عورت هڪ درد ڪهاڻي آ!

 پالڻهار جڏهن حضرت آدم کي خلقيو ته ان سان گڏ ڏاڏي حوا کي پڻ پيدا ڪيائين، ايئن ئي هر جاندار شيءَ جيڪا واڌ ويجھه ڪري سگهي ٿي ان جا جوڙا پيدا ڪري خالق اڪبر ٻڌايو ته ماده جنس کان سواءِ ڪو به وجود ممڪن ڪونهي، وقت جي ستم ظريفي چئجي جو قدرت جي قانون سان ٽڪراءَ جو جنهن عورت جي وجود کان سواءِ انسان جو وجود ممڪن ڪونهي، اها عورت اڄ جي جديد دور ۾ به جنسي مٿڀيد جو شڪار آهي. سڄي دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ مان روازنون هزارن جي تعداد ۾ اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا، جنهن مان عورت جي اهميت کي گهٽ ڪري، اڻ برابري ڏيکاري وڃي ٿي، روزانوم ڪيتريون ئي حوا چايون وحشت جو شڪار ٿين ٿيون، حوا ڄاين کي مذهب جي نالي تي زوري اغوا ڪري کين جنسي لذت جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. ڪٿي نوجوان ناري کي 50 سالن جي پوڙهي شخص سان پرڻايو وڃي ٿو ته وري ڪٿي موالي سئوٽ ماسات جي نڪاح ۾ ڏني وڃي ٿي. ايئن به ٿيندو ته غلطي ڪري مرد وري سڱ چٽي ۾ عورت ڏني ويندي آهي ته ڪڏهن ان ئي عورت کي ستيءَ جو روپ ڏئي قرآٓن  پاڪ سان پرڻايو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪا عورت سماجي روين جو مقابلو ڪري نوڪريءَ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته ان کي به ترحين ترحين قسمن جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ڪڏهن کيس جنسي طور حراسان ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري، گهٽ عقل جو لقب ڏئي سندس ڪاميابيءَ جي رستا روڪ ڪئي ويندي آهي. عورتن جي حقن جون هزارن جي تعداد ۾ تنظيمون هجڻ جي باوجود عورت کي سماج ۾ گهربل مقام ناهي ملي سگهيو، سوال اهو آهي ته هي اڻ برابري وارو نظام ڪيستائين رهندو؟ سماج ۾ عورت کي گهربل مقام، مان ۽ مرتبو ڪڏهن ملندو؟

شازيه بروهي/ ڄامشورو

شاهپورجهانيان جي سرڪاري اسپتال کي سهولتون ڏيو!

                 شاهپور جهانيان جي سرڪاري اسپتال جا بنيادي مسئلا ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار ٿيندي نظر اچن ٿا ۽ مسئلن جي ڪري ڪيتريون ئي زندگين جو ڏيئو اجهامي ويو آهي، اسپتال جيڪا ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي وئي آهي، شاهپور جهانيان شهر توڙي آسپاس جي علائقن جا رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪا موجوده دور جي نقطه نظر سان افسوسناڪ عمل آهي. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، ايم ايس ڊاڪٽر عبدالواحد چنا پاران ڊيوٽي نه ڪرڻ، دوائن جي کوٽ، نئين ايمبولنس جو نه هجڻ ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، شاهپورجهانيان جا سماجي اڳواڻ ۽ نوجوان اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هتان جي شهرين سنڌ جي وڏي وزير، صحت جي وزير، ڊي ايڇ او شهيد بينظير آباد ۽ بالا آفيسرن کي گذارش ڪئي آهي ته اسپتال جي مسئلن کي هر ممڪن طرح جلد کان جلد حل ڪرائين ته جيئن هتان جو عوام سهولتن جو فائدو حاصل ڪري ۽ پنهنجي زندگي سٺي نموني سان گذاري سگهي.

سيف ٻگهيو/ شاهپور جهانيان

هڪ چٺي ايس ايس پي عمرڪوٽ جي نانءُ!

