اوٻاوڙو (ن پ ا) پنجاب جي علائقي جمالدين ڳوٺ نظرمحمد جهلڻ ۾ دولاڻي ۽ بنون برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ھڪ ڀيرو ٻيھر تڪرار ڀڙڪي اٿيو، ھڪ ڌر جي فائرنگ ۾ زاھد پٽ غلام فريد بنون ۽ شاھد قتل ٿي ويا. ڀنگ پوليس لاش کڻائي شيخ زيد اسپتال رحيم ريار خان منتقل ڪيا، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، علائقي ۾ خوف واري صورتحال برقرار آھي. ياد رهي ته ٻه سال کان ڌرين ۾ موٽرسائيڪل ڦر تان تڪرار هلندڙ آھي، ھن مهل تائين ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.