پاڻي ٺاهه تي عمل ۾ رنڊڪون ڇو ؟

0
447
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان چار ايڪائن تي ٻڌل هڪڙو ملڪ آهي، جنهن جي آئين ۾ چار صوبا وجود رکن ٿا، جن صوبن جا آئين اندر معاشي، سياسي ۽ سماجي حق واضح ٿيل آهن، ناڻي جي ورهاست کان وٺي پاڻي جي ورهاست، اقتدار جي ڀائيواري کان وٺي نوڪرين ۽ ٻين وسيلن جي ورڇ بابت پاڪستان جي آئين ۾ هر شيءَ جي نشاندهي ٿيل آهي، انهي آئين تحت سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي صديون پراڻي تڪرار جي حل لاءِ 91ع ۾ هڪ پاڻي ٺاهه ٿيو هو، جنهن تي ان وقت جي چونڊيل نمائندن صحيحون ڪيون هيون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ان ٺاهه جي منظوري ڏني هئي، توڙي جو سنڌ کي انهي 91ع واري پاڻي ٺاهه تي اعتراض هو ۽ سنڌ جو موقف هو ته 1945ع واري پاڻي ٺاهه تحت کي سنڌ کي پاڻي ۾ حصو ملڻ گهرجي، پر ان هوندي به 91ع ۾ ان وقت جي حڪومتن پاڻي جو ٺاهه ڪري سنڌ جو حصو گهٽايو . ان ٺاهه تحت سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب کي ٿي رهيو هو. اهڙي ٺاهه کي 30 سال گذرڻ باوجود سنڌ هر دور ۾ مطالبو ڪندي رهي آهي ته پاڻي جو حصو ٺاهه تحت ملڻ گهرجي پر پنجاب ڇاڪاڻ ته منڍ ۾ آهي ان ڪري هر دور ۾ هو انهي ٺاهه جي به ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ٿو جيڪو ٺاهه اڳ ۾ ئي سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي. نه صرف ٻوڏ پر کوٽ جي خطرناڪ ڏينهن ۾ به چشما جهلم ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال کولي پنجاب سنڌ جو پاڻي زوري کڻي وڃي ٿو. هي الزام صرف سنڌ نه ٿي لڳائي پر 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ جڙيل اداري ارسا جا ميمبر ۽ چونڊيل نمائندا پڻ چوندا رهيا آهن، سنڌ ڇاڪاڻ ته پڇڙي ۾ آهي انڪري آئيني توڙي شرعي حساب سان پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر سنڌ 30 سالن کان دانهون ڪندي رهي آهي ته ٺاهه تحت وجود ۾ آيل ادارو ارسا پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪري سگهيو ۽ هو 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ به مڪمل طور ناڪام ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ارسا ۾ موجود سنڌ جو نمائندو ميڊيا آڏو دانهون ڪري چئي رهيو آهي ته اجلاس ۾ سندس نٿي ٻڌي وڃي، اها ساڳي ڳالهه سنڌ جو وڏو وزير سنڌ اسيمبلي جي فلور تي به ڪري چڪو آهي، توڙي جو وزيراعظم اجلاس سڏائي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ جي آٿت ته ڏني پر اڃان تائين 91ع واري ٺاهه تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. پاڻي کانسواءِ جياپو مشڪل آهي، سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي اتي فصلن جي پوک ته اڃان الڳ ڳالهه آهي، ان ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي، سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جو عوام پاڻي جي هن شديد کوٽ سبب سراپا احتجاج آهي، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ جا سنڌ مان چونڊيل نمائندا انهي اهم انساني ۽ معاشي معاملي کي به سياسي تعصب جي اک سان ڏسي رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي جڏهن وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻي جي کوٽ خلاف آواز اٿارڻ لاءِ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ساٿ جي اپيل ڪئي ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کان ويندي جماعت اسلامي جي ميمبر به وڏي وزير جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته پاڻي جي اشو تي اسين توهان سان گڏ آهيون، پر پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ جي موقف جو ساٿ ڏيڻ بدران ايوان اندر بحث ڪرائڻ جي تجويز رکي.
اسين سمجهون ٿا ته پاڻي سنڌ جي جياپي جو معاملو آهي، وفاقي سرڪار کي چئني صوبن جي لاءِ هڪ جهڙي نظر رکڻ گهرجي، ڀلي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي سرڪار آهي پر سنڌ جا ماڻهو به هن ملڪ جا شهري آهن، آئيني طور کين مليل پاڻي جو حصو لازمي ملڻ گهرجي ۽ کوٽ پڻ ٻه ڀائر ٽيون ليکو تحت پنجاب ۽ سنڌ اندر هڪ جيتري تقسيم ٿيڻ گهرجي.