پنجاب جو سي ايم هائوس سيل ڪرڻ جي ڌمڪي

0
270
ثاقب نثار بابا رحمتي نه پر بابا زحمتي بڻجي ويو آهي: راڻا ثناءُ الله
ثاقب نثار بابا رحمتي نه پر بابا زحمتي بڻجي ويو آهي: راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله پنجاب حڪومت کي ڌمڪي ڏني آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي نه ٿيو ته سي ايم هائوس سيل ڪنداسين، ڀلي اجلاس نه به ٿئي ته وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو

راڻا ثناءَ الله چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جو اجلاس نه گهرائڻ وارو موقف غلط آهي، آئين تحت گورنر پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو

واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن بعد وفاقي حڪومت پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهي آهي

هي به پڙهندا

جنرل باجوه عمران کي سهارو ڏنو، پر عمران احسان ڪندڙن کي به گاريون ڏنيون: خواجا آصف