آخر! ڪيستائين آپگھات جي نالي قاتلن کي لڪايو ويندو؟ ‎‎

 تاريخ ھڪ ڀيرو ٻيھر دھرائيجي رھي آھي، افسوس! ساڳيو ئي واقعو لاڙڪاڻي شھر جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ جتي ٻه سال اڳ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جو قتل ڪيو ويو هو، جنھن کي آپگھات جي شڪل ڏني وئي، جنھن ڪيس کي اڄ ڏينھن تائين معمول بڻايو ويو آهي پر اڄ ان ئي جڳھ تي ساڳيو ئي دردناڪ واقعو پيش آيو آھي، جنھن ڪيترن جي ئي دل لوڏي ڇڏي آهي. دادو واسي سيده نوشين ڪاظمي جيڪا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس جي ڇوٿين سال جي شاگردياڻي هئي جو لاش پکي ۾ لڙڪيل مليو. دراصل، ان آپگھات جي پٺيان ھڪ قتل لڪل آھي. جي ٻه سال اڳ نمرتا ڪماري جي ڪيس تي پورو ڌيان ۽ صحيح طرح قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ھا ته شايد اڄ ھڪ ٻي نمرتا جيڪا نوشين جي شڪل ۾ ھئي، ان سان اها ويڌن نه ٿئي ھا. آخرڪار، ڪيستائين آپگھات جي نالي قاتلن کي لڪايو ويندو؟ ڇو ان جي ڪيسن جي جاچ ڪرائي انھن قاتلن کي سرعام ڦاھو نه پيو ڏنو وڃي؟ ڇو انھن قاتلن کي ايترو آزاد گھمڻ ڏنو پيو وڃي؟ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا ڇو ايترو خاموش يا ننڍ پيل آھي؟ ان جي پٺيان ڪھڙا سبب آھن جيڪي اھڙن واقعن تي غور ڪرڻ بجاءِ معمولي بڻايو پيو وڃي؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا ناانصافين، ڏوھن، سزائن، ظلمن وغيره تي ھر ڀيري پردو رکيو ويندو؟ آئون سنڌ صوبي جي اعليٰ عھديدارن ۽ وس وارن کي گذارش ٿي ڪريان ته ھن واقعي خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ ظلم کي روڪڻ لاءِ جيستائين قاتلن کي سامھون نه آندو ويندو تيستائين اھو آپگھاتن جھڙن پھلوئن پٺيان ئي لڪيل ھوندا، تنھن ڪري ھن وقت سنجيدگيءَ ۽ جاچ ذريعي ان معاملي جي حد تائين پھچڻ تمام لازمي آهي جيئن ٻين شاگردياڻين کي انھن جو شڪار ٿيڻ کان محفوظ رکيو وڃي.

