پاڪستان ۾ انتھا پسندي کي مسلمان صوفين ڪائونٽر ڪيو: سردار شاهه

0
260
پاڪستان ۾ انتھا پسندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھه چيو آهي ته ڪشمير وادي سنڌ جو حصو آهي،  انڊس ويلي جي ماڻهن جو هٿيارن سان واسطو ناهي رھيو، دنيا جي پهرين انڊسٽري جي بنياد 5 هزار سال پهريان سنڌ ۾ پئي، پاڪستان ۾ انتھا پسندي کي مسلمان صوفين ڪائونٽر ڪيو

اقرا يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي نصاب ۾ اهو ٻڌائڻو آهي ته صوفي بزرگن انتها پسندي کي ڪائونٽر ڪيو آهي، دهشتگردي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ٻارن کي نصاب ۾ تهذيب پڙھائڻي پوندي

هن چيو ته پاڪستان فيڊريشن آهي، هڪ نصاب هجڻ جي آئين به اجازت نه ٿو ڏئي، هڪ جهڙو نصاب خان صاحب جي پارٽي جو منشور جو حصو ٿي سگهي ٿو پر ملڪي دستور جو حصو ناهي

هن چيو ته سائنس جا سبجيڪٽ ملڪ ۾ هڪ جهڙو پڙهائي سگهجي ٿو، سائنس کان سواءِ جيڪي به مضمون آهن اهي صوبن کي اختيار هجڻ گهرجي ته صوبا ڪهڙا مضمون پڙهائڻ چاهين ٿا