ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري جنرل باجوه ۽ ٻين معاملن تي ق ليگ اڳواڻن پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جي بيانن کي پي ٽي آءِ لاءِ نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته چوڌرين جي سياست اسٽيبشلمنٽ جي رحم ڪرم تي رهي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جو بيانيو پي ٽي آءِ مخالف آهي ان جو فائدو پي ڊي ايم کي ته ٿي سگهي ٿو پي ٽي آءِ کي نه. هن چيو ته چوڌرين جي سياست اسٽيبلشمنٽ جي ڪري ئي آهي، هو انهن کان پڇي ۽ انهن کي ٻڌائي سياست ڪندا آهن، انهن جا بيان امڪاني طور تي نئين انتظاميه کي پيغام آهي ته هنن جي طرف ڏسن ۽ کين آشيرواد ڏين. هن چيو ته پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جون ڳالهيون پي ٽي آءِ جي ووٽرن، ڪارڪنن کي سٺيون نه پيون لڳن.