ملير: پورٽ قاسم جي پورهيتن جو ڌرڻو، صنعان قريشي به احتجاج ۾ شريڪ

0
155

ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم جي پورهيتن جو ڌرڻو، صنعان قريشي  به احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويو

ملير ۾ پورٽ قاسم زون لڳ هڪ نجي ڪمپني جي پورهيتن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي به پهچي ويو، گلن جي ورکا سان آجيان، صنعان خان پورهيتن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڌرڻي ۾ ويهي رهيو

صنعان قريشي جو چوڻ هو ته جيستائين پورهيتن جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، احتجاج جاري رهندو، سنڌي پورهيتن سان ظلم ڪيو پيو وڃي

پورهيت اڳواڻن ۽ جسقم چيئرمين صنعان قريشي طرفان مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءُ ڏنو ويو