پرستار ٽن سالن تائين شادي لاءِ پويان پيل رهيو: ڪبريٰ خان

0
157
پرستار ٽن سالن تائين شادي لاءِ پويان پيل رهيو: ڪبريٰ خان
پرستار ٽن سالن تائين شادي لاءِ پويان پيل رهيو: ڪبريٰ خان

ڪراچي (شوبزنيوز) اداڪارا ڪبريٰ خان انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ شخص کيس شادي لاءِ ٽن سالن تائين تنگ ڪيو ۽ ان عمل ۾ سندس مائٽ به شامل هئا پر هن پريشاني مان ڇوٽڪاري لاءِ نمبر تبديل ڪري ڇڏيو

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڪبريٰ خان چيو ته هڪ شخص واٽس ايپ تي پيغامن ذريعي آگاهه ڪيو ته هو کيس پسند ڪري ٿو ۽ شادي لاءِ رشتو موڪليندو

ان لاءِ هو لاڳيتو ميسيج ڪندو رهيو ته مان کيس بلاڪ ڪري ڇڏيو. اداڪارا چيو ته ڪجهه وقت بعد ان شخص نئون نمبر ورتو ۽ وري ميسيج ڪيائين، پوءِ معاملو مامي، چاچي، ڀيڻ ڀاءُ تائين ويو ۽ ان جي ماءُ به ميسيج ڪندي رهي ۽ مان تنگ اچي نمبر ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته واٽس ايپ ميسيج تي ڪيئن ٿي شادي ڪري سگهجي