پنجاب جي نگران ڪابينا العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي ٻڌايل سزا معطل ڪري ڇڏي

0
121

لاهور: پنجاب جي نگران ڪابينا العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي ٻڌايل سزا معطل ڪري ڇڏي

 نگران صوبائي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي نوازشريف جي سزا معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني

 سڌسماءَ واري نگران صوبائي وزير عامر تصديق ڪندي چيو آهي ته نواز شريف پاران سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي

 عامر مير جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا آئيني اختيار استعمال ڪندي سزا معطل ڪئي، ڪيس جو حتمي فيصلو عدالت ئي ڪندي

عامر مير موجب ڪرمنل پروسيجرل ڪوڊ جي سيڪشن 401 تحت نواز شريف جي سزا معطل ڪئي وئي، سيڪشن 401 تحت حڪومت ڪنهن به ڏوهاري جي سزا معاف ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي

نواز شريف جي 2019 ۾ لنڊن روانگي کان اڳ به سيڪشن 401 تحت سزا معطل ڪئي وئي هئي

هي به پڙهندا

احتساب عدالت نواز شريف کي پيش ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏئي ڇڏيو