پاڪ ايران سرحد وٽ دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شھيد

0
223
بلوچستان ۾ آپريشن دوران

ڪراچي(م ڊ) پاڪ ايران سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ شهيد ٿي ويو

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ ايران سرحد تي بلوچستان جي عبدوئي سيڪٽر ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو

آءِ ايس پي آر جي دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لانس نائيڪ ظهير احمد بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ فرار ٿيندڙ دهشتگردن کي نقصان پهچايو ويو آهي

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪندڙ دشمنن جي ڪاررواين کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن