سکر: نگران وڏي وزير سول اسپتال جي پوري ميڊيڪل بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو

0
166

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) نگران وڏي وزير سول اسپتال جي پوري ميڊيڪل بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، نگران وڏي وزير سول اسپتال جي پوري ميڊيڪل بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو

نگران وڏي وزير ايم ايس ڊاڪٽر الطاف اعواڻ ۽ ڊائريڪٽر فنانس ظهير ڀٽي کي به معطل ڪري ڇڏيو، نگران وڏي وزير پاران سيٽي اسڪين، ايم  آر آءِ ۽ ٻي مشينري خراب هجڻ ۽ صفائي سٿرائي نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

مريضن ۽ سندن وارثن پاران نگران  وڏي وزير آڏو دوائون نه ملڻ، ڊاڪٽر جي  غير حاضري جون به شڪايتون، نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران  15ڏينهن اندر سٽي اسڪيم ۽ ٻي  مشينري ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو

نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران سول اسپتال سکر جي ڪچن جي خراب حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، نگران وڏي وزير چيو ته 350ماڻهن جو کاڌو روزانو اسپتال جي هن ڪچن ۾ تيار ٿيندو؟ 2ڪروڙ رپين کان وڌيڪ کاڌي جي بجيٽ آهي

 نگران وڏي وزير پاران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي گذريل 5 سالن جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم پڻ ڏنو ويو