فيصل حسنين پي سي بي جو نئون چيف ايگزيڪيوٽو مقرر

0
234

لاهور (اسپورٽس نيوز) فيصل حسنين کي وسيم خان جي جاءِ تي پي سي بي جو نئون چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ڪيو ويو آهي، فيصل حسنين ايندڙ مهيني ذميواريون سنڀاليندو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب فيصل حسنين انگلينڊ مان چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، وٽس اسپورٽس ايڊمنسٽريشن ۽ فائنانس ۾ 35 سالن جو تجربو آهي. پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته فيصل حسنين کي پيشوراڻي مهارت سبب کيس سموري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. فيصل حسنين چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي فخر آهي.