تانيه سليم/قمبر علي خان

سماج ۾ آپگھات جو وڌندڙ لاڙو!‎‎

  رڳو اسان جي سنڌ ۾ نه پر سموري دنيا ۾ آپگھاتن جو لاڙو وڌي رھيو آهي، مختلف جاين تي مختلف سبب ٿين ٿا، ڪٿي ڪو بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي اھڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو، ڪٿي محبت ۾ ناڪامي ته ڪٿي وري ڪنهن به قسم جي ناانصافي ٿيڻ جي صورت ۾ آپگھات ڪري ٿو ، هر ٻئي ڏينهن اھڙيون خبرون ميڊيا جي زينت بڻجن ٿيون، سنڌ ۾ رڳو ڊسمبر 2020ع تائين  115 واقعا رپورٽ ٿيا، اھڙيءَ ريت آپگھات جو لاڙو وڌندو ٿو وڃي، صورتحال ھاڻي ايتري ته خراب ٿي چڪي آهي جو ڪنهن به مسئلي جي ور چڙھيل انسان پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ٿو پر پاڻ سان گڏ پنهنجن پيارن معصوم ٻارن سان گڏ اجتمائي آپگھات ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب ميڊيا تي ۽ انٽرنيٽ تي مايوس ڪندڙ مواد جو ڏسڻ، اڻ سهائي، ذھني صحتمند نه ھجڻ، سماجي سجاڳي نه ھجڻ، هاڪاري مواد جي اڻاٺ، اھڙن سماجي مسئلن جو بنياد بڻجي ٿو، ھر زنده انسان سان گڏ ڪو نه ڪو مسئلو ضرور ھجي ٿو، پر ان جي نوعيت مختلف ٿئي ٿي، بھادريءَ سان مسئلن کي منهن ڏيڻ بجاءِ زندگي جو ڏيئو اجھائڻ صحتمند سماج جي نشاني ناھي. زندگي رب تعاليٰ جي ڏنل عظيم نعمتن مان هڪ آهي، ان کي ھمت ۽ حوصلي سان گذارڻ گهرجي، بحيثيت ھڪ مسلمان صرف زندگي دنيا جي زندگي ناهي، دنيا کي خير آباد ڪرڻ کان پوءِ به آخرت جو حساب ڪتاب ھميشه جي زندگي جو تصور موجود آهي. زندگي ھڪ امتحاني مرڪز آھي، ھر ڏينهن نئون پرچو حل ڪبو آھي، جنھن ۾ ڪڏهن ڪامياب ته ڪڏھن ناڪام ٿيندا آهيون، اسان جي معاشري ۾ ھاڪاري سوچ جي کوٽ ۽ ناڪاري سوچ ۾ ڏينھون ڏينهن اضافو ٿي رھيو آھي، تازو ئي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل مان ھٿ آيل شاگردياڻيءَ جي لاش بابت چيو پيو وڃي ته آپگھات آهي، واري خبر پڙھيم، اھڙي مايوسي ڇو آهي جو انسان پنھنجي جان جو دشمن ٿو بڻجي وڃي، ان مايوسي کان اسان جي سماج کي ھاڻ نڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته اها مايوسي ۽ ڊپريشن سماج جي اڀرندڙ واڌ ويجھ ڪندڙ ذھنن کي اُڏوھي جيان کائي ختم ڪري ڇڏيندو. سماج ۾ وڌندڙ آپگھات جھڙي ناڪاري لاڙي تي يوسف سولنگي لکي ٿو ته:

آسرو الله تي رک، آپگھات جا خيال ڇڏ،

خود نه خود کي باھ ۾ رک، آپگھات جا خيال ڇڏ،

مرد ٿي ميدان ۾، ڇو مري مردار ٿي،

سگھ سنڀالي ساھ ۾ رک، آپگھات جا خيال ڇڏ،

سوچيون سڀ سولنگي ته نانگ جون نوڙيون اٿئي،

ريت اھڙي راھ ۾ رک، آپگھات جا خيال ڇڏ.

سردار خاتون/ حيدرآباد

نوشين شاههٿ جو قاتل ڪير؟

  چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج نياڻين جي لاءِ موت جو راڪاس بڻجي چڪو آهي، جتي نياڻين کي قتل ڪري آپگھات جي شڪل ڏني وڃي ٿي، اتي جڏهن آپگھات ڪندڙ ناري جي لاش کي ڏسبو ته اتي ننڍڙو ٻار به ايئن چوندو ته جنهن جا پير ٽيبل تي پيل هجن ۽ ڦاهو ڳچي ۾ آهي ته اهو آپگھات ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اهو ته سراسر قتل آهي پر ان هوندي به پوليس توڙي ٻين قانوني ادارن جي منهن تي خاموشيءَ جا تالا لڳل آهن، ڇا ڪي ايڏا وڏا هٿ ملوث آهن جن جي ڪري نياڻين جو قتل ڪيو پيو وڃي؟ ڪجھ سال پهريان اهو ساڳيو ڪاليج ۽ هاسٽل هو جتي ميرپورماٿيلو واسي چوٿين سال ۾ پڙهندڙ هونهار شاگردياڻي نمرتا جو ساڳي حالت ۾ لاش مليو هو ۽ هاڻي وري نوشين شاهه جو لاش مليو آهي، ان سان گڏ حيرت ۾ وجهندڙ هڪ ٻي ڳالھ به آهي ته قتل ٿيل ڇوڪري جو نالو (ن) سان شروع ٿئي ٿو ۽ ڇوٿين سال جي شاگردياڻي هجي ٿي، اها ڳالھ ڳهجارت بڻيل آهي، جنهن کي حل ڪرڻ به لازمي آهي، ڇو ته جي ڪو جنوني ماڻهو آهي جيڪو (ن) سال شروع ٿيندڙ ڇوڪري کان نفرت ڪري ٿو ته سڀاڻي ڪنهن ٻي اهڙي ڇوڪري سان واقعو پيش اچي سگهي ٿو. جڏهن نمرتا جو قتل ٿيو هو تڏهن هن معاملي جو نوٽس ورتو وڃي ها ۽ هن ڪاليج جي وي سي کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ها ته اڄ استاد بخاري جي خاندان سان اهڙو واقعو پيش نه اچي ها، هاڻي به هن معاملي جي باريڪ بيني سان جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ هن کي آپگھات جو نالو ڏئي فائل بند نه ڪيو وڃي جن ظالمن نياڻين جو قتل ڪيو آهي، انهن کي سري عام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي جيئن اڳتي ٻي ڪا نياڻي اهڙن جانورن کان بچي سگهي.