  جناب ايس ايس پي عمرڪوٽ، عرض ڪنداسين ته اڄ کان ٻه ميهنا اڳ ڍوري ناري ٿاڻي جي حد ۾ صحافي مشتاق ڪنڀر کان ٿيل ڦر ۽ حملي ۾ ملوث ماڻهو گرفتار ناهن ٿي سگهيا سو آخر ڇو؟ مشتاق ڪنڀر هميشه غريبن جو آواز رهيو آهي، پنهنجي مفاد لاءِ ڪڏهن به ناهي وڙهيو، هميشه غريبن جي حقن لاءِ وڙهندو رهي ٿو. اڄ کان ٻه ميهنا اڳ مشتاق ڪنڀر تي حملو ٿيو ۽ ان کان ڦر ڪئي وئي هئي، حملي ۾ صحافي مشتاق جي ڄنگھه ڀڃي پئي هئي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جاويد کي به زخمي ڪيو ويو هو، ان معاملي کي ڍورو نارو پوليس ڪٿي پهچايو ان جو پڇاڻو توهان ڪريو، حملو ۽ ڦر ڪندڙ جوابدار اڃا پوليس جي پڪڙ ۾ ناهن اچي سگهيا، ان جو سبب ڇا آهي؟ اهو توهان انڪوائري ڪريو، مشتاق ڪنڀر کان 15 هزار روڪ، موٽر سائيڪل، ٽچ موبائيل ڦر ٿي ويا، ڦر ٿيل سامان لڳ ڀڳ لک کن جو هوندو، جيڪو موٽرائي ڏيو ۽ ڦر ۽ حملي ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري کين ڪيل ڏوهه جي جوڳي سزا ڏياريو ته جيئن ماڻهن جو پوليس تي اعتماد قائم رهي ۽ اهڙن ڦورن کي به پوليس جو خوف هجي، جيڪو هن وقت سرعام ڏينهن جو ماڻهن تي قاتلاڻا حملا ۽ ڦرون پيا ڪن. اميد ڪنداسين ته اسان جي غريباڻي عرض تي عمل ڪري صحافي مشتاق ڪنڀر کي انصاف فراهم ڪندا ۽ معاملي جي انڪوائري توهان ڪرائي جوابدارن کي سزا ڏياريندا.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ڪيل وڏا فيصلا!

  انصاف جي فراهمي ڪنهن به معاشري جي ترقي جو سڀ کان اهم ترين جز آهي. انصاف کان سواءِ معاشرو جهنگ جيان هوندو آهي. سال 2021 ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي خاتمي جو سال ثابت ٿيو. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني لارجر بينچ ڪراچي ۾ قبضن بابت اهم فيصلا ٻڌايا. نسلا ٽاور ۽ تجوري هائيٽس ڪيرائڻ جو حڪم جاري ٿيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ به 2021 ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا. 01 جنوري 2021 تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 لک 59 هزار 769 ڪيس زير التوا هئا. سال 2021 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان عوام ڪيترو انصاف مليو؟ ڪيترا ڪيس هلندڙ آهن، ڪهڙا ڪيس حل ٿيا. سال 2021 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 لک 56 هزار 486 ڪيسن جا فيصلا ڏنا، جڏهن ته 60 هزار 666 ڪيس اڃا هلندڙ آهن. حيدرآباد بينچ ۾ 24 هزار 477 ڪيس هلن پيا. جڏهن ته سکر بينچ ۾ 5 هزار 937 ڪيسن جو معاملو حل ٿي نه سگهيو. لاڙڪاڻو بينچ ۾ به 5 هزار 186 ڪيس هلندڙ آهن. سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور ڪيرائڻ، تجوري هائيٽس، راندين جي ميدان تي قبضا، ايئرپورٽ جي زمين تي شادي هال ۽ ڪمرشل سرگرميون بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا. احتساب عدالتون به پنهنجو ڪم ڪنديون ۽ فرض نڀائينديون رهيون. چيف جسٽس پاڪستان فيسٽيول ۾ شرڪت دوران چيو ته سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ اقليتن جي مذهبي آزادي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ ڪندي رهندي. سندن حقن جي ڀڃڪڙي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏبي. هندن جي مندرن تي قبضا آهن. ڪنهن کي انهن سان ناانصافي يا ناحق ڪرڻ نه ڏيندا سين. سپريم ڪورٽ 2021 ۾ هڪ اهم فيصلو ٻڌايو. جنهن فيصلي جو سڄي ملڪ ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو، اهو برطرف ملازمن جي بحالي وارو فيصلو آهي، جيڪو عدالت انساني حقن جي تحفظ جي آئيني اختيار کي استعمال ڪندي هٽايل ملازمن کي بحال ڪيو. جنهن ڪري متاثر ٿيل برطرف ملازم بيروزگار ٿيڻ واري اذيت کان بچي ويا.اميد ته ملڪ جون اعليٰ عدالتون نئين سال ۾ به انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينديون.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

