احتساب عدالت نواز شريف کي پيش ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏئي ڇڏيو

0
155

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي، اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف کي پيش ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏئي ڇڏيو

 ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير هلائي، ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي نواز شريف جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان کي وقت ڏنو وڃي ۽ تيستائين عدالت باقي روٽين جا ڪيس ٻڌي

 جج محمد بشير نواز شريف کي پيش ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏيندي ٻڌڻيءَ ۾ وقفو ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت نواز شريف جا اڄ تائين دائمي وارنٽ معطل ڪيا آهن، اڳوڻو وزيراعظم اڄ عدالت اڳيان سرينڊر ڪندو، ن ليگ جا ڪارڪن  وڏي انگ ۾عدالت ٻاهران موجود آهن