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو

منهنجي سنڌ جي مسڪينن جو حال ڏسو!‎‎

                 سنڌ صوبي سان زيادتيون جاري آهن، اسان کي پنهنجي صوبائي حڪومت تي افسوس آهي، ٻين صوبن ۾ مهانگائي گهٽ آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ مهانگائي ٻيڻ تي آهي، هارين جي حالت انتهائي خراب آهي، جن دوران خاصل کير 80 شهر جو پاڻي نيسلي 100، منهنجا مڱ ۽ موٺ 60 دڪان تي دال 200، منهنجي ڪڻڪ 50 دڪان تي ڊبل روٽي 80 رپيا، منهنجي ڪپھه 130 تنھنجو ڪپڙو 400، منھنجي جانور جو گوشت 500 ڪلو تنھنجي ڪڙھائي 1500 رپيا، منھنجو ڪمند 70 تنھنجي کنڊ 120 رپيا، جانور جو چمڙو 1000 تنھنجي جتي 2500، منھنجي ڀاڄي چند رپين ۾ دڪان تي، تون وڪڻين ھزارن ۾ منهنجو ٻار ڪميشن پاس ڪري ته به بيروزگار تنهنجو ٻار بغير ڪميشن جي به آفيسر، منهنجي ٿري فصلن جو ريٽ گهٽ، تون وڪڻي لکن ۾، منھنجو پورو سال گرمي سردي برسات اس ۾، تون سمھين اي سي ۾، منھنجو علاج پنساري وٽ، تنھنجو علاج پرڏيهه ۾، منھنجي محنت سالن جي، تنھنجي حرامخوري ڪلاڪن ۾، تنھنجو منھنجو ڪو مقابلو ناهي، سنڌ صوبي ۾ ڪا اهڙي وڏي اسپتال ناهي جتي وزيراعليٰ، صوبائي وزير پنهنجو علاج ڪرائين، صوبائي وزير، وڏي وزير جو علاج آمريڪا مان ٿيندو آهي، باقي غريب مسڪين ماڻهن جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ هڪ پيناڊول سان ٿيندو آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

پنڊپھڻ ڪتاب تي اعتراض!

  تازو آيل مرحوم شڪيل پريالوي جو ڪتاب سونھن پبليڪيشن ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي، جنھن جي ڇپائڻ تي شڪيل پريالوي جي پٽ شھزاد کي اعتراض آھي ته ڪتاب ڇپرائڻ جي اجازت نه ورتي وئي آهي نه ئي آئون شاعر جي پٽ ھجڻ ناتي مون کان ان ڪتاب لاءِ تاثر ورتا ويا آهن نه ئي ڪٿي ڪنھن ذڪر ۾ شامل ڪيو ويو آهي، شھزاد خرم پڻ ادل سومري جي لکيل ڪتاب تي تاثر کي ننديو آھي ته ان ڪتاب ۾ اھو ڇو لکيو ته ھڪ شاعر جي شاعري جي ان جي دنيا ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سندس ڪٻاڙي جي حوالي ڪئي وڃي ٿي، جيئن ته سندس والد شڪيل پريالوي جو مواد مون منظور بيدار صاحب کي ڏنو آھي، ان سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اعتراض ڪيو ته ڪتاب جا مالڪاڻا حق اسان وٽ آھن، اسان کان سواءِ ڪتاب ڇپرائڻ تي آئون ڪورٽ جو در کڙڪائيندس.

ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس

سجاول ۾ پاڻي ۽ گئس جي کوٽ جو نوٽيس وٺو!

  سجاول ۾ پاڻي ۽ گئس جي سخت کوٽ سبب شھري پريشاني ۾ ورتل آهن، واٽر سپلاءِ جا تلاءَ سڪي ويا آهن، گئس بند ھئڻ ڪري شھرين کي رڌ پچاءَ ۾ ڏکيائيون پيش اچي ريون آهن. سجاول ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جي ڪري پيئڻ لاءِ پاڻي ڏکيو پر ضرورت لاءِ ملڻ به بند ٿي ويو آهي، سوا ٻه لک انساني آبادي جي لاءِ 40 سال اڳ تيار ٿيل واٽر سپلاءِ ھن وقت انتھائي گھٽ ۽ پاڻي نه اچڻ جي صورت ۾ ٻه کان 3 ڏينهن شھرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارا واٽر سپلاءِ جا تلاءَ سڪي ويا آهن، جنهن سبب شھري ضرورت لاءِ وڏي رقم عيوض پاڻي وٺڻ تي مجبور آھن، جڏهن ته مسجدن ۾ وضو ڪرڻ لاءِ پاڻي نه هئڻ ڪري نمازين کي پنهنجي گھران وضو ڪري اچڻ لاءِ مسجدن مان اعلان ڪيو ويندو آهي، 40 ھزار ماڻھن لاءِ تيار ٿيل واٽر سپلاءِ جو تلاءُ جيڪو ھن وقت سوا 2 لک شھرين جي پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي، سال ۾ ٽي کان چار ڀيرا اھڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ باوجود ٽائون انتظاميا ٻيا تلاءَ ٺاھڻ يا انھن ۾ پاڻي ذخيري کي وڌائڻ لاءِ ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته فلٽر پلانٽ ۽ نوان تلاءَ ٺاهڻ لاءِ مختص پلاٽن تي قبضا ٿي چڪا ۽ ڪجھ حصو وڪيو ويو آهي. سجاول ۾ رڌ پچاءَ واري وقت تي گئس بند ڪري شھرين کي وڏي اذيت جي حوالي ڪيو ويو آهي، روز 12هين وڳي کان 3 وڳي صبح ۽ شام 7 وڳي کان 9 وڳي تائين گئس بند ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، گئس بند هئڻ ڪري اسڪول کان واپسيءَ بعد وقت تي ماني نه ملڻ ڪري ٻار چڙ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. اسان ضلعي انتظاميا ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته شھرين جي مسئلن جو نوٽيس وٺن ته سجاول ۾ گئس جي بندش ۽ پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪرائي شھرين کي بنيادي انساني سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

وفا بابو پٺاڻ/ سجاول

راندين کي عام ڪري منشيات تي ظابطو آڻيو!

