دادو تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 12 استادن جا آرڊر بوگس هجڻ جو انڪشاف، جاچ شروع

0
447
دادو تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 12 استادن جا آرڊر بوگس هجڻ جو انڪشاف، جاچ شروع
دادو تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 12 استادن جا آرڊر بوگس هجڻ جو انڪشاف، جاچ شروع

 دادو (رپورٽر) دادو جي تعليم کاتي ۾ آءِ بي ٽيسٽ ذريعي فيز ون ۾ ڀرتي ڪيل جي ايس ٽي استادن جي آڊرن ۾ 12، بوگس آرڊر ٿيڻ جاري ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آهن

12  ئي ڄڻا ٽريننگ لاءِ  اليمنٽري ڪاليج پهتا ته سندن اسڪروٽنگ واري لسٽ ۾ نالا ئي شامل نه هئا، جن کي اليمنٽري ٽريننگ ڪاليج مان واپس ڪيو ويو آهي، جيڪي اڳوڻي ڊي او اليمنٽري غلام سرور ٻٻر جي گهر پهچي سڄو ڏينهن سندس گهر آڏو ويٺل رهيا

ٻي طرف اڳوڻي ڊي او اليمنٽري غلام سرور ٻٻر پاران جاري ڪيل وڊيو بيان جنهن ۾ هن ڊي او سيڪنڊري  تي ڪٽ آف ڊيٽ ، انٽريو کان پوءِ جي تاريخ ۾ ڊگري پيش ڪندڙ 6 ڄڻن سميت 12 بوگس آڊر جاري ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جي ايس فيز ون جي اسڪروٽنگ لسٽ فائينل ٿيڻ بعد مان ڊي او اليمنٽري ٿيو هئس

منهنجون جعلي صحيحون استعمال ڪيون آهن ۽ ڊي او سيڪنڊري بوگس آرڊر وارن کي اسڪروٽنگ لسٽ صحيح ڪري ڏيڻ لاءِ منهنجي گهر موڪليو آهي، جيڪو غلط عمل آهي

اڳوڻي ڊي او اليمنٽري جي اهڙي وڊيو بيان بعد سيڪريٽري اسڪولز معاملي جو نوٽيس وٺندي، ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولز حيدرآباد ، اڳوڻي، موجوده ڊي او سيڪنڊري، اليمنٽري ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر کي 9  اپريل تي ڪراچي طلب ڪري اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

ٻئي طرف ڊي او سيڪنڊري سيد محمد حسن شاھ جو چوڻ آهي ته اڳوڻو ڊي او اليمينٽري غلط بياني پيو ڪري ، مان جي ايس ٽي فيز ون جي اسڪروٽننگ لسٽ صحيح ٿيڻ جي 3 ، مهينن کان ڊي او مقرر ٿيو آهيان ، جاچ ۾ واضح ٿيندو ته بوگس آرڊر ڪنهن ڪيا آهن

هي به پڙهندا

ٽيڪس نه ڏيڻ تان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا سمورا اڪائونٽ منجمد