پاڪستان ۾ 76 سالن دوران احتساب جو نشانو رڳو سياستدان بڻيا آهن، احتساب سڀني لاءِ هجڻ گهرجي: شهباز شريف

0
142
ليول پليئنگ فيلڊ اها آهي ته نواز شريف اسلام آباد ۽ مان لاهور جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهيان: شهباز
ليول پليئنگ فيلڊ اها آهي ته نواز شريف اسلام آباد ۽ مان لاهور جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهيان: شهباز

لاهور: اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ 76 سالن دوران احتساب جو نشانو رڳو سياستدان بڻيا آهن، احتساب سڀني لاءِ هجڻ گهرجي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف چيو ته  12 آڪٽوبر تي نواز شريف ۽ مون کي به ڪيترن ئي مهينن تائين غائب ڪيو ويو هو، اسان جي پيرسن والدين کي به خبر نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، اسان کي ملڪ بدر ڪرڻ بعد حمزه کي يرغمال بڻائي رکيو ويو، اسان ته ڪڏهن جي ايڇ ڪيو تي حملو نه ڪيو، اسان ته ڪڏهن ڪا شڪايت نه ڪئي

شهباز شريف چيو ته  هاڻي بار بار اهو سوال نه ٿيڻ گهرجي ته نواز شريف اچي ٿو يا نه ٿو اچي، نوازشريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس ضرور ايندو

هن چيو ته پاناما ۾ مشهور سياستدانن سميت 4 سئو پاڪستانين جا نالا شامل هئا، گوڙ ڪري چيو ويو ته پاناما ۾ سمورن ماڻهن کي سزائون ڏينداسين، نواز شريف کي 2017 ۾ پاناما بدران اقاما ۾ سزا ڏياري وئي

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي وطن واپسيءَ ۾ ڪا به قانوني رنڊڪ نه آهي