  اڄ کان 4 سال اڳ پنھنجي ڳوٺ وسايو جمالي يوسي حسن جمالي ضلعو شھيد بينظيرآباد گھمڻ جو موقعو مليو، پنھنجي شھر واري گھر کان سفر ڪندي جيئن ڳوٺ ويجھو پھتس ته کنڊو اسٽاپ واري شاخ جي ڪپ کان چئني پاسي ماڻھن جو وڏو ميڙ لڳل ھو، ميڙي ۾ ھر عمر جا ماڻهو شامل ھئا، جيڪي ميڙاڪي جي وچ ۾ ھلندڙ ڪنھن سرگرمي کي ڏسڻ ۾ مصروف ھئا، فلحال ته آئون به گھٻرائجي ويس ته خدا خير ڪري پر جڏھن گاڏي کي صفا پاسي کان گذاريندي ڏٺم ته علائقي جي مختلف ڳوٺن جا نوجوان ڪرڪيٽ راند ۾ رڌل ھئا ۽ چوڌاري ماڻھن جون قطارون ھيون، جيڪي چانھ سموسا پڪوڙا کائي راند مان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا، ڳوٺ جي ماڻھن کي اھڙي خوشگوار موڊ ۾ راند ۾ ريڌل ڏسي مون کي بيحد خوشي ٿي پر افسوس جو ويجھر ۾ ساڳي ريت ڪافي وقت کان پوءِ پنھنجي اباڻي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ اکين سان ڏٺم ۽ محسوس ڪيم ته جھڙوڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ واري ھنڌ پوک پوکيل ھئي، راندين جا شوقي ته ھئا پر راندين بدران منشيات ۽ جوئا جي سرگرمين ۾ مصروف ھئا تمام گھڻو افسوس تڏھن ٿيو جڏھن ننڍي عمر جي ٻارن کي منشيات ۽ جوئا وارين براين ۾ مشغول ڏٺم، اھو سڀ ڪجھ  منھنجي زندگي جو اکين ڏٺو وڏو سانحو ھو جنھن ۾ نوجوان نسل کي پنھنجي اکين سان برباد ٿيندي ڏٺم، افسوس ته منشيات خلاف صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن ڪيترا ئي سخت قانون پاس ڪيا آھن پر تنھن ھوندي به بينظير آباد جي ضلعي انتظاميا جي خاموشي ھڪ وڏو سوال آھي، جيتوڻيڪ اسان جو علائقو تعليم ۽ سياست ۾ سنڌ جي مشھور ۽ وڏن علائقن ۾ شامل ٿيندو آھي، ھن علائقي جا ماڻھو بيوروڪريٽ کان وٺي ڊاڪٽر، انجئير، وڪيل جھڙين اعليٰ پوسٽن تي فائز آھن، ھي علائقو پاڪستان پيپلز پارٽي جو قلعو پڻ آهي تنھن باوجود به پورو علائقو منشيات جھڙين برائين ۾ وڪوڙيل آھي. آئون ضلعي انتظاميا ۽ علائقي جي سياسي سماجي ۽ مذھبي ڌرين کي درخواست ٿو ڪيان ته پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري نوجوان نسل کي نشي جھڙي براين کان بچائي راندين جون سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

امداد جمالي/شاگرد يونيورسٽي آف فلورينس اٽلي

سنـڌ ۾ وڏيرڪو طبقو!

  سنڌ جي وڏيرن جو هميشه اهو ئي ڪردار ۽ اهو ئي روپ رهيو آهي، وڏيرڪو طبقو قومي جدوجهد جو مقصد اهو ٻڌائيندو آهي ته پنهنجي مظلوم قوم کي ڌارين ظالمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو، کيس هڪ خوشحال طاقتور ۽ عظيم قوم بڻائجي پر جيئن ته وڏيرو طبقو پاڻ قوم جو چور ۽ قوم جو دشمن آهي، قوم جي گذر جا وسيلا ڦٻايو ويٺو آهي ۽ قوم جي ماڻهن کي ڦريو ماريو دبايون، غلام بڻايو ويٺو آهي، تنهن ڪري هو قوم جي ماڻهن کي ڌڪاري ٿو ۽ کانئن ڊڄي ٿو، ساڳيءَ طرح ماڻهو به کيس ڌڪارين ٿا ۽ کائنس ڊڄن ٿا، ڄائي ڄم کان سندس طبقاتي فطرت قومي دشمني هوندي آهي، ماڻهن جو ڇوٽڪارو، آزادي ۽ طاقت وڏيرڪي طبقي جي واسطي موت جو پيغام آهي، ان جي ڪري هو ڪڏهن به نٿو چاهي ته سنڌ جا ماڻهو سچ پچ هر قسم جي غلاميءَ کان مڪمل طرح ڇوٽڪارو حاصل ڪن، پاڻ ڀرا سکيا ستابا ۽ آزاد ٿين، وڏيرن خلاف قومي جدوجهد جو دارومدار وچين طبقي تي هتي ٿو، ان جدوجهد جي اڳواڻي وڏيرڪو طبقو پاڻ ڪندو آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سگهڙ بچل فقير احمداڻي جي زندگي بچايو!

