مقتول پروفيسر اجمل جا قتل ٿيڻ کان اڳ جا لفظ: پئسا نه کپن، پنهنجن ماڻهن کي مفت پڙهائڻ چاهيان ٿو

0
322

ڪنڌڪوٽ: قبيلائي تڪرار جي ور چڙهي بيدردي سان قتل ٿيل آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل قرار ڏنو پيو وڃي

سول سوسائٽي پروفيسر اجمل جي قتل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي گهر ڪئي آهي

پروفيسر اجمل ساوند جي موت کان ڪجهه عرصو اڳ شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ واري وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي

پروفيسر اجمل ساوند وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته انگريز فرينچ ٻولي پڙهائڻ جا پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪندا آهن پر مان پنهنجن ماڻهن کي پڙهائڻ چاهيان ٿو

پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي سنڌ ۾ سوڳ جي لهر پکڙيل، سول سوسائٽي واقعي کي شعور جو قتل قرار ڏئي ڇڏيو، آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند فرانس مان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي

ٻئي پاسي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٻئي ڏينهن به ڪارروايون جاري آهن، پوليس اٽالن سندراڻي برادري جي مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن

پوليس موجب جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، سندن گرفتاري لاءِ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃنگـُڙدن ۽ جَيري جي مريضن لاءِ بلاول خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪئي وئي آهي، سنڌ پوليس کي قتل جي جاچ ڪري جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته علم دوست شخصيت جي قتل جي خبر ٻڌي سخت صدمو رسيو، پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، آءِ بي اي سکر جو پروفيسر قتل