اسڪارپ کاتو رشوتخوريءَ ۾ ٻڏي ويو، سم آزا بڻجي وئي!

  اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل ناڪارا بڻيل آهن، انھن جا ٽرانسفارم موٽر ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو آهي، ٽيوب ويل جو سامان اسڪارپ جي ملي ڀڳت سان وڪرو ڪيو ويو آھي، يوسي جھنڊو مشائخ جي علائقي ۾ سم جي خاتمي لاءِ جيڪي اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل لڳل آھن، اھي اسڪارپ کاتي جي نااھلي سبب ورھين کان  بند پيل آھن، ٽيوب ويلن جا بجلي وارا ٽرانسفارم موٽر سميت سمورو سامان گم آھي، ناليون گند گاهه سان پورجي ويون آھن، ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن. اسڪارپ کاتي جو ڪو به ڪامورو علائقي ۾ ٽيوب ويلن جي وزٽ لاءِ ناھي ايندو، ٽيوب ويلن جي مرمت ۽ نالين جي کاٽي جي نالي تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رھي آھي. سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري سم ناليون اٿلي پيون آھن، ھنڌان ھنڌان گھارا پوڻ روز جو معمول بڻيل آھي، علائقي واسين جي ڳوٺن ۽ زرعي زمين ۾ پاڻي ڪاھي پيو آھي، علائقي واسين جو لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي، مقامي ماڻھو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. اسڪارپ کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آھي. تازوئي اسڪارپ ورڪشاپ ڊويزن خيرپور نارو ڍورو وٽان ڪرين مشين چوري ٿي آھي، ان چوري ۾ ورڪشاپ ڊويزن جا آفيسر ملوث ھوندا. جاچ ۾ ورڪشاپ جا آفيسر به شامل ڪيا وڃن، ان معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي. اسڪارپ کاتي جي آفيسرن جي ڪرپشن عروج تي پھتل آھي، اسڪارپ کاتي جي ٽبويل جي مالڪي ڪري انهن کي چالو ڪيو وڃي جيئن علائقي ۾  سم جو آزار گھٽجي سگھي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ، پريشان عوام ۽ وزيرن جون دعوائون!

  جيئن ته هن وقت سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گئس جي کوٽ شدت اختيار ڪري چڪي آهي ڪي پي ڪي کان وٺي ڪراچي تائين عوام گئس جي کوٽ سبب پريشاني واري زندگي گذري رهيو آهي. ان کان پوءِ جيڪي صوبا گئس پيدا ڪندڙ آهن جن ۾ بلوچستان ۽ سنڌ شامل آهي تن صوبن ۾ پڻ گئس جو شديد بحران آهي، جنهن سبب شهرين جي زندگي زهر بڻجي چڪي آهي، شهري گهر جي ماني بجاءِ هوٽلن تان مهانگي ماني خريد ڪري رهيا آهن، هوڏانهن وري ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ اسان جا وفاقي وزير چئي رهيا آهن ته اسان جي ملڪ ۾ گئس ختم ٿيندي پئي وڃي، شهرين کي ٻيو ڪو گذارو ڪرڻ پوندو ته ٻي پاسي وري سنڌ جي وزيرن جي دعويٰ آهي ته اسان جي گئس ختم نه پئي ٿئي پر اسان جي وفاقي وزيرن کي ان بابت خبر ئي ڪو نه آهي، خدا ئي ڄاڻي ٿو ته آخر ڇا مسئلو آهي پر اها حقيقت آهي ته هن وقت وزير ڪجھه به چون پر عوام جا لاهه نڪري چڪا آهن، ڪڏهن پيٽرول مهانگو، ڪڏهن گئس اڻلڀ ته ڪڏهن وري ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. گذارش آهي ته خدارا عوام تي رحم کائي شيون مهيا ڪري عوام جي پريشانين کي ختم ڪيو وڃي.

آصف علي عباسي/سکر

شراب ۽ زھر جو پيالو!

  شراب جو ڍُڪ زھر کان خراب آھي، شراب انسان کي پنھنجي وس ۾ پوريءَ طرح کان جڪڙي ڇڏيندو آھي، انھن کي نه صحت جو خيال آهي نه ئي زندگيءَ جو، انھن کي نه دنيا جي پرواهه هوندي آهي ۽ نه سک جي شانتي جي. شراب ۽ زھر، زھر جو پيالو پيئو يا شراب جو پيگ لڳايو، فرق صرف ايترو آھي ته زھر ھميشه لاءِ انسان جو خاتمو ڪري ڇڏيندو آھي  پر شراب آھستي آھستي نڙيءَ مان لھندو آھي پر جيئن ئي جسم ۾ ويندو آھي غصون کي ساڙيندو ويندو آھي وري بارود ٿي ٻاھر نڪرندو آھي. فزيڪلي ھجي يا مينٽلي انھن جا غضوا ٻنھي ظرف کان آئوٽ آف ڪنٽرو ٿي ويندا آھن، اھي شراب جا ڌوتل انسان انھن جو جيون شراب آھي ۽ انهن جو شراب سان پاڻ ۾ ڇٽاڀيٽي ھوندي آهي. شراب ته شراب آھي، اھو ڪڏھن ھاريو ناھي ان ڪيترن جا گھر اجھاڙيا آھن، ڪيترا يتيم ٿيا آھن، ڪيترا بي گھر ٿيا آھن. قانون موجب پيئڻ وارو ۽ پيئارڻ وارو ٻئي ڏوھاري آھن، قانون موجب ماڻھن کي ھڪ ئي وقت تي شراب نه ملندو آھي ته اهي وري ڪئين قسمن جا ناچ گانا ڪندا آھن. ڪڏھن سمنڊ جي لھرن جيان مٿو ٿو فاٽي، پير ھيٺيان زمين کان ٿا وڃن. غجيب غريب حرڪتون ڪندا آهن. شراب زھر کان به خطرناڪ آھي، توھان کي تڙپائي تڙپائي ماريندو. جيڪو شراب پيئندو غلظي ڪندو، ان کي ڪڏھن معاف نه ڪرڻ گھرجي، خبر به آھي پيئڻ کان پوءِ ان جا نتيجا خراب نڪرندا پوءِ به بار بار پيتو ويندو اهي.

ڀاڳچند ميگھواڙ/ عمرڪوٽ‎‎

سال جا آخري ڏينھن جي موڪلاڻي ۽ نئين سال مان اميد!

  ھي سال به ويو گذري ۽ ٻيا ڪيترائي سال گذري صدين کي جنم ڏين ٿا، ڪي سال ڪي ئي صديون گذريون ويون ۽ گذري وينديون. سيڪنڊن پٺيان منٽ ۽ منٽن پٺيان ڪلاڪ، وري ڏينھن وري ھفتا ۽ ھفتن پٺيان مھينا ۽ مھينن پٺيان سال ۽ سالن کان پوءِ صديون، بس رب پاڪ جو نظام پيو ٿو ھلي، ڪي ايندا ۽ ڪي ويندا، دنيا جو آ دستور، ڪن جا پيارا وڇڙي ويا ته ڪن کي ڏک درد مليا، ڪن کي وري خوشيون ئي خوشيون مليون، ھي سال به گذري ويو، فضيلا سرڪي به وارثن کي نه ملي، ڪن جا معصومن کي قتل ڪيو ويو، ڪانھا ڪمار کي به جانورن نه سٺو، عورتن جون عزتون پائمال ٿي ويون، ڊاڪٽر نوشين شاهه ۽ ڄام ناظم جوکيو، دودو ڀيل سميت ٻين ڪافي مظلوم عورتن ۽ نوجوانن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو. علمي درسگاھون به محفوظ ناهن رھيون، قانون نه رھيو نه وري ڪنھن کي انصاف مليو. ڪورونا به قھر ڪري ڇڏيا، پيارا دوست کسيا، ڪي وڇڙي ويا، ڪي وري مزدوري ۽ پيٽ پالڻ ۾ غربت ۾ وٺجي ويا. بيروزگاري به وڌي وئي، ھن سال مھانگائي عروج تي رھي، گئس جو بحران پيدا ڪيو ويو، سياست عوامي نه رھي. حڪومت پاڻ ڪرپشن ۾ ٻڏل رھي ۽ آهي. اميد ٿا ڪريون ته نئون ايندڙ سال خوشين ڀريو ھوندو، نئين سال جون سڀني کي مبارڪون ۽ دعائون. سنڌ سدا وسندي رهي ۽ خوشحال رھي. آمين

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌ جي تعليم ۽ وزيرن مشيرن جون سوچون!

  هن وقت جڏهن سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهيءَ جي ڪناري پهتل آهي اتي تعليم وارن وزيرن جون اهي ڳالهيون مايوسين جي اونداهين ۾ اميدن جي ڪنهن نئين ڪرڻي جيان آهن، صوبائي وزير جي مٿين سوچن مان ثابت ٿئي ٿو ته وزيرن کي نه رڳو سنڌ جي تباهه ۽ برباد ٿيل تعليمي نظام جي پوري ڄاڻ ۽ احساس آهي پر هو انهن بنيادي سببن کان به پوريءَ طرح واقف آهن جيڪي سبب تعليم جي تباهيءَ جا ذميوار بڻيا آهن، سائينءَ تعليم جي تباهيءَ جي جن سببن تي روشني وڌي آهي انهن ۾ تعليمي نصاب جو مدي خارج هئڻ، تعليمي عملدارن جي ميرٽ تي مقرري نه ٿيڻ ۽ وزيرن مشيرن ۽ عملدارن جو سرڪاري تعليمي ادارن ڏانهن سنجيده رويو نه رکڻ آهي. تعليم جي تباهيءَ جا ٻيا به کوڙ سبب آهن پر ان ۾ شڪ ناهي ته جن سببن جو ذڪر سنڌ جي وزيرن فرمايو آهي اهي به مکيه سببن مان ڪجهه سبب ضرور آهن، اصل ۾ تعليمي نظام جي تباهيءَ وارو معاملو به ٻين معاملن جيان ماضيءَ جي حڪومتن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ خراب حڪمرانيءَ واري معاملي سان سلهاڙيل آهي، تعليم جي ان تباهيءَ لاءِ رڳو ڪنهن هڪڙي حڪومت کي ڏوهاري قرار ڏئي نٿو سگھجي، بدقسمتيءَ سان ماضيءَ جي ڪنهن به حڪومت تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري طرف ڪڏهن به سنجيده رويو اختيار ناهي ڪيو. تعليمي عملدار ۽ عوامي نمائندا پڻ انهيءَ قومي ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، ان ڪري جو انهن سڀني مان ڪنهن وٽ به تعليم جو سرڪاري شعبو ڪڏهن به ڪنهن ترجيح اوليت ۽ اهميت جي لائق رهيو ئي ناهي، مختلف دورن ۾ انهيءَ کي سڌارڻ جون دعوائون ٿينديون رهيون آهن ۽ ڪجهه نمائشي قسم جا قدم به کڄندا رهيا آهن پر اصل خرابين ۽ ڪمزورين کي نه ته ڪڏهن درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ نه اهڙي نيت رکي وئي آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