  لاڙ پٽ جي سرزمين ڪيترن ئي ڏاهن، ليکڪن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي جنم ڏنو آهي، جنھن مان هن وقت سگهڙ بچل فقير احمداڻيءَ جو نالو سڀ کان مٿي آهي، عمر جي پڇاڙڪي پهر ۾ جئيندڙ بچل فقير جو چهرو اڄ به جوانن کان وڌيڪ روشن نظر اچي ٿو، هي سگهڙ ننڍپڻ کان ئي صوم صلوات روزي ۽ نماز جو پابند رهيو آهي، شاھ جو رسالو، ساوڻ فقير جو رسالو، ڏور بيت ۽ ٻين صنفن ۾ مهارت رکندڙ ۽ نازڪ مزاج ۽ فقير منش انسان آهي، بچل فقير گذريل 10 ڏينهن کان پوءِ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڇاتي جي وارڊ ۾ داخل آهي ۽ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته کيس ڪو وڏو موذي مرض آهي، جيئن ته هي هڪ غريب انسان آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هيستائين ڪنهن به سرڪاري عملدار يا ثقافت کاتي وارن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جڏهن ته ثقافت کاتي جي بجيٽ ۾ هر سال اهڙن ثقافتي ماڻهن لاءِ بجيٽ رکي ويندي آهي پر اها خبر ناهي ڪاٿي ٿي خرچ ٿئي پر آرٽسٽ، فنڪار، سگهڙ، اديب، بي موت مري وڃن ٿا جن جي پرگهور لهڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي. اسان ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ٿا ڪريون ته سگهڙ بچل فقير جو علاج ڪنهن پرائيويٽ اسپتال مان ڪرايو وڃي، سندس پرستار، دوست ۽ عزيز هن وقت پريشانيءَ ۾ آهن، خدارا بچل فقير جي زندگيءَ جي لاءِ به ڪجھ سوچيو موت برحق آهي پر بچل فقير جهڙا سگهڙ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اسان جي وارڊ ۾ ڪير آيو، آئون ڪنهن وٽ ويس، جيل تي ڪهڙا ملاقاتي آيا، جيل جي اندر ٻاهر ڪي خاص واقعا يا معاملا نوٽ ڪرڻ جو مقصد فقط پنهنجي توٽين جي زندگيءَ بيان ڪرڻ هو، رڪارڊ جي لاءِ آئون ڪن خاص واقعن يا ٿيندڙ عمل کي نوٽ ڪندو هئس پوءِ اهو واقعو منهنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل هجي يا منهنجي مشاهدي ۾ ايندو هجي، اهو قومي يا بين الاقوامي سطح تي ظهور پذير ٿيندڙ تاريخي عملن مان هڪ هجي، انهن کي نوٽ ڪندي ذهن پنهنجو پاڻ انهيءَ جي سببن ۽ پسمنظر بابت لکڻ تي مجبور ڪندو هو. ايئن مون جيل جي پنهنجي روز مرهه جي روٽين سان گڏوگڏ ڪجھه ٻين ڳالهين تي به لکڻ شروع ڪيو. ڪجھه ڏينهن جي اندر ئي روزانون رات جو ڪجھه پڙهڻ ۽ لکڻ منهنجو معمول ٿي ويو، خاص طرح اهو ان ڪري به ٿيو جو شروعات ۾ يعني 2009ع ۾ منهنجا روم ميٽ رات جو جلدي سمهندا هئا، ان وقت اسان جي وارڊ ۾ ٽي وي به نه هئي، ان صورت ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ ئي منهنجي مصروفيت ۽ پوءِ ته جھڙوڪر عادت بڻجي وئي، روزانون ٿوري وقت لاءِ ئي ٺيڪ پر پين ۽ نوٽ بُڪ کڻڻ کان سواءِ مزو ئي نه ايندو هو، جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ڪڏهن لکي نه سگھبو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ روز وارو شيڊيول اڻ پورو يا اڌورو رهجي ويو هجي، اڄ جي مون کي ۽ منهنجي ڊائريءَ کي ڪير سُڃاڻي ٿو ته اهو بس روزاني پنهنجي اخبار ۽ ان جي ٽيم جون مهربانيون آهن، جن جو آئون دل سان ٿورائتو آهيان، مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هن قهري قيد مان منهنجو آواز ايترو پري پري تائين ويندو ۽ پوءِ موٽ ۾ مون کي سموري سنڌ مان ايترو ڀرپور قرب ملند. اڄ وڪيل فرحاد ابڙو کي منهنجو ملي ويو هوندو.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (06 آڪٽوبر 2021، شام جا 07:00)

