنجو وجود ختم ٿي ويندو.

 

سجاد يوسف پنھور/کورواھ

 

اي سال 2023، سمورا سج سکن وارا اڀارجان!‎‎

 

اي سال 2023 منهنجا عارضي دوست جي منهنجي ساھ جي سڳي ساٿ ڏنو ته آئون تو سان پورا 365 ڏينهن گڏ هوندس پر تون اچين ته منهنجي ڌرتي تي سال جا سمورا سج سکن وارا کڻي اچجان. ڏس يار 2023 هيل ڌرتي تي ڪا به اداس موسم نه هجي، ڪو بک وگهي نه مري، اٽي مهانگي هئڻ ڪري ڪو به اجتماعي آپگھات نه ڪري. ڏس يار ڪو ڌرتيءَ جو ڪو ٻار بک ڪارڻ زمين تان چانور ميڙي نه کائي، ڪن بکايل ٻچن جو پيءُ سندس بک کان وڌيڪ ٻچن کي بکايل ڏسي وقت کان اڳ بي موت مري وڃي. ڌرتي ڌڻي ناظم جوکيو، ۽ ارشاد رانجهاڻي جهڙو ڪو ڳڀرو ڳولين جو کاڄ نه بڻجي، نمرتا، نوشين ۽ نائلا رند جهڙين ڌرتي جي نياڻين جا درسگاهن مان لاش نه ملن، روڊ حادثن ۾ سون جهڙيون حياتيون نه کسجن، ڪو گلن جهڙو گل کليل گٽر ۾ نه ڪري، گلي ۾ ٽھڪ وکيريندڙ ڪنهن معصوم کي رولو ڪتو چڪ هڻي زخمي نه ڪري. يار 2023 ٻڌين پيو نه، هيل ڌرتي ڌڻي ڪو به پنهنجي ڌرتي تان نه ڌڪارجي، ڌرتي جا ماڳ مڪان محفوظ ھجن، ڪا نياڻي بگهڙن جي ور نه چڙھي، ڪنهن به ديا جو سسي ڪا ڌار لاش نه ملي، ڪا به بندوق ڪنهن به پکي جو سينو نه چيري، ڪا به نياڻي مانيءَ ۾ دير ڪرڻ سان ڪهاڙين جو کاڄ نه بڻجي، ڪا به اک آلي نه هجي، ڪنهن به ڀاءُ جي لاڏلي ڀيڻ جو ڪن والي کان خالي نه هجي، ڪنهن به امڙ جي جهولي خالي نه ٿئي ڪنهن به ڀيڻ کان ڀائر ۽ وني کان ور ۽ مافيا جي ڪري ڪنهن هاري کان هر نه کسجي، ڪو به بيروزگار هٿن ۾ ڊگريون کڻي در در جا ڌڪا نه کائي، غربت جي ڪري ڪنهن نياڻي جي وارن ۾ چاندي نه پوي، ڌرتي جي انگن ننگن ۽ دنگن لاءِ جوڌن جي للڪار ڪڏهن به ماٺي نه ٿئي. اي سال 2023 تون سڀئي سکن جا سج اڀارجان، سنڌوءَ جو پاڻي سدا تارو تار هجي منهنجي ماروئڙن جا ويڙھا سدا وسندا رهن ڪا به مرڪ ميري نه ٿئي. ڌرتيءَ جو به ماڻھو بکيو پيٽ نه سمهي۔ ڌرتي سائي ويس ۾ هجي امن جا پکي  امن  سان ئي اڏامندا رهن. شال ڌرتيءَ جو ٻچو ٻچو پنهنجي ديس ۾ مهڪندو، مرڪندو ۽ ٽھڪندو رهي. لطيف، سچل ۽ سامي جي نگريءَ ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ٿئي، اي سال 2023 سال جا سمورا سج سکن وارا اڀارجان.

 

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

پوپٽ ڳوٺ جي ٽانڪي کي بحال ڪيو!

 

