هن وقت تائين انوکو ۽ لاڏلو ميان صاحب ئي نظر اچي رهيو آهي:خورشيد شاهه

0
165

سکر: پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته هن وقت تائين انوکو ۽  لاڏلو ميان صاحب ئي نظر  اچي رهيو آهي، پهريان کان چوان ٿو ته اليڪشن  جي تاريخ نواز شريف جي لاءِ  روڪي وئي

سکر ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا فيور ڏني آهي اها  لڪي ويندي يا ظاهر ٿي ويندي، پر هڪ ڳالهه واضح ٿي ويندي ته نواز شريف ڪنهن جي مدد سان اقتدار ۾  نه اچي، ڪنهن جي مدد سان اقتدار ۾  ايندو ته گو نواز گو جا نعرا لڳندا

هن چيو ته واضح ڪيان ٿو ته نواز شريف غلط رستي سان آيو ته مثال بڻجي ويندو،ان ڪري   ميان  نواز شريف رياست کي بچائي، عدالتن مان وڏن دهشتگردن جا ڪيس به واپس ٿيا هئا، آئين، قانون ۽ ڪلاسز اسان وٽ  موجود آهن ڪهڙي ڪلاسز تحت ڪيس ٿيو

هن چيو ته سپريم ڪورٽ اهي شيون ضرور ڏٺيون هونديون پر عدالت تمام گهڻو رسڪ کڻي رهي آهي،ڇا اسان جون سويلين عدالتون انهن  ماڻهن کي سزا ڏيڻ جي قابل ٿينديون يا  نظر انداز ڪيو ويندو