زندان جي جھروڪن مان!

لکيو منجھه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وَهي،

پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي راڻل لکيو لوهه ۾.

  اٺ آئون ۽ امام الدين قمبراڻي سيلون تي پنهنجا وار ٺهرائڻ لاءِ وياسين، جتي اسان کان اڳ ڪافي قيدي واريءَ جي انتظار ۾ ويٺا هئا، هنن قيدين ۾ مون کي هڪ نئون قيدي نظر آيو، جنهن سان ملي کانئس حال احوال ورتم، ان قيديءَ مون کي نبي بخش کوسي جا سلام ڏنا، نبي بخش کوسي ڪجھه سال اڳ هتان سينٽرل جيل حيدرآباد مان پنهنجو جيل بدلي ڪرائي ميرپورخاص سينٽرل جيل شفٽ ٿي ويو هو، نبي بخش سان هانڊي ۾ 6 مهينا کن گڏ هتي سينٽرل جيل جي کولين ۾ رهيس، آئون نبي بخش کوسو، تيمور قمبراڻي ۽ ننڍڙو مگسي ٽي نمبر ڊويزن جي 15 نمبر کوليءَ ۾ گڏ رهندا هئاسين. نبي بخش کوسو تمام رحمدل ۽ محبت ڪندڙ دوست هو، ان دوست جون يادگيريون اڃا منهنجي دل ۾ سانڍيل آهن، نبي کوسي گذريل 16 سالن کان قتل جي ڪيس ۾ قيد ڪٽي رهيو آهي پر افسوس اسان جي سنڌ ۾ قيدين جي لاءِ اهڙو ڪو قانون ئي ناهي ٺهيو، جنهن ۾ قيدين کي رليف ملي سگھي. اڪثر سنڌ جي مختلف جلين ۾ هزارين قيدي سالن کان ويٺل آهن جن کي 18 کان 20 سال کان مٿي جو عرصو ٿي ويو آهي جيڪي هن وقت تائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن، انهيءَ مان اندازو لڳائي شگجي ٿو ته غريبن لاءِ ڪورٽن جا دروازا بند ۽ اميرن لاءِ کليل آهن، خدارا اهڙن قيدين کي پيرول تي ڇڏيو وڃي جيڪي سالن کان پنهنجن ٻچن کان پري جيلن ۾ قيد آهن، استاد مصطفيٰ عمراڻي کان وار ٺهرائي جڏهن منشين وٽ آياسين ته منشي نوشاد چانڊيو مون کي هٿ ۾ هڪ خط ڏنو جيڪو هميشه جيان نارا جيل جي دوستن لکي موڪليو هو، جن دوستن ۾ ابراهيم رودراڻي، امجد سولنگي، لکا ڏنو  ۽ 4 نمبر بيرڪ جي ٻين دوستن جو گڏ لکيل هو. دوستن لکيو آهي ته طالب حسين لاشاري کي 9 سي جي ڪيس ۾ 4 سال سزا لڳي آهي، انهيءَ کان سواءِ خط ۾ نارا جيل جي چڪر عملدار ماما بروهي سپاهي شريف ۽ سپاهي مجاهد جا سلام لکيل هئا جن دوستن جا سلام مون دل سان قبول ڪيا، پلس ۾ 30 نمبر کوليءَ مان منهنجا سلام سڀني دوستن لاءِ جن مون کي ياد ڪيو.

سردارمحمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد