پرينيتي ۽ راگهو چڍا جي مڱڻي جي نئين تاريخ اچي وئي

0
228
پرينيتي ۽ راگهو چڍا جي مڱڻي جي نئين تاريخ اچي وئي
پرينيتي ۽ راگهو چڍا جي مڱڻي جي نئين تاريخ اچي وئي

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ راگهو چڍا جي مڱڻي جي نئين تاريخ اچي وئي

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارت جي نوجوان سياستدان راگهو چڍا ۽ پرينيتي چوپڙا جو اسڪينڊل هاڻ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارو آهي، سندن مڱڻي لاءِ 13 مئي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، مڱڻي واري رسم نئين دهلي ۾ هڪ نجي تقريب دوران ادا ڪئي ويندي

واضح رهي ته ان کان اڳ به ڀارتي ميڊيا اها دعويٰ ڪئي هئي ته پرينيتي ۽ راگهو جي مڱڻي 10 اپريل تي ٿيندي. نوجوان سياستدان راگهو چڍا ۽ بالي ووڊ سندري پرينيتي چوپڙا گذريل ٻن سالن کان گڏ گڏ ڏٺا وڃن ٿا جڏهن ته تازوئي ٻنهي جون ڪجهه تصويرون پڻ وائرل ٿيون هيون جنهن ۾ هو پرڏيهه ۾ هڪ بيچ تي موجود هئا