پوپٽ ڳوٺ ھزارين جي آبادي رکندڙ علائقو پوپٽ ڳوٺ ۾ لکين رپين جي لاگيت سان تيار ٿيندڙ ٽينڪي جيڪا 2005 تائين بحال ھئي پر پوءِ چند با اثرن منافعي خورن ٽينڪي کي غير فعال ڪري سڄي علائقي کي ٽينڪر مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيو، ايم سي ٻولھاڙي ۾ مزدور تبقي جي اڪثريت تمام گھڻي آهي ٽينڪر مسڪين ماڻهو جي پھنچ کان پري آهي ٻه گھر گڏ ٿي ھڪ ٽينڪر اڌ اڌ ڪري لھرائيندا آهن، ايم سي ٻولھاڙي پبلڪ ھيلٿ سميت ڊي سي ڄامشورو کي درخواستون ڏيڻ باوجود ڪا به حل نه نڪتو. انتظاميا کي ايترو به ٻڌايو ويو ته ٽينڪي کان اڌ ڪلوميٽر پوئتي ابڙا چوڪ سميت آسپاس گھٽين ۾ منپسند ۽ بااثرن جي گھٽين ۾ پاڻي لائنن ذريعي فراھم ڪيو ويندو آهي انتظاميا ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيو. حيرت آهي ته جيڪي اسان جي ٽئڪس مان پگھار کڻن ٿا ۽ ونگار وري وڏيرن جي وھن ٿا، پوپٽ ڳوٺ جي ٽينڪي تي بااثر روز طرح طرح سان قبضو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا. آئون عبدالستار لھر انهن کي واضع طور انهن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته ٽينڪي ڪنهن جي پيءُ جي يا ذاتي ملڪيت يا پراپرٽي ناهي جيسي آئون جيئرو آھيان ٽينڪي تي ڪنهن کي قبضو ڪرڻ ڪو نه ڏيندس ٽينڪي عوامي ملڪيت آهي ۽ ٽينڪي جي بحالي تائين جدوجهد جاري رھندي.

 

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

 

صفائي کي گندگي ۾ بدلائيندڙ ڪير؟

 

ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌ سونهاري سڄي سورن ۾ آهي ٻيو وري صفائ جو بحران اصل ڳالهه ڳري ٿي وئي آهي، ڳالهه پئي هلي صفائي جي ته قصو هڪ ڏينهن جو بيان ڪندو هلان ته هڪ ڏينهن ميرپوربٺوري ۾ گهٽي مان گذري رهيو هئس ته اوچتو حيران ٿي ويس، شهر بٺوري جي هڪ معزز گهراڻي جي گهر اڳيان لنگهڻ ٿيو ته ٿاٻڙجي پيس، پريشان ٿي ويس ته هي ڇا؟ ٿو غور ڪيم ته آخر ڪهڙي سبب هئو جو ٿاٻڙجي پيس؟ نگاهون ڦيرائي ڏٺم ته ۽ رڙ نڪري ويم ته مار هي ڇا؟ معزز گهراڻي جي گهر اڳيان شهر جي مين گهٽي ۾ گند ڪچرو اڇلايو ويو هو ۽ ان گند ڪچري جي ڪري هڪ ته گهٽي سڄي ڌوڙ ٿي وئي هئي ۽ ٻيو وري جيڪي ماڻهو اچ وڃ ڪري رهيا هئا اهي ويچارا پنهنجن پاڪ پويتر پيرن سان ان گند ڪچري کي هيڏانهن کان هوڏانهن ڦهلائي رهيا هئا ۽ گند ڪچرو وڌي رهيو هو، پوءِ سوچڻ لڳس ته آخر شهرن ۾ صفائي ڇو نه ٿي ٿئي؟ اصل ۾ هتي بيان ڪندو هلان ته صفائي سٿرائي کي مٽائڻ جو ڪارڻ اسان عوام پاڻ هجون ٿا اسين پنهنجن گهرن ۾ پيل گند ڪچرو ٻاهر گهٽين ۾ ڦٽو ڪيون ٿا ۽ اهڙي نموني ڇڏيون ٿا جو ٿيل صفائي به ڦٽيو وڃي ۽ اسان وري ڏوهه اسان جي حڪمرانن کي ڏيون ٿا، خير اسان جي حڪمرانن جي تعريف نه پيو ڪريان ڇوته مون کي خبر آهي ته اسان جا حڪمران وري ڪهڙا چڱا مڙس آهن، انهن ۾ به ڪوتاهيون آهن پر ڪجهه اسان عوام کي به پنهنجو ڀت جهلڻ کپي ۽ صفائي ڏانهن ٿورو پاڻ به ڌيان ڏيون ڇوته ٻاهرين ملڪن ۾ ماڻهو پنهنجي گهرن توڙي گهٽين جي صفائي پاڻ خود ڪندا آهن، ڪنهن کي يقين نه اچي ته ڀلي ٿور وزٽ ڪري ٻاهرين ملڪن جو حالتون ڏسي اچي، اڄ جي هڪ عوامي اخبار ۾ خبر پڙهيم ته انڊيا جي اداڪاره نوشڪا شرما هڪ نوجوان کي ڇنڍ پٽي ته رستي تي ڪچرو ڇوٿو اڇلائين؟ ڇو ته مسافر ڪار ۾ سوار نوجوان ڪچري جي ٿيلهي اڇلائي ته ڀرسان گذرندڙ ڪار ۾ سوار اداڪارا کي ٿورو ڪچرو لڳي ويو ته هو ڪاوڙجي پئي، خير ڳالهه کي وٺجي هن ڳالهه تي ته هوءَ ته هئي هڪ اداڪاره پر پاڻ ٿورو سوچيو ته اسان جا ماڻهو پنهنجي وات جو ٿڪون ايئن رستن تي اڇلائين ٿا ته گذرندڙ ماڻهن کي لڳيو وڃن پوءِ ڀلي گذرندڙ ماڻهو نمازي ڇونه هجن، عوام کي ڪهڙي پرواهه انهن ٿڪ اڇلائي پوءِ ڀلي ڪنهن کي به لڳي ان ۾ انهن جو ڇا؟ مطلب ڳالهه جو ته گند ڪچرو گهرن کان ٻاهر اڇلائڻ کان لهرايون ۽ ان گند ڪچري کي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرن جي معرفت شهر ۾ پيل ڪچري جي ڌٻن ۾ اڇلارايون ته جيئن صفائي برقرار رهي سگهي ۽ اسان جا ويچارا حڪمران جيڪي ننڍ ستل آهن انهن جون برايون نه ڪريون ته بهتر آهي نه ته ٻيو مڙوئي خير آهي.

