ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، آءِ بي اي سکر جو پروفيسر قتل

0
465

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ويجهو شالو واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تان ساوند برادري جي معزز شخصيت آءِ بي اي سکر جو پروفيسر اجمل ساوند کي سندراڻي برادري جي هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

واقعو ان وقت پيش آيو جنهن وقت مقتول  اجمل ساوند گهران سکر طرف وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل سندراڻي برادري جي هٿياربندن مٿس ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ اجمل ساوند موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو

اهڙو واقعو پيش اچڻ تي علائقي ۾ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ ساوند برادري جا وڏي انگ ۾ ماڻهو هٿيار ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان گڏجي لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو

 آءِ بي اي سکر جي پروفيسر 45  ورهين جي جمل ساوند جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

اهڙو واقعو پيش اچڻ بعد پوليس سندراڻي برادري جي هٿياربندن خلاف ڪا ڪاروائي عمل ۾ نه آندي، جڏهن ته اهڙو واقعو پيش اچڻ بعد ڪچي واري علائقي ۾ سندراڻي ۽ ساوند برادري جي ماڻهن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي

آءِ بي اي سکر پروفيسر مقتول اجمل ساوند جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، علائقي ۾ ڏهڪاٽ پکڙجي ويو

 حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند اهڙو واقعو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، پوليس ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي هٿياربندن کي پوليس گرفتار ڪري وٺندي، مقتول اجمل ساوند-ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند جو ڀاءُ هو

هي به پڙهندا

جيڪب آباد ۾ جرڳي دوران پوليس اهلڪارن تي ڏنڊ وجهندڙ سرپينچن سميت 18 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

جهل مگسي: ناري مسجد جي پيش امام سان ڪاري قرار، ٻئي قتل