ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسڪين ماڻهن جي پتڪڙن ٻارڙن ۾ عمل جو ڏيئو روشن ڪرڻ جو خواب سانڍي پرڏيهه مان سنڌ پهچڻ بعد گولين جو بک بڻجي ويل آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند جي معصوم پٽ کليل خط لکيو آهي

اجمل ساوند جي پٽ ريحان ساوند جي نالي سان وائرل ٿيل خط ڪجهه هن ريت آهي

منهنجي بابا کي قبائلي دھشتگردي کائي وئي، بابا فرانس مان واپس اچي سنڌ جا مٽي هاڻا ٻار پڙھائڻ آيو هو ۽ هُو جهالت جي گولين جو کاڄ بڻجي ويو

 آئون روئان نٿو، ڏک ۾ ورتل منهنجي امڙ جي اکين ۾ ڳوڙھا دفن ٿي چُڪا آھن ۽ منهنجي ننڍڙي دماغ مٿان وڏي مزاحمت لامارا ڏئي رهي آھي

آئون بابا جو پلاند وٺڻ چاهيان ٿو پر ساڳي واحيات گولي سان اُهي فرد نٿو مارڻ چاهيان جن بابا جي علمي دنيا گهمندڙ عظيم اکين کي شھيد ڪري زمين تي بيهودا پير رکي آسمان تي فائر ڪري وحشياڻا ٽھڪ ڏنا پر آئون اُها سوچ ئي ختم ٿو ڪرڻ چاهيان جيڪا قبائلي دھشتگردي جو گهر آھي مطلب سرداري نظام!

پروفيسر اجمل ساوند جي پٽ خط ۾ سنڌين کي مخاطب ٿيندي لکيو ته هيءَ سرداري نظام سنڌ جي امن ۽ علم جي دل ۾ تير جيان کُتل آھي،  آئون معصوم توهان سان پنڌ هلڻ لاءِ تيار آھيان، سنڌيو! اچو منهنجي بابا جو پلاند وٺڻ لاءِ ظالم سرداري نظام جي خاتمي لاءِ منهن جو ساٿ ڏيو، اي سنڌيو! جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته مون جيان ٻيا ڪيئي ٻار به يتيم ٿي ويندا

اچو ساٿ ڏيو، مان به توهان سان گڏجي اُڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندس ۽ پنهنجن اُڀ ڏاريندڙ نعرن ۽ مسلسل جدوجھد سان سرداري نظام جو وجود ئي ڌڏي ويندو

هن کي به پڙهندا

پروفيسر اجمل ساوند کي ڀتو نه ڏيڻ تي قتل ڪرڻ جو  انڪشاف، 5 شڪي جوابدار گرفتار

مقتول پروفيسر اجمل جا قتل ٿيڻ کان اڳ جا لفظ: پئسا نه کپن، پنهنجن ماڻهن کي مفت پڙهائڻ چاهيان ٿو

ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، آءِ بي اي سکر جو پروفيسر قتل