 

ايم نفيس علي آزاد/ميرپوربٺورو

 

احساس جي کوٽ!‎‎

 

اڄ جي هن دور ۾ احساس جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي احساس سواءِ به ڪون انسان هوندو، اهو هنئير جي ان عجيب دور ۾ ڏسجي پيو مون ڏٺو هڪ بيوس بکائيل خاندان جنهن جي پاڙي ۾ سڀ سرندي وارا رهندا هجن پر هو ٻن ويلا ماني لاءِ به پريشان هئا جتي اسان معائشري ماڻهو پنج هزار جا ميهني ۾ سگريٽ پيو ڇڏين جتي جا ماڻهو هزارين رپيا شراب عياشي تي خرچ ڪري ڇڏين اهو پاڙي وارن جي مدد نٿا ڪن سبب اهو آهي ته هنن ۾ احساس ناهي هڪ ماءُ پنهنجي بيمار پٽ کي اسپتال کڻائڻ لاءِ سواري جي تلاش ۾ هجي ۽ پاڙي بيٺل گاڏي هن جي مدد نه ڪري پوءِ ان گاڏي جي مالڪ کي احساس جي ذري ناهي اڳين ٻڌو هو انسان ۾ عمل ناهي پر مان ائين چوندس اڄ جي انسان ۾ احساس به ناهي، احساس کان سواءِ ڪو زندگي آهي پاڙي واري جي جن کي بک نظر نه اچي ۽ دوستن تي هزارين رپيا خرچ ڪيا وڃن، جتي روز جو فضول خرچ هزارن ۾ هجي جتي در تي آيل فقير هٿن خالي وڃي ۽ محفلن ۾ ناچو ڇوڪرين، ڇوڪرن تي هزارين رپيا اڏائي ڇڏجن، جتي اوطاق تي دوستن يارن جي دعوت ڪرڻ لاءِ هزارين رپيا خرچ ڪري ٻين جي گلا ڪئي وڃي، انهن کي انيڪ طعام کارائي ڇڏجن ۽ پاڙي واري کي لسي جي لپ نه ڏجي، اتي سائين احساس جي ڳالھ ڪرڻ به اجائي آهي. احساس ڪراڻو ڪون ٿو پوي احساس واري دل هوندي آهي جنهن ۾ احساس جو ديپ جلندو آهي ۽ اهو ماڻهو روشن ٿي پوندو آهي جيترا اسين فضول جا پيسا خرچ ڪيون پيا جي انهن پئسن مان ڪنهن ضرورت مند جي مدد ڪئي وڃي ته هڪ بهتر عمل آهي پاڙي رهندڙ غريب مسڪين جو سهارو بڻجو هنن جي مدد لاءِ هميشه تيار رهو احساس ڪيو ۽ احساس ڌاريو هي محل مايا ڪجھ ڪون هلندو بس اهيو مسڪينن جون دعائون هلنديون ڪوشش ڪري ڪنهن جي مونهن جي مسڪراهٽ ٿيو ڪنهن جي اک جا ڳوڙها نه پنهنجي پاڙي توڙي ڳوٺ وارن جو خيال رکو ڪٿي ڪو مسڪين ماني کان واجهيل نه رهجي ويو هجي.

 

ڪاشف ڪنڀر